008 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يَسْــــَٔـلُوْنَكَ عَنِ الْاَنْفَالِ ۭ قُلِ الْاَنْفَالُ لِلّٰهِ وَالرَّسُوْلِ ۚ فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَاَصْلِحُوْا ذَاتَ بَيْنِكُمْ ۠ وَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ٓ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 1
رسولِ عربي توهان کان مالِ غنيمت بابت سوال ڪن ٿا، توهان فرمايو مالِ غنيمت الله ۽ الله جي رسول جو آهي، پوءِ توهان الله کان خوف ڪريو ۽ پنهنجي معاملن ۾ اصلاح ڪريو ۽ الله ۽ الله جي رسول جي تابعداري ڪريو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَجِلَتْ قُلُوْبُهُمْ وَاِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ اٰيٰتُهٗ زَادَتْهُمْ اِيْـمَانًا وَّعَلٰي رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُوْنَ ښ 2
ڪامل مؤمن اهي آهن جو جڏهن انهن جي اڳيان الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون خوف ڪن ٿيون ۽ جنهن وقت انهن تي الله جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته سندن ايمان زياده ٿئي ٿو ۽ اهي پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۭ
اهي (مؤمن) نماز پڙهن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي رزق ڏنو آهي انهي مان خرچ ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُؤْمِنُوْنَ حَقًّا ۭ لَهُمْ دَرَجٰتٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَمَغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْـمٌ 4ۚ
اهي ئي سچا مؤمن آهن، انهن لاءِ سندن رب وٽ (بهشت ۾) درجا آهن ۽ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَــمَآ اَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنْۢ بَيْتِكَ بِالْـحَقِّ ۠ وَاِنَّ فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ لَكٰرِهُوْنَ 5ۙ
جهڙي طرح توهان کي توهان جي رب مدينه منوره مان ٻاهر آندو، ۽ بيشڪ هڪ جماعت مؤمنن مان انهي ۾ ناخوش آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُـجَادِلُوْنَكَ فِي الْـحَقِّ بَعْدَمَا تَبَيَّنَ كَاَنَّـمَا يُسَاقُوْنَ اِلَى الْمَوْتِ وَهُمْ يَنْظُرُوْنَ 6ۭ
سچي ڳالهه تي توهان سان بحث ڪن ٿا ان کان پوءِ جو ڳالهه ظاهر ٿي گوياڪ اهي موت ڏانهن هڪليا وڃن ٿا حالانڪ اهي ڏسي رهيا آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذْ يَعِدُكُمُ اللّٰهُ اِحْدَى الطَّاۗىِٕفَتَيْنِ اَنَّهَا لَكُمْ وَتَوَدُّوْنَ اَنَّ غَيْرَ ذَاتِ الشَّوْكَةِ تَكُوْنُ لَكُمْ وَيُرِيْدُ اللّٰهُ اَنْ يُّـحِقَّ الْـحَقَّ بِكَلِمٰتِهٖ وَيَقْطَعَ دَابِرَ الْكٰفِرِيْنَ 7ۙ
۽ ياد ڪريو جنهن وقت الله توهان کي وعدو ڏنو ٻن گروهن مان هڪڙي جو، بيشڪ اهو توهان لاءِ آهي ۽ توهان جي تمنا هئي ته غير مسلح جٿو توهان کي هٿ ۾ اچي ۽ الله چاهي ٿو ته پنهنجي حق سان حق کي غالب ڪري ۽ ڪافرن جون پاڙون ڪٽي ڇڏي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِيُحِقَّ الْـحَقَّ وَيُبْطِلَ الْبَاطِلَ وَلَوْ كَرِهَ الْمُجْرِمُوْنَ 8ۚ
انهي لاءِ ته حق کي ظاهر ڪري ۽ ڪفر کي باطل ڪري جيتوڻيڪ مجرم انهيءَ کي ناپسند ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ تَسْتَغِيْثُوْنَ رَبَّكُمْ فَاسْتَجَابَ لَكُمْ اَنِّىْ مُـمِدُّكُمْ بِاَلْفٍ مِّنَ الْمَلٰۗىِٕكَةِ مُرْدِفِيْنَ 9
جنهن وقت توهان پنهنجي رب کان مدد طلب ڪئي پوءِ الله توهان جي دعا قبول فرمائي الله فرمايو بيشڪ آئون توهان جي هڪ هزار صِفون ٻڌل ملائڪن سان مدد ڪندڙ آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا جَعَلَهُ اللّٰهُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِهٖ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَمَا النَّصْرُ اِلَّامِنْ عِنْدِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَزِيْزٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ نه بنايو الله (فرشتن جي نُزول کي) مگر مبارڪ ۽ انهي لاءِ ته توهان جون دليون مطمئن ٿين، ۽ ناهي مدد مگر الله جي طرفان بيشڪ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ يُغَشِّيْكُمُ النُّعَاسَ اَمَنَةً مِّنْهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيْكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لِّيُطَهِّرَكُمْ بِهٖ وَيُذْهِبَ عَنْكُمْ رِجْزَ الشَّيْطٰنِ وَلِيَرْبِطَ عَلٰي قُلُوْبِكُمْ وَيُثَبِّتَ بِهِ الْاَقْدَامَ ۭ11
جنگِ بدر جي موقعي تي توهان کي ننڊ جا جھوٽا اچي رهيا هئا اها الله جي طرفان تسڪين هئي ۽ الله توهان تي آسمان تان مينهن نازل فرمايو انهي لاءِ ته توهان کي ان سان پاڪ ڪري ۽ پري ٿين توهان کان شيطان جا وسوسا ۽ انهي لاءِ ته توهان جون دليون مضبوط ٿين ۽ توهان جا پير پختا ٿين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ يُوْحِيْ رَبُّكَ اِلَى الْمَلٰۗىِٕكَةِ اَنِّىْ مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۭسَاُلْقِيْ فِيْ قُلُوْبِ الَّذِيْنَ كَفَرُوا الرُّعْبَ فَاضْرِبُوْا فَوْقَ الْاَعْنَاقِ وَاضْرِبُوْا مِنْهُمْ كُلَّ بَنَانٍ ۭ12
توهان ياد ڪريو جنهن وقت الله وحي موڪلي فرشتن ڏانهن ته بيشڪ آئون توهان جو مددگار آهيان پوءِ مؤمن ثابت قدم رکن، اسين جلدي ڪافرن جي دلين ۾ رعب وجھنداسين پوءِ توهان ڪافرن جي ڪنڌن تي (تلوار جا) ڌڪ هڻو ۽ انهن جي هر سنڌ تي ڌڪ هڻو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاقِقِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 13
اهو عذاب انهي سببان آهي جو تحقيق انهن الله ۽ الله جي رسول جي نافرماني ڪئي ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ الله جي رسول جي نافرماني ڪندو پوءِ بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكُمْ فَذُوْقُوْهُ وَاَنَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابَ النَّارِ 14
اهو عذاب توهان چکو ۽ بيشڪ ڪافرن لاءِ باه جو عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا زَحْفًا فَلَا تُوَلُّوْهُمُ الْاَدْبَارَ ۚ15
اي مؤمنو جنهن وقت توهان سامهون ٿيو انهن ماڻهن جي لشڪر سان جن ڪفر ڪيو پوءِ توهان انهن کي پٺ نه ڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَنْ يُّوَلِّهِمْ يَوْمَىِٕذٍ دُبُرَهٗ ٓ اِلَّا مُتَحَرِّفًا لِّقِتَالٍ اَوْ مُتَحَيِّزًا اِلٰي فِئَةٍ فَقَدْ بَاۗءَ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَمَاْوٰىهُ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 16
۽ جيڪو ماڻهو انهن کي پٺ ڏيندو سواءِ جنگي حِرفت جي يا پوئتي هٽي اچي مؤمنن سان ملي، پوءِ بيشڪ اهو وريو الله جي غضب ڏانهن ۽ ان جي جاءِ جهنم آهي ۽ تمام خراب جاءِ آهي موٽڻ جي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَمْ تَقْتُلُوْهُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ قَتَلَهُمْ ۠ وَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ رَمٰى ۚ وَلِيُبْلِيَ الْمُؤْمِنِيْنَ مِنْهُ بَلَاۗءً حَسَـنًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 17
پوءِ هرگز توهان انهن ( ڪافرن) کي قتل نه ڪيو پر الله انهن کي قتل ڪيو ۽ رسولِ عربي (ڪافرن کي) منهن ۾ مٽي نه هنئين پر الله انهن جي منهن ۾ مٽي وڌي انهي لاءِ ته پنهنجي طرفان مؤمنن تي عظيم احسان فرمائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكُمْ وَاَنَّ اللّٰهَ مُوْهِنُ كَيْدِ الْكٰفِرِيْنَ 18
اهو ان لاءِ آهي ته بيشڪ الله ڪافرن جي رٿ کي ڪمزور ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنْ تَسـْتَفْتِحُوْا فَقَدْ جَاۗءَكُمُ الْفَتْحُ ۚ وَاِنْ تَنْتَهُوْا فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۚ وَاِنْ تَعُوْدُوْا نَعُدْ ۚ وَلَنْ تُغْنِيَ عَنْكُمْ فِئَتُكُمْ شَـيْــــًٔـا وَّلَوْ كَثُرَتْ ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ مَعَ الْمُؤْمِنِيْنَ ۧ19
جيڪڏهن توهان الله کان فتح طلب ڪئي پوءِ بيشڪ الله توهان کي فتح عطا ڪئي ۽ جيڪڏهن (اهي ڪافر) روڪجن ته انهن لاءِ اهو بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن اهي موٽيا ( جنگ لاءِ) ته اسين به مسلمانن کي فتح ڏينداسين ۽ انهن کي سندن گروه ڪو فائدو نه ڏيندو اگرچه گھڻا هجن ۽ بيشڪ الله مؤمنن سان گڏ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَلَا تَوَلَّوْا عَنْهُ وَاَنْتُمْ تَسْمَعُوْنَ ښ 20
اي مؤمنو توهان الله ۽ الله جي رسول جي تابعداري ڪريو ، ۽ الله جي حڪم کان انڪار نه ڪريو حالانڪ توهان قرآن ٻڌو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي