081 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ ۽ 1
جنهن وقت سج بي نور ڪيو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا النُّجُوْمُ انْكَدَرَتْ ۽ 2
۽ جنهن وقت تارا ڪري پوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الْجِبَالُ سُيِّرَتْ 3
۽ جنهن وقت جبل هَلايا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ ۽ 4
۽ جنهن وقت ڏهن مهينن جون ڍڪيون ڏاچيون کوليون وينديون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الْوُحُوْشُ حُشِرَتْ ۽ 5
۽ جنهن وقت وحشي جانور گڏ ڪيا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الْبِحَارُ سُجِّرَتْ ۽ 6
۽ جنهن وقت سمنڊ (سڀني سمنڊن کي ملائي) ڀريو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا النُّفُوْسُ زُوِّجَتْ ۽ 7
۽ جنهن وقت هر قسم جي ماڻهن کي ان قسم جي ماڻهن سان ملايو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الْمَوْءٗدَةُ سُىِٕلَتْ ۽ 8
۽ جنهن وقت زندهه دفن ڪيل ڇوڪريءَ کان پڇيو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ 9ۚ
ته توکي ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الصُّحُفُ نُشِرَتْ ۽ 10
۽ جنهن وقت اعمال نامان کوليا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا السَّمَاۗءُ كُشِطَتْ ۽ 11
۽ جنهن وقت آسمان (پنهنجي جاءِ تان) اکوڙيو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الْجَــحِيْمُ سُعِّرَتْ ۽ 12
۽ جنهن وقت جهنم چڱيءَ طرح ٻاري ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الْـجَنَّةُ اُزْلِفَتْ ۽ 13
۽ جنهن وقت جنت (پرهيزگارن لاءِ) ويجھي ڪئي ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّآ اَحْضَرَتْ ۭ14
(ان وقت) هر انسان سمجھندو جيڪو ان حاضر ڪيو هوندو (نيڪي يا برائي)
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَآ اُقْسِمُ بِالْخُنَّسِ ۙ15
پوءِ مون کي قسم آهي انهن پنجن سِتارن جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالْجَوَارِ الْكُنَّسِ ۙ16
جيڪي هلي واپس موٽن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّيْلِ اِذَا عَسْعَسَ ۙ17
۽ قسم آهي ان رات جو جڏهن اها اونداهي آڻي ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالصُّبْحِ اِذَا تَنَفَّسَ ۙ18
۽ قسم آهي صبح جو جڏهن ان جي روشني پکڙجي ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهٗ لَقَوْلُ رَسُوْلٍ كَرِيْمٍ ۙ19
بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) قابلِ احترام رسول جو پڙهڻ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذِيْ قُوَّةٍ عِنْدَ ذِي الْعَرْشِ مَكِيْنٍ ۙ20
جيڪو وڏي قوت وارو (۽) عرشِ عظيم جي مالڪ وٽ قابلِ احترام آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي