073 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 20 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يٰٓاَيُّهَا الْمُزَّمِّلُ 1ۙ
اي نبوت جي چادر ڍڪيندڙ حبيب
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُمِ الَّيْلَ اِلَّا قَلِيْلًا 2ۙ
توهان رات جو ٿورو حصو (عبادت لاءِ) اُٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندينِّصْفَهٗ ٓ اَوِ انْقُصْ مِنْهُ قَلِيْلًا 3ۙ
اڌ حصو يا اُن کان ڪُجھه گھٽ حصو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوْ زِدْ عَلَيْهِ وَرَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِيْلًا 4ۭ
يا ڪجھه ان کان زياده ڪريو (مطلب ته توهان کي اختيار آهي) ۽ توهان قرآن ڪريم چـڱي طرح جھَلي جھَلي پڙهو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّا سَنُلْقِيْ عَلَيْكَ قَوْلًا ثَـقِيْلًا 5
بيشڪ اسين توهان تي قرآن ڪريم نازل ڪنداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ نَاشِئَةَ الَّيْلِ هِيَ اَشَدُّ وَطْـاً وَّاَقْوَمُ قِيْلًا 6ۭ
بيشڪ (عبادت لاءِ) رات جو اٿڻ اهو سخت بار آهي ۽ (ان ۾) قرآن ڪريم جي تلاوت بهتر ٿئي ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ لَكَ فِي النَّهَارِ سَبْحًا طَوِيْلًا 7ۭ
رسولِ عربي بيشڪ توهان لاءِ ڏينهن ۾ تمام گھڻي مصروفيت آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ اِلَيْهِ تَبْتِيْلًا 8ۭ
۽ توهان پنهنجي رب جو نالو ياد ڪريو ۽ سڀني کان جُدا ٿي فقط اُن ڏانهن متوجه ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرَبُّ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ فَاتَّخِذْهُ وَكِيْلًا 9
اُهو مشرق ۽ مغرب جو رب آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، پوءِ توهان اُن کي ڪارساز بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِيْلًا 10
۽ توهان انهن جي اعتراضن تي صبر ڪريو ۽ توهان انهن کي سهڻي نموني سان ڇڏي ڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَذَرْنِيْ وَالْمُكَذِّبِيْنَ اُولِي النَّعْمَةِ وَمَهِّلْهُمْ قَلِيْلًا 11
۽ توهان تڪذيب ڪندڙ وڏن ماڻهن کي ۽ مون کي ڇڏي ڏيو ۽ توهان انهن کي ٿوري مهلت ڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ لَدَيْنَآ اَنْكَالًا وَّجَحِــيْمًا ۙ12
بيشڪ اسان وٽ ڳريون ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باه
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّطَعَامًا ذَا غُصَّةٍ وَّعَذَابًا اَلِـــيْمًا ۤ13
۽ اُهو طعام آهي جيڪو نڙيءَ کان هيٺ نه لهي ۽ دردناڪ عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ تَرْجُفُ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ وَكَانَتِ الْجِبَالُ كَثِيْبًا مَّهِيْلًا 14
اُن ڏينهن زمين ۽ جبل ٿرٿلي ۾ هوندا ۽ جبل (ان ڏينهن) واريءَ جي ڍِڳن وانگر وهندڙ هوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّآ اَرْسَلْنَآ اِلَيْكُمْ رَسُوْلًا ڏ شَاهِدًا عَلَيْكُمْ كَـمَآ اَرْسَلْنَآ اِلٰى فِرْعَوْنَ رَسُوْلًا ۭ15
بيشڪ اسان توهان ڏانهن رسولِ عربي کي توهان تي شاهد ڪري موڪليوسين جيئنڪ اسان فرعون ڏانهن موسيٰ کي پيغمبر ڪري موڪليو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَعَصٰى فِرْعَوْنُ الرَّسُوْلَ فَاَخَذْنٰهُ اَخْذًا وَّبِيْلًا 16
پوءِ فرعون، موسيٰ جِي بَي فرماني ڪئي پوءِ اسان اُن تي سخت پڪڙ ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَكَيْفَ تَتَّقُوْنَ اِنْ كَفَرْتُمْ يَوْمًا يَّجْعَلُ الْوِلْدَانَ شِيْبَا ڰ 17
پوءِ توهان ڪيئن بچندا جيڪڏهن ڪفر ڪندا، اهو قيامت جو ڏينهن جيڪو ٻارن کي (هيبت ۽ خوف ۽ رعب جي ڪري) پوڙهو ڪري ڇڏيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديۨالسَّمَاۗءُ مُنْفَطِرٌۢ بِهٖ ۭ كَانَ وَعْدُهٗ مَفْعُوْلًا 18
آسمان اُن جي خوف کان ڦاٽي پوندو، الله جو ڪيل وعدو پورو ٿيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ هٰذِهٖ تَذْكِرَةٌ ۚ فَـمَنْ شَاۗءَ اتَّخَذَ اِلٰى رَبِّهٖ سَبِيْلًا ۧ19
بيشڪ هيءَ نصيحت آهي، پوءِ جيڪو چاهي ته اهو پنهنجي رب ڏانهن سنئين راه وٺي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ رَبَّكَ يَعْلَمُ اَنَّكَ تَقُوْمُ اَدْنٰى مِنْ ثُلُـثَيِ الَّيْلِ وَنِصْفَهٗ وَثُلُثَهٗ وَطَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الَّذِيْنَ مَعَكَ ۭ وَاللّٰهُ يُقَدِّرُ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۭ عَلِمَ اَنْ لَّنْ تُحْصُوْهُ فَتَابَ عَلَيْكُمْ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنَ الْقُرْاٰنِ ۭ عَلِمَ اَنْ سَيَكُوْنُ مِنْكُمْ مَّرْضٰى ۙ وَاٰخَرُوْنَ يَضْرِبُوْنَ فِي الْاَرْضِ يَبْتَغُوْنَ مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ ۙ وَاٰخَرُوْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ڮ فَاقْرَءُوْا مَا تَيَسَّرَ مِنْهُ ۙ وَاَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتُوا الزَّكٰوةَ وَاَقْرِضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا ۭ وَمَا تُقَدِّمُوْا لِاَنْفُسِكُمْ مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوْهُ عِنْدَ اللّٰهِ هُوَ خَيْرًا وَّاَعْظَمَ اَجْرًا ۭ وَاسْتَغْفِرُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
بيشڪ توهان جو رب ڄاڻي ٿو ته بيشڪ توهان رات جو اٿو ٿا ڪڏهن ٻن حصن رات جي قريب ۽ ڪڏهن اڌ رات جو ۽ ڪڏهن ٽئين حصي رات جي قريب ۽ هڪ جماعت (صحابه ڪرام جي) توهان سان گڏ آهي ۽ الله تعالى رات ۽ ڏينهن جو اندازو فرمائي ٿو، ان کي معلوم آهي توهان کان رات جو اندازو هرگز نه ٿيندو پوءِ اهو توهان تي مهربان ٿيو آهي، پوءِ توهان اهو پڙهو جيڪو توهان کي قرآن ڪريم مان آسان لڳي ٿو، ان کي معلوم آهي ته عنقريب توهان مان ڪي مريض ٿيندا، ۽ ٻيا زمين ۾ سفر ڪن ٿا. اهي الله تعالى جو فضل (تجارت ۽ علم وغيرهه) طلب ڪن ٿا، ۽ ٻيا (ماڻهو) الله جي واٽ ۾ جهاد ڪن ٿا، پوءِ توهان قرآن ڪريم پڙهو جيترو توهان کي آسان ٿئي، ۽ توهان نماز قائم ڪريو ۽ توهان زڪوات ڏيو ۽ توهان الله تعالى کي سهڻو قرض ڏيو، (الله جي راه ۾ خرچ ڪريو) ۽ جيڪو نيڪ عمل توهان پنهنجي لاءِ اڳيان موڪليندا اُن کي توهان الله تعالى وٽ ان کان بهتر ۽ اُن کان اجر ۾ وڌيڪ لهندا ۽ توهان الله تعالى کان بخشش طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى غفور رحيم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي