096 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ 1ۚ
رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي نالي سان پڙهو، جنهن پيدا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ 2ۚ
انسان کي رت جي دِڳ مان پيدا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ 3ۙ
توهان پڙهو ۽ توهان جو رب وڏو ڪريم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ 4ۙ
اهو رب جنهن قلم سان (لِکڻ وغيره) سيکاريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ 5ۭ
انسان کي ان سيکاريو جيڪو اهو نه ڄاڻندو هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَلَّآ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَيَطْغٰٓى 6ۙ
خبردار ! بيشڪ انسان نافرماني ڪري ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَنْ رَّاٰهُ اسْتَغْنٰى 7ۭ
جنهن وقت اهو پاڻ کي غني ڏسي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ اِلٰى رَبِّكَ الرُّجْعٰى 8ۭ
بيشڪ (سڀني کي) توهان جي رب ڏانهن موٽڻو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَرَءَيْتَ الَّذِيْ يَنْهٰى 9ۙ
ڇا توهان ان ماڻهو کي نه ڏٺو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَبْدًا اِذَا صَلّٰى ۭ10
جيڪو رسولِ عربيءَ کي نماز پڙهڻ کان روڪي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَرَءَيْتَ اِنْ كَانَ عَلَي الْهُدٰٓى ۙ11
ڇا توهان ان کي نه ڏٺو جو جيڪڏهن اهو هدايت تي هجي ها
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰى ۭ12
يا پرهيزگاريءَ جو چوي ها
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَرَءَيْتَ اِنْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ13
ڇا توهان ان کي نه ڏٺو جو جنهن وقت ان تڪذيب ڪئي ۽ مُنهن موڙيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ يَعْلَمْ بِاَنَّ اللّٰهَ يَرٰى ۭ14
ڇا اهو نٿو ڄاڻي ته بيشڪ الله تعالى ڏسي پيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَلَّا لَىِنْ لَّمْ يَنْتَهِ ڏ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِيَةِ ۙ15
خبردار ! جيڪڏهن اهو باز نه آيو، ته اسين يقيناً ان کي پيشاني کان پڪڙينداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندينَاصِيَةٍ كَاذِبَةٍ خَاطِئَةٍ ۭ16
اها پيشاني جيڪا ڪوڙي آهي (۽) گنهگار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلْيَدْعُ نَادِيَهٗ ۙ17
پوءِ ڀلي اهو پنهنجي مجلس وارن کي پڪاري
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديسَـنَدْعُ الزَّبَانِيَةَ ۙ18
اسين به فوراً پنهنجي عذاب وارن ملائڪن کي سڏينداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَلَّا ۭ لَا تُطِعْهُ وَاسْجُدْ وَاقْتَرِبْ ڙ 19
خبردار ! ان جي ڪا ڳالهه نه ٻُڌو ۽ توهان (هميشه) سجدو ڪريو ۽ (مون کي) ويجھا ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي