086 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 17 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
وَالسَّمَاۗءِ وَالطَّارِقِ 1ۙ
قسم آهي آسمان جو ۽ قسم آهي طارق جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الطَّارِقُ 2ۙ
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته طارق ڇا آهي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالنَّجْمُ الثَّاقِبُ 3ۙ
(اهو هڪ) ٻرندڙ ستارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِـظٌ 4ۭ
هر انسان لاءِ هڪ مُحافظ (فرشتو) مقرر ڪيل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلْيَنْظُرِ الْاِنْسَانُ مِمَّ خُلِقَ 5ۭ
پوءِ انسان کي سوچڻ گھرجي ته ان کي ڇا مان خلقيو ويو آهي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخُلِقَ مِنْ مَّاۗءٍ دَافِقٍ 6ۙ
(اُن کي) هڪ ٽُپي واري پاڻي مان پيدا ڪيو ويو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَّخْرُجُ مِنْۢ بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَاۗىِٕبِ 7ۭ
جيڪو پٺن ۽ سينن جي وچان نڪري ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهٗ عَلٰي رَجْعِهٖ لَقَادِرٌ 8ۭ
بيشڪ اهو، ان جي موٽائڻ تي يقيناً قادر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ تُبْلَى السَّرَاۗىِٕرُ 9ۙ
جنهن ڏينهن مخفي رازن جي جانچ ڪئي ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَـمَا لَهٗ مِنْ قُوَّةٍ وَّلَا نَاصِرٍ ۭ10
پوءِ (قيامت جي انڪار ڪندڙن لاءِ) ڪابه قوت ۽ ڪوبه مددگار نه هوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الرَّجْعِ ۙ11
قسم آهي آسمان جو جيڪو مِينهن وسائي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْاَرْضِ ذَاتِ الصَّدْعِ ۙ12
قسم آهي زمين جو جيڪا سَلا ڄمائي ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهٗ لَقَوْلٌ فَصْلٌ ۙ13
بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) فيصله ڪُن قول آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّمَا هُوَ بِالْهَزْلِ ۭ14
۽ اهو (قرآن ڪريم) ڪا مذاق ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهُمْ يَكِيْدُوْنَ كَيْدًا ۙ15
بيشڪ اهي (ڪفارِ مڪه) چڱيءَ طرح اٽڪلون ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّاَكِيْدُ كَيْدًا ښ 16
۽ آئون انهن کي اٽڪلن جي جزا ڏيان ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَمَــهِّلِ الْكٰفِرِيْنَ اَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا ۧ17
پوءِ رسولِ عربي توهان ڪافرن کي ڍر ڏيو (۽) انهن کي ٿوري مهلت ڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي