078 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
عَمَّ يَتَسَاۗءَلُوْنَ 1ۚ
(اهي قريش قوم وارا) پاڻ ۾ ڪهڙا سوال ڪري رهيا آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَنِ النَّبَاِ الْعَظِيْمِ 2ۙ
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْ هُمْ فِيْهِ مُخْـتَلِفُوْنَ 3ۭ
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 4ۙ
خبردار! اهي جلد ڄاڻندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 5
ان کان پوءِ خبردار! اهي جلد ڄاڻندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا 6ۙ
ڇا اسان توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو نه بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّالْـجِبَالَ اَوْتَادًا ۽ 7
۽ جبلن کي ميخون نه بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّخَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًا 8ۙ
۽ اسان توهان کي مذڪر ۽ مؤنث بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا 9ۙ
۽ اسان توهان جي ننڊ کي توهان لاءِ آرام بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّجَعَلْنَا الَّيْلَ لِبَاسًا ۙ10
۽ اسان رات کي لباس بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا ۠11
۽ اسان ڏينهن کي روزگار لاءِ بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا ۙ12
۽ اسان توهان جي مٿان سَتَ سخت آسمان بنايا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّجَعَلْنَا سِرَاجًا وَّهَّاجًا ۽ 13
۽ اسان سج کي گرمي ڏيندڙ ۽ روشني ڪندڙ بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّاَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْــصِرٰتِ مَاۗءً ثَجَّاجًا ۙ14
۽ اسان ڪڪرن مان مِينهن نازل ڪيو جيڪو گھڻو وسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِّنُخْرِجَ بِهٖ حَبًّا وَّنَبَاتًا ۙ15
تہ ان سان اَن ۽ سَلا ڄمايون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّجَنّٰتٍ اَلْفَافًا ۭ16
۽ گھاٽاباغ (بہ)
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيْقَاتًا ۙ17
بيشڪ فيصلي جي ڏينهن جو وقت مقرر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَّوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًا ۙ18
ان ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ توهان فوجن جي صورت ۾ ايندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّفُتِحَتِ السَّمَاۗءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًا ۙ19
۽ آسمان کوليو ويندو پوءِ اهو دروازا ٿي پوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا ۭ20
۽ جبلن کي (فضا ۾) هلايو ويندو پوءِ اُهي رُڃ وانگر چمڪندڙ هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي