070 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 44 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
سَاَلَ سَاۗىِٕلٌۢ بِعَذَابٍ وَّاقِعٍ 1ۙ
هڪ سائل عذاب گھريو جيڪو ڪافرن تي واقع ٿيندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِّلْكٰفِرِيْنَ لَيْسَ لَهٗ دَافِعٌ 2ۙ
انهيءَ کي ڪو دفع ڪندڙ ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمِّنَ اللّٰهِ ذِي الْمَعَارِجِ 3ۭ
(اهو عذاب) الله جي طرفان هوندو جيڪو بلندين جو مالڪ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَعْرُجُ الْمَلٰۗىِٕكَةُ وَالرُّوْحُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ خَمْسِيْنَ اَلْفَ سَـنَةٍ 4ۚ
ملائڪ ۽ جبريل امين ان جي دربارِ اقدس ڏانهن مٿي چڙهن ٿا، ان ڏينهن ۾ جنهن جو مقدار پنجاه هزار (50،000) سال آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيْلًا 5
پوءِ توهان چڱيءَ طرح سهڻو صبر ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهُمْ يَرَوْنَهٗ بَعِيْدًا 6ۙ
بيشڪ اهي ڪافر ان کي پري سمجھن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّنَرٰىهُ قَرِيْبًا 7ۭ
۽ اسين ان کي قريب ڏسون ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ تَكُوْنُ السَّمَاۗءُ كَالْمُهْلِ 8ۙ
ان ڏينهن آسمان پِگِھرِيَلَ چانديءَ وانگر هوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَتَكُوْنُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ 9ۙ
۽ جبل رنڱيل اُنَ وانگر (هلڪا ٿي) اُڏامندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَا يَسْـَٔــلُ حَـمِيْمٌ حَمِـيْمًا ښ 10
۽ (ان ڏينهن) ڪو دوست ڪنهن دوست کان نه پڇندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُّبَصَّرُوْنَهُمْ ۭ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِيْ مِنْ عَذَابِ يَوْمِىِٕذٍۢ بِبَنِيْهِ ۙ11
اهي (هڪ ٻئي کي) ڏسندا ۽ سڃاڻيندا، ڪافر سڌ ڪندو ڪاش جيڪڏهن اُن ڏينهن جي عذاب جي عيوض پنهنجا پُٽَ ڏِئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَصَاحِبَتِهٖ وَاَخِيْهِ ۙ12
۽ پنهنجي گھر واري ڏِئي ۽ پنهنجو ڀاءُ ڏِئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَفَصِيْلَتِهِ الَّتِيْ تُـــــْٔوِيْهِ ۙ13
۽ پنهنجو خاندان جيڪو ڏکئي وقت کيس پناه ڏِئي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ ثُـمَّ يُنْجِيْهِ ۙ14
۽ سموريون شيون جيڪي زمين ۾ آهن، ان کان پوءِ اهو ان کي بچائي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَلَّا ۭ اِنَّهَا لَظٰى ۙ15
هرگز نه، بيشڪ اها ڀڙڪي کائيندڙ باه هوندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندينَزَّاعَةً لِّلشَّوٰى ښ 16
جيڪا کل لاهيندڙ هوندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَدْعُوْا مَنْ اَدْبَرَ وَتَوَلّٰى ۙ17
اها ان کي پڪاريندي جنهن پُٺ ڏني ۽ مُنهن ڦيريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَمَعَ فَاَوْعٰى 18
۽ ملڪيت گڏ ڪري پوءِ ان کي بند ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الْاِنْسَانَ خُلِقَ هَلُوْعًا ۙ19
بيشڪ انسان بيحد لالچي ۽ ٿورو صبر ڪندڙ ڪري پيدا ڪيو ويو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزُوْعًا ۙ20
جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿئي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي