090 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
لَآ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِ 1ۙ
قسم آهي مون کي هن عظمت واري شهر (مڪه مڪرمه) جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَنْتَ حِـۢلٌّ بِهٰذَا الْبَلَدِ 2ۙ
۽ رسولِ عربي توهان هن عظمت واري شهر ۾ رهندڙ آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَوَالِدٍ وَّمَا وَلَدَ 3ۙ
قسم آهي رسولِ عربي جو ۽ ان جي امت جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِيْ كَبَدٍ 4ۭ
بيشڪ تحقيق اسان انسان کي تڪليف لاءِ پيدا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَيَحْسَبُ اَنْ لَّنْ يَّقْدِرَ عَلَيْهِ اَحَدٌ 5ۘ
ڇا اهو (ڪافر) ڀانئين ٿو ته ڪوبه هڪڙو ان تي قادر نه ٿيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَقُوْلُ اَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا 6ۭ
اهو چوي ٿو مون تمام گھڻو مال وڃايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَيَحْسَبُ اَنْ لَّمْ يَرَهٗ ٓ اَحَدٌ 7ۭ
ڇا پوءِ اهو ڀانئي ٿو ته ان کي ڪوبه نٿو ڏسي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ عَيْنَيْنِ 8ۙ
ڇا اسان ان لاءِ ٻه اکيون پيدا نه ڪيون؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلِسَانًا وَّشَفَتَيْنِ 9ۙ
۽ زبان ۽ ٻه چپ پيدا نه ڪيا؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَهَدَيْنٰهُ النَّجْدَيْنِ ۚ10
۽ اسان ان کي (خير ۽ شر جون) ٻه واٽون نه ڏيکاريون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ ڮ 11
پوءِ عَقبه ۾ ٽپو نه ڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْعَقَبَةُ ۭ12
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته عَقبهه ڇا آهي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَكُّ رَقَبَةٍ ۙ13
ٻانهي کي آزاد ڪرڻ
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوْ اِطْعٰمٌ فِيْ يَوْمٍ ذِيْ مَسْغَبَةٍ ۙ14
يا بک واري ڏينهن طعام کارائڻ
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَّـتِيْمًـا ذَا مَقْرَبَةٍ ۙ15
ان يتيم کي جيڪو ويجھو مائٽ هجي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوْ مِسْكِيْنًا ذَا مَتْرَبَةٍ ۭ16
يا ان مسڪين کي جيڪو مِٽيءَ ۾ رهندڙ هجي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ كَانَ مِنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ ۭ17
پوءِ اهو اهڙن ماڻهن مان هجي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم و ڪرم جي وصيت ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ۭ18
اهي ساڄي پاسي وارا (بهشتي) آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِنَا هُمْ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ ۭ19
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو اهي کاٻي پاسي وارا (دوزخي) آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ ۧ20
انهن تي دم ڏنل باه هوندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي