075 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
لَآ اُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيٰمَةِ 1ۙ
مون کي قسم آهي قيامت جي ڏينهن جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَآ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ 2ۭ
۽ مون کي قسم آهي ان نفس جو جيڪو (پاڻ کي) گھڻي ملامت ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗ 3ۭ
ڇا انسان (ڪافر) ڀانئي ٿو ته اسين هرگز اُن جا هَڏا گڏ نه ڪنداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلٰى قٰدِرِيْنَ عَلٰٓي اَنْ نُّسَوِّيَ بَنَانَهٗ 4
ها ! اسين اُن جي آڱرين جي هڏين برابر ڪرڻ تي به قادر آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلْ يُرِيْدُ الْاِنْسَانُ لِيَفْجُرَ اَمَامَهٗ 5ۚ
بلڪ انسان گناهن تي هميشگي ڪرڻ چاهي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَسْــَٔـلُ اَيَّانَ يَوْمُ الْقِيٰمَةِ 6ۭ
اهو سوال ڪري ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ 7ۙ
پوءِ جڏهن اک (خوف کان) حيران ٿيندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَخَسَفَ الْقَمَرُ 8ۙ
۽ چنڊ بي نور ٿيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ 9ۙ
۽ سج ۽ چنڊ گڏ ڪيا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَقُوْلُ الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍ اَيْنَ الْمَفَرُّ ۚ10
ان ڏينهن انسان چوندو فرار ٿيڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَلَّا لَا وَزَرَ ۭ11
خبردار ! ڪابه پناه جي جاءِ نه هوندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِلٰى رَبِّكَ يَوْمَىِٕذِ ۨالْمُسْتَــقَرُّ ۭ12
ان ڏينهن توهان جي رب ڏانهن موٽڻ جي جاءِ هوندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ يَوْمَىِٕذٍۢ بِـمَا قَدَّمَ وَاَخَّرَ ۭ13
ان ڏينهن انسان کي سندس اڳيان پويان عمل ٻڌايا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰي نَفْسِهٖ بَصِيْرَةٌ ۙ14
بلڪ انسان پنهنجي نفس کي پاڻ چڱيءَ طرح ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّلَوْ اَلْقٰى مَعَاذِيْرَهٗ ۭ15
جيتوڻيڪ اهو پنهنجا عذر پيش ڪندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَا تُحَرِّكْ بِهٖ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهٖ ۭ16
رسولِ عربي توهان پنهنجي مقدس زبان کي (وحي رباني جي تڪميل کان اڳ ۾) تڪڙ ڪري نه هلايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهٗ وَقُرْاٰنَهٗ ښ 17
بيشڪ (اُن کي) توهان جي سيني ۾ جمع ڪرائڻ ۽ زبان سان قرائت ڪرائڻ جو ذمون اسان تي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِذَا قَرَاْنٰهُ فَاتَّبِـــعْ قُرْاٰنَهٗ ۚ18
پوءِ جڏهن اسين ان کي پڙهي مڪمل ڪريون پوءِ توهان اُن پڙهيل جي تابعداري ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ اِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهٗ ۭ19
ان کان پوءِ بيشڪ اسان جي ذمي ان جو بيان آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَلَّا بَلْ تُحِبُّوْنَ الْعَاجِلَةَ ۙ20
خبردار! بلڪ توهان (ڪافر) دنيا سان محبت رکو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي