079 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 46 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
وَالنّٰزِعٰتِ غَرْقًا 1ۙ
قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي سختي سان (ڪافرن جا) ساهه ڪڍن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّالنّٰشِطٰتِ نَشْطًا 2ۙ
قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي نرمي سان (مؤمنن جا) ساهه ڪڍن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّالسّٰبِحٰتِ سَبْحًا 3ۙ
قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي تيزي سان لهن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًا 4ۙ
پوءِ قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي مؤمنن جا روح جنت ۾ پهچائن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًا 5ۘ
پوءِ قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي حڪم مطابق انتظام هلائن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ 6ۙ
ان ڏينهن پهرين ڦوڪ ڦوڪي ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ 7ۭ
ان کان پويان ٻي ڦوڪ ڦوڪي ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلُوْبٌ يَّوْمَىِٕذٍ وَّاجِفَةٌ 8ۙ
ان ڏينهن دليون ڏڪندڙ هونديون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ 9ۘ
اکيون هيٺ جھڪيل هونديون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَقُوْلُوْنَ ءَاِنَّا لَمَرْدُوْدُوْنَ فِي الْحَافِرَةِ ۭ10
اهي (ڪافر) چوندا ڇا بيشڪ اسين پهرين حالت ۾ موٽايا وينداسين؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديءَاِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً ۭ11
ڇا جنهن وقت اسين ڳريل هڏا هونداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا تِلْكَ اِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ ۘ12
چوندا ان وقت اهو موٽڻ (اسان لاءِ) نقصانده آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِنَّـمَا ھِيَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ ان لاءِ فقط هڪ هَڪل ٿيندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِذَا هُمْ بِالسَّاهِرَةِ ۭ14
پوءِ اهي ان وقت کليل ميدان ۾ (زنده ٿي) پهچندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى ۘ15
ڇا توهان وٽ موسيٰ جي ڳالهه پهتي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ نَادٰىهُ رَبُّهٗ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۚ16
جنهن وقت ان کي سندس رَبَّ طور سينا جي مُقدس وادي ۾ پُڪاريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْهَبْ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰى ڮ 17
ته تون فرعون ڏانهن وڃ بيشڪ اهو (ڪفر ۽ فساد ۾) حد کان وڌي ويو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَقُلْ هَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى ۙ18
پوءِ تون ان کي چئو ته ڇا تون پاڪ ۽ صاف ٿيڻ گھرين ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَهْدِيَكَ اِلٰى رَبِّكَ فَتَخْشٰى ۚ19
۽ آئون توکي تنهنجي رب ڏانهن رستو ڏيکاريان ٿو پوءِ تون (ان جي عذاب کان) خوف ڪر
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَرٰىهُ الْاٰيَةَ الْكُبْرٰى ڮ 20
پوءِ موسيٰ ان کي هڪ وڏي نشاني ڏيکاري
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي