007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
الۗمّۗصۗ 1ۚ
الۗمّۗصۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
(هيءُ) قرآن ڪريم نازل ڪيو ويو رسولِ عربي ڏانهن پوءِ توهان (تبليغ وقت) پريشان نه ٿيو ان لاءِ ته ماڻهن کي قرآن ڪريم سان ڊيڄاريو ۽ مؤمنن لاءِ (قرآن ڪريم) نصيحت آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
توهان تابعداري ڪريو قرآن ڪريم جي جيڪو توهان ڏانهن نازل ڪيو ويو توهان جي رب جي طرفان ۽ الله کان سواءِ حاڪمن جي تابعداري نه ڪريو، توهان تمام ٿورو سمجھو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
۽ اسان ڪيترائي ڳوٺ هلاڪ ڪيا پوءِ آيو انهن تي عذاب اسان جو رات جي وقت يا ٻنپهرن جو جنهن وقت اهي آرام ڪندڙ هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
پوءِ نه هو (ڪارآمد) پُڪارڻ انهن جو، جنهن وقت انهن تي اسان جو عذاب آيو مگر پاڻ چيائون ٿي ته بيشڪ اسين ظالم هئاسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ ضرور پڇنداسين انهن ماڻهن کان جن ڏانهن رسول موڪليا ويا ۽ ضرور سوال ڪنداسين (تبليغ متعلق) رسولن کان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
پوءِ انهن تي اسين سندن حالات پنهنجي علم سان بيان ڪنداسين ۽ اسين بي خبر ناهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
۽ قيامت جي ڏينهن عملن جو پورو ثواب ملندو، پوءِ جنهن ماڻهو جا وزن (نيڪ عمل) زياده ٿيا پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ جنهن ماڻهو جا وزن (نيڪ عمل) گھٽ ٿيا پوءِ اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجن نفسن کي نقصان ۾ وڌو انهيءَ سببان جو اسان جي آيتن جو انڪار ڪيائون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
۽ تحقيق اسان توهان کي زمين تي آباد ڪيو ۽ اسان توهان لاءِ زمين ۾ گذران پيدا ڪيو، توهان تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
۽ تحقيق اسان توهان کي پيدا فرمايو پوءِ اسان توهان جون صورتون تيار ڪيون اُن کان پوءِ اسان ملائڪن کي فرمايو ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ (سڀني) سجدو ڪيو مگر شيطان، سجدي ڪندڙن مان نه هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
الله تعالى فرمايو توکي ڪهڙي شيءِ منع ڪيو جو تو سجدو نه ڪيو جڏهن ته مون توکي حڪم ڪيو، شيطان چيو آئون آدم کان ڀلو آهيان تو مون کي باه مان پيدا ڪيو ۽ آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
الله فرمايو تون اِتان نڪري وڃ توکي لائق ناهي جو تون اتي تڪبر ڪرين، پوءِ تون اِتان نڪري وڃ بيشڪ تون ذليلن مان آهين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
شيطان چيو تون مون کي قيامت تائين مهلت ڏي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
الله فرمايو بيشڪ توکي مهلت آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
شيطان چيو انهي سببان جو تو مون کي گمراه ڪيو، آئون ضرور گمراه ڪرڻ لاءِ تنهنجي سنئين واٽ تي ويهندس
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
ان کان پوءِ ضرور ايندس آئون ماڻهن جي اڳيان ۽ انهن جي پويان ۽ انهن جي سڄي ۽ کٻي پاسي (گمراه ڪرڻ لاءِ)، ۽ تون اڪثر ماڻهن کي شڪرگذار نه لهندين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
الله تعالى فرمايو تون اتان بڇڙو ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ، جن ماڻهن تنهنجي تابعداري ڪئي توهان سڀني سان آئون ضرور جهنم ڀريندس
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي گھر واري بهشت ۾ رهو پوءِ توهان کائو بهشت مان جتان توهان کي پسند اچي ۽ توهان هن وڻ کي ويجھا نه ٿيو ورنه توهان حد کان وڌندڙن مان ٿي پوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ شيطان آدم ۽ حوا کي وِسوِسو وڌو انهي لاءِ ته سندن ڍڪيل بدن ظاهر ڪري، ۽ شيطان چيو توهان کي توهان جي رب انهي وڻ کان منع ان ڪري ڪئي آهي ته متان توهان ٻئي فرشتا ٿي پئو يا هميشه بهشتي ٿي پئو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي