074 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 56 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّر 1ۙ
اي نبوت جي چادر ڍڪيندڙ حبيب
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُمْ فَاَنْذِرْ ۽ 2
توهان اُٿو پوءِ توهان (پنهنجي قوم کي) ڊيـڄاريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَرَبَّكَ فَكَبِّرْ ۽ 3
۽ توهان پنهنجي رب جي وڏائي بيان ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ ۽ 4
۽ توهان پنهنجا ڪپڙا پاڪ رکو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ ۽ 5
۽ بُتن کان پري رهو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَا تَمْنُنْ تَسْتَكْثِرُ ۽ 6
۽ زياده حاصل ڪرڻ لاءِ (ڪنهن تي) ٿورو نه ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلِرَبِّكَ فَاصْبِرْ 7ۭ
۽ پنهنجي رب لاءِ توهان صبر ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُوْرِ 8
پوءِ جڏهن صُور ڦوڪي ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَذٰلِكَ يَوْمَىِٕذٍ يَّوْمٌ عَسِيْرٌ 9ۙ
پوءِ اهو ڏينهن، ڏکيو ڏينهن آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَلَي الْكٰفِرِيْنَ غَيْرُ يَسِيْرٍ 10
(اهو) ڪافرن تي آسان ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذَرْنِيْ وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيْدًا ۙ11
توهان مون کي ان ماڻهو سان گڏ ڇڏيو جيڪو مون اڪيلو پيدا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّجَعَلْتُ لَهٗ مَالًا مَّمْدُوْدًا ۙ12
۽ مون ان لاءِ گھڻو مال پيدا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّبَنِيْنَ شُهُوْدًا ۙ13
۽ وٽس پُٽ موجود آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّمَهَّدْتُّ لَهٗ تَمْهِيْدًا ۙ14
۽ مون ان لاءِ (جاه و جلال) جو سامان مهيا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ يَطْمَعُ اَنْ اَزِيْدَ ڎ 15
ان کان پوءِ اهو طمع ڪري ٿو ته انهن ۾ زيادتي ٿئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَلَّا ۭ اِنَّهٗ كَانَ لِاٰيٰتِنَا عَنِيْدًا ۭ16
هرگز ايئن نه ٿيندو، بيشڪ اهو اسان جي آيتن جو سخت مخالف آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديسَاُرْهِقُهٗ صَعُوْدًا ۭ17
اسين جلد ان کي باه جي جبل تي چاڙهينداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهٗ فَكَّرَ وَقَدَّرَ ۙ18
بيشڪ اُن (قرآن ڪريم تي اعتراض ڪرڻ لاءِ) فڪر ڪيو ۽ اندازو ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ19
پوءِ ان تي لعنت موڪلي وئي ان لاءِ جيڪو اندازو ڪيائين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ20
ان کان پوءِ ان تي لعنت موڪلي وئي ان لاءِ جيڪو اندازو ڪيائين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي