077 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 50 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
وَالْمُرْسَلٰتِ عُرْفًا 1ۙ
قسم آهي انهن (هوائن جو) جيڪي لاڳيتيون موڪليون وڃن ٿيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًا 2ۙ
پوءِ قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي زور سان لڳن ٿيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّالنّٰشِرٰتِ نَشْرًا 3ۙ
۽ قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي ڪڪرن کي مٿي کڻندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًا 4ۙ
پوءِ قسم آهي قرآن ڪريم جو جيڪو حق ۽ باطل ۾ فرق ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْمُلْقِيٰتِ ذِكْرًا 5ۙ
پوءِ قسم آهي انهن ملائڪن جو جيڪي رسولن ڏانهن پيغام کڻي اچن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعُذْرًا اَوْ نُذْرًا 6ۙ
مخلوق جي عذرن ختم ڪرڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَوَاقِـعٌ 7ۭ
(جنهن قيامت جو) توهان کي وعدو ڏنو ويو آهي اُها يقيناً ايندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِذَا النُّجُوْمُ طُمِسَتْ 8ۙ
پوءِ جنهن وقت تارا ميٽيا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا السَّمَاۗءُ فُرِجَتْ 9ۙ
۽ جنهن وقت آسمان کوليو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الْجِبَالُ نُسِفَتْ ۙ10
۽ جنهن وقت جبل اُکيڙيا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا الرُّسُلُ اُقِّتَتْ ۭ11
۽ جنهن وقت پيغمبر پنهنجي اُمتن تي شاهدي لاءِ موجود ڪيا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِاَيِّ يَوْمٍ اُجِّلَتْ ۭ12
ڪهڙي ڏينهن لاءِ روڪيا ويا؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِيَوْمِ الْفَصْلِ ۚ13
فيصلي جي ڏينهن لاءِ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الْفَصْلِ ۭ14
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته فيصلي وارو ڪهڙو ڏينهن آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 15
ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ نُهْلِكِ الْاَوَّلِيْنَ ۭ16
ڇا اسان پهرين (قومن) کي هلاڪ نه ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ نُتْبِعُهُمُ الْاٰخِرِيْنَ 17
ان کان پوءِ پوين کي انهن جي پويان نه آندوسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَذٰلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِيْنَ 18
اسين مجرمن سان ايئن ڪريون ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ 19
ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ نَخْلُقْكُّمْ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ ۙ20
ڇا اسان توهان کي حقير پاڻيءَ مان پيدا نه ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي