091 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 15 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
وَالشَّمْسِ وَضُحٰىهَا ۽ 1
قسم آهي سِج جو ۽ ان جي روشني جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْقَمَرِ اِذَا تَلٰىهَا ۽ 2
قسم آهي چنڊ جو جڏهن مڪمل روشني ڪري ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالنَّهَارِ اِذَا جَلّٰىهَا ۽ 3
قسم آهي ڏينهن جو جڏهن اهو سج کي روشن ڪري ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاللَّيْلِ اِذَا يَغْشٰـىهَا ۽ 4
قسم آهي رات جو جڏهن اها سج کي لڪائي ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالسَّمَاۗءِ وَمَا بَنٰىهَا ۽ 5
قسم آهي آسمان جو ۽ ان جي بنائيندڙ جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْاَرْضِ وَمَا طَحٰىهَا ۽ 6
قسم آهي زمين جو ۽ ان جي پکيڙيندڙ جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَنَفْسٍ وَّمَا سَوّٰىهَا ۽ 7
قسم آهي انسان جو ۽ ان جي درست ڪندڙ جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَلْهَمَهَا فُجُوْرَهَا وَتَقْوٰىهَا ۽ 8
پوءِ ان جي برائي ۽ چڱائي ان جي دل ۾ وِڌائين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَكّٰىهَا ۽ 9
بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو شخص جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰـىهَا ۭ10
۽ بيشڪ ناڪام ٿيو اهو شخص جنهن پنهنجي نفس کي (گناهن ۾) لڪايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ بِطَغْوٰىهَآ ۽ 11
ثمود وارن پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري (پيغمبر (حضرت) صالح) کي نه مڃو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذِ انْۢبَعَثَ اَشْقٰىهَا ۽ 12
جڏهن اهو شخص (ڏاچي کي مارڻ لاءِ) اُٿيو جيڪو وڏو بدبخت هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَقَالَ لَهُمْ رَسُوْلُ اللّٰهِ نَاقَةَ اللّٰهِ وَسُقْيٰهَا ۭ13
پوءِ انهن کي (حضرت) صالح چيو الله جي ڏاچي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ جي واري کان پاسو ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَكَذَّبُوْهُ فَعَقَرُوْهَا ۱ فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُمْ بِذَنْۢبِهِمْ فَسَوّٰىهَا ۽ 14
پوءِ انهن ان کي ڪوڙو سمجھو، پوءِ انهن ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو، پوءِ انهن کي سندن رب سندن گناه جي ڪري هلاڪ ڪيو پوءِ انهن کي برابر ڪيائين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَا يَخَافُ عُقْبٰهَا ۧ15
۽ الله تعالى کي انهن جي تباهي جي پرواهه نه هئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي