084 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 25 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اِذَا السَّمَاۗءُ انْشَقَّتْ 1ۙ
جنهن وقت آسمان چيرجي پوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 2ۙ
۽ اهو پنهنجي رب جو حڪم مڃيندو ۽ آسمان جو حق به اهو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الْاَرْضُ مُدَّتْ 3ۙ
۽ جنهن وقت زمين هموار ڪئي ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَلْقَتْ مَا فِيْهَا وَتَخَلَّتْ 4ۙ
۽ زمين اڇليندي جيڪو ان ۾ هوندو ۽ اها خالي ٿيندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ 5ۭ
۽ اها پنهنجي رب جو حڪم مڃيندي ۽ ان جو حق به اهو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِيْهِ 6ۚ
اي انسان بيشڪ تون مرڻ تائين (نيڪي ۽ بديءَ جي) چڱي طرح ڪوشش ڪندڙ آهين پوءِ توکي ان جي جزا ملندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ 7ۙ
پوءِ پر اهو ماڻهو جنهنکي پنهنجو عمل نامون پنهنجي سڄي هٿ ۾ ڏنو ويو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَّسِيْرًا 8ۙ
پوءِ جلد ان کان تمام آسان حساب ورتو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّيَنْقَلِبُ اِلٰٓى اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا 9ۭ
۽ اهو پنهنجي اهل ڏانهن خوش ٿي موٽندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ وَرَاۗءَ ظَهْرِهٖ ۙ10
۽ پر اهو ماڻهو جنهنکي سندس عمل نامون پٺن جي پويان ڏنو ويو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَسَوْفَ يَدْعُوْا ثُبُوْرًا ۙ11
پوءِ جلد اهو پنهنجي لاءِ هلاڪت طلب ڪندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّيَصْلٰى سَعِيْرًا ۭ12
۽ اهو ڀڙڪِي ڏيندڙ باه ۾ پوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهٗ كَانَ فِيْٓ اَهْلِهٖ مَسْرُوْرًا ۭ13
بيشڪ اهو (دنيا ۾) پنهنجي اهل ۾ خوش رهندو هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهٗ ظَنَّ اَنْ لَّنْ يَّحُوْرَ ڔ 14
بيشڪ اهو گمان ڪندو هو ته کيس هرگز نه موٽايو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلٰٓى ڔ اِنَّ رَبَّهٗ كَانَ بِهٖ بَصِيْرًا ۭ15
ها! واپسي يقيني آهي. بيشڪ ان جو رب ان کي ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَآ اُقْسِمُ بِالشَّفَقِ ۙ16
پوءِ مون کي قسم آهي ان اڇاڻ جو جيڪا سج لهڻ کان پوءِ آسمان تي ٿيندي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّيْلِ وَمَا وَسَقَ ۙ17
۽ قسم آهي رات جو ۽ جيڪي شيون ان ۾ گڏ ٿين ٿيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْقَمَرِ اِذَا اتَّسَقَ ۙ18
۽ قسم آهي چنڊ جو جڏهن ان جي چانڊوڪي مڪمل ٿئي ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ ۭ19
ته توهان يقيناً هڪ منزل کان ٻي منزل تي سوار ٿيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَـمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۙ20
پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو اهي ايمان نٿا آڻن؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي