071 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اِنَّآ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖٓ اَنْ اَنْذِرْ قَوْمَكَ مِنْ قَبْلِ اَنْ يَّاْتِيَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ 1
بيشڪ اسان (حضرت) نوح کي پيغمبر ڪري سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي ڊيڄار ان کان اڳ ۾ جو انهن تي دردناڪ عذاب اچي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ يٰقَوْمِ اِنِّىْ لَكُمْ نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 2ۙ
(حضرت) نوح فرمايو اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان لاءِ صاف ڊيڄاريندڙ آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَنِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَاتَّقُوْهُ وَاَطِيْعُوْنِ 3ۙ
توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ توهان اُن کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي اطاعت ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَغْفِرْ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرْكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ اِذَا جَاۗءَ لَا يُؤَخَّرُ ۘ لَوْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 4
اهو توهان لاءِ توهان جا ڪجھه گناه بخش ڪندو ۽ توهان کي هڪ مقرر مدي (موت) تائين مهلت ڏيندو، بيشڪ الله جو اجل (موت) جڏهن ايندو (ته ان کي) پوئتي نٿو ڪيو وڃي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ رَبِّ اِنِّىْ دَعَوْتُ قَوْمِيْ لَيْلًا وَّنَهَارًا 5ۙ
(حضرت) نوح (پيغمبر) عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون پنهنجي قوم کي رات ڏينهن (دين جي) دعوت ڏني
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَمْ يَزِدْهُمْ دُعَاۗءِيْٓ اِلَّا فِرَارًا 6
پوءِ منهنجي سڏڻ تي اُهي فرار ٿيڻ لڳا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنِّىْ كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوْٓا اَصَابِعَهُمْ فِيْٓ اٰذَانِهِمْ وَاسْتَغْشَوْا ثِيَابَهُمْ وَاَصَرُّوْا وَاسْتَكْبَرُوا اسْتِكْبَارًا 7ۚ
۽ بيشڪ مون جڏهن به اُنهن کي سڏيو ان لاءِ ته تون اُنهن کي بخشين ته انهن پنهنجيون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا ڍڪيا ۽ (اهي پنهنجي) ڪفر تي قائم رهيا ۽ انهن تمام گھڻي تڪبر ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ اِنِّىْ دَعَوْتُهُمْ جِهَارًا 8ۙ
ان کان پوءِ بيشڪ مون انهن کي ظاهر بظهور سڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ اِنِّىْٓ اَعْلَنْتُ لَهُمْ وَاَسْرَرْتُ لَهُمْ اِسْرَارًا 9ۙ
ان کان پوءِ بيشڪ مون انهن کي علي الاعلان سڏيو ۽ تمام مخفي انداز سان به مون انهن کي سڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَقُلْتُ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفَّارًا ۙ10
پوءِ مون چيو توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو، بيشڪ اهو هميشه گناه بخشيندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُّرْسِلِ السَّمَاۗءَ عَلَيْكُمْ مِّدْرَارًا ۙ11
اهو الله توهان تي مسلسل (فائديمند) بارش موڪليندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّيُمْدِدْكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَيَجْعَلْ لَّكُمْ جَنّٰتٍ وَّيَجْعَلْ لَّكُمْ اَنْهٰرًا ۭ12
۽ توهان جي مدد ڪندو مالن ۽ پُٽن سان ۽ توهان لاءِ باغ پيدا ڪندو ۽ توهان لاءِ نهرون وهائيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا لَكُمْ لَا تَرْجُوْنَ لِلّٰهِ وَقَارًا ۚ13
توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله ۾ عِزَّتَ جي اميد نٿا رکو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَدْ خَلَقَكُمْ اَطْوَارًا 14
حالانڪ تحقيق ان توهان کي ڪيترن مرحلن ۾ تخليق فرمايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ تَرَوْا كَيْفَ خَلَقَ اللّٰهُ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۙ15
ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله تعالى ڪهڙيءَ طرح سَتَ آسمان هڪ ٻِئي جي مٿان پيدا ڪيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّجَعَلَ الْقَمَرَ فِيْهِنَّ نُوْرًا وَّجَعَلَ الشَّمْسَ سِرَاجًا 16
۽ انهن ۾ چنڊ روشن ڪيو ۽ سج کي ڏيئو بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاللّٰهُ اَنْۢبَتَكُمْ مِّنَ الْاَرْضِ نَبَاتًا ۙ17
۽ الله توهان کي سَلن وانگر زمين مان پيدا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ يُعِيْدُكُمْ فِيْهَا وَيُخْرِجُكُمْ اِخْرَاجًا 18
ان کان پوءِ توهان کي ان زمين ۾ موٽائيندو ۽ توهان کي ان مان دوباره ٻاهر ڪڍندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاللّٰهُ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ بِسَاطًا ۙ19
۽ الله تعالى توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِّتَسْلُكُوْا مِنْهَا سُبُلًا فِجَاجًا ۧ20
ان لاءِ ته توهان ان جي ڪشادن رستن تي هلو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي