076 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 31 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
هَلْ اَتٰى عَلَي الْاِنْسَانِ حِيْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْـــًٔا مَّذْكُوْرًا 1
بيشڪ انسان تي هڪ اهو وقت گذريو جو (ان دوران) سندس نالو ئي مذڪور نه هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّا خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ اَمْشَاجٍ ڰ نَّبْتَلِيْهِ فَجَعَلْنٰهُ سَمِيْعًۢا بَصِيْرًا 2
بيشڪ اسان انسان کي هڪ گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو (ان لاءِ ته) اسين ان کي آزمايون پوءِ اسان ان کي سَمِيع (ٻڌندڙ ۽) بَصِير (ڏسندڙ) ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّا هَدَيْنٰهُ السَّبِيْلَ اِمَّا شَاكِرًا وَّاِمَّا كَفُوْرًا 3
بيشڪ اسان ان کي واٽ ڏيکاري يا اهو شاڪر (مؤمن) ٿيو يا اهو ناشڪر (ڪافر) ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَلٰسِلَا۟ وَاَغْلٰلًا وَّسَعِيْرًا 4
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجيرون، ڳرٽ ۽ ٻرندڙ باه تيار ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الْاَبْرَارَ يَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًا 5ۚ
۽ بيشڪ نيڪ ٻانهان هڪ پيالو پيئندا جنهن جو ذائقو ڪافور جو هوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَيْنًا يَّشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللّٰهِ يُفَجِّرُوْنَهَا تَفْجِيْرًا 6
(بهشت ۾) ڪافور جو هڪ چشمون هوندو جو ان مان الله تعالى جا مقرب بندا پيئندا، پنهنجي محلن ۾ جتي چاهيندا اُتي اُن جو پاڻي وهائي پهچائيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُوْفُوْنَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُوْنَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهٗ مُسْـتَطِيْرًا 7
اهي پنهنجا نذر پورا ڪن ٿا ۽ اهي ان ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جو شر گھڻو پکڙيل هوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰي حُبِّهٖ مِسْكِيْنًا وَّيَـتِـيْمًا وَّاَسِيْرًا 8
۽ اهي مسڪينن ۽ يتيمن ۽ قيدين کي پنهنجي محبت سان طعام کارائن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا نُـطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِيْدُ مِنْكُمْ جَزَاۗءً وَّلَا شُكُوْرًا 9
(اهي چون ٿا) اسين توهان کي خدا ڪارڻ کارايون ٿا، اسين توهان کان ان جي جزا ۽ شڪرگذاري نٿا چاهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّا نَخَافُ مِنْ رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوْسًا قَمْطَرِيْرًا 10
بيشڪ اسين پنهنجي رب کان اُن ڏينهن جو خوف ڪريون ٿا جيڪو سخت (۽) بيحد سخت هوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَوَقٰىهُمُ اللّٰهُ شَرَّ ذٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقّٰىهُمْ نَضْرَةً وَّسُرُوْرًا ۚ11
پوءِ الله تعالى انهن کي ان ڏينهن جي شر کان بچايو ۽ انهن کي تازگي ۽ سُرور عطا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَزٰىهُمْ بِـمَا صَبَرُوْا جَنَّةً وَّحَرِيْرًا ۙ12
۽ کين سندن صبر جي ڪري جنت ۽ ريشمي لباس مليو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمُّتَّكِــــِٕيْنَ فِيْهَا عَلَي الْاَرَاۗىِٕكِ ۚ لَا يَرَوْنَ فِيْهَا شَمْسًا وَّلَا زَمْهَرِيْرًا ۚ13
اهي بهشت ۾ تختن کي ٽيڪون ڏيئي ويهندڙ هوندا، ان ۾ سخت گرمي ۽ سخت سردي کي نه ڏسندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلٰلُهَا وَذُلِّـلَتْ قُـطُوْفُهَا تَذْلِيْلًا 14
انهن کي بهشتي وڻن جا سايا قريب هوندا ۽ انهن جا ميوا بيحد آساني سان حاصل ڪري سگھندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِاٰنِيَةٍ مِّنْ فِضَّةٍ وَّاَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَا۩رِيْرَا۟ ۙ15
۽ انهن جي خدمت ۾ چانديءَ جا ٿانو ۽ مگ پيش ڪيا ويندا جيڪي شيشي جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَوَا۩رِيْرَا۟ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوْهَا تَقْدِيْرًا 16
اُهي هوندا چانديءَ جا پر شيشي وانگر شفاف هوندا. انهن کي پوري اندازي سان پيش ڪندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيُسْقَوْنَ فِيْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِيْلًا ۚ17
بهشت ۾ اهو جام پياريندا جو ان جو ذائقو ادرڪ جهڙو هوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَيْنًا فِيْهَا تُسَمّٰى سَلْسَبِيْلًا 18
ان ۾ هڪ چشمون ادرڪ جو آهي جنهنجو نالو سلسبيل رکيو ويو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۚ اِذَا رَاَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنْثُوْرًا 19
انهن جي خدمت لاءِ ڇوڪرا هوندا جن کي فنا نه هوندو، جنهن وقت توهان انهن کي ڏسندا ته توهان انهن کي پکڙيل موتي ڀانئيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا رَاَيْتَ ثَمَّ رَاَيْتَ نَعِيْمًا وَّمُلْكًا كَبِيْرًا 20
۽ بهشت ۾ تون (اي مخاطب) ان وقت چوڌاري گھڻيون نعمتون ۽ شاهي مُلڪ ڏسندين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي