067 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
تَبٰرَكَ الَّذِيْ بِيَدِهِ الْمُلْكُ ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرُ 1ۙ
بابرڪت آهي اهو الله جنهنجي هٿ قدرت ۾ سموري بادشاهي آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديۨالَّذِيْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَالْحَيٰوةَ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفُوْرُ 2ۙ
اهو ئي آهي جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ان لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان وڌيڪ سهڻا عمل ڪير ڪري ٿو، ۽ اهو ئي غالب بخشيندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ طِبَاقًا ۭ مَا تَرٰى فِيْ خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفٰوُتٍ ۭ فَارْجِعِ الْبَصَرَ ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ 3
اهو ئي آهي جنهن سَتَ آسمان طبقا ڪري پيدا ڪيا (اي ڏسندڙ) ڇا تون رحمان جي مخلوق ۾ ڪو تفاوت ڏسين ٿو، پوءِ تون (آسمان ڏانهن) اک کڻي ڏس، ڇا توکي ان ۾ ڪا سِير ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنْقَلِبْ اِلَيْكَ الْبَصَرُ خَاسِئًا وَّهُوَ حَسِيْرٌ 4
ان کان پوءِ تون ٻِئي دفعي اک کڻي ڏس ته تو ڏانهن تنهنجي نظر ناڪام ٿي موٽندي ۽ اها عيب ڏسڻ کان خالي هوندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ زَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِمَصَابِيْحَ وَجَعَلْنٰهَا رُجُوْمًا لِّلشَّـيٰطِيْنِ وَاَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ السَّعِيْرِ 5
۽ بيشڪ تحقيق اسان هيٺئين آسمان کي تارن سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن لاءِ باه جو شعلو بنايو ۽ اسان انهن لاءِ جهنم جو عذاب تيار ڪيو (آهي)
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلِلَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 6
۽ جن ماڻهن پنهنجي رب جو انڪار ڪيو (انهن لاءِ) جهنم جو عذاب آهي، ۽ اها تمام خراب موٽڻ جي جاءِ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذَآ اُلْقُوْا فِيْهَا سَمِعُوْا لَهَا شَهِيْقًا وَّهِىَ تَفُوْرُ 7ۙ
جنهن وقت اهي جهنم ۾ اڇلايا ويندا ته اهي ان ۾ خراب آواز ٻڌندا ۽ اها (جهنم) ٽهڪندڙ هوندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَكَادُ تَمَــيَّزُ مِنَ الْغَيْظِ ۭ كُلَّمَآ اُلْقِيَ فِيْهَا فَوْجٌ سَاَلَهُمْ خَزَنَــتُهَآ اَلَمْ يَاْتِكُمْ نَذِيْرٌ 8
گھڻي ڪاوڙ جي ڪري اها ڦاٽڻ جي قريب هوندي، جڏهن به ان ۾ ڪو ٽولو اڇلايو ويندو ته انهن کان جهنم جو داروغو (ڪاوڙ مان) پڇندو ته ڇا توهان وٽ ڪو پيغمبر نه آيو؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا بَلٰي قَدْ جَاۗءَنَا نَذِيْرٌ ڏ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ اللّٰهُ مِنْ شَيْءٍ ښ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ كَبِيْرٍ 9
اهي چوندا هَا ! بيشڪ اسان وٽ پيغمبر آيا، پوءِ اسان انهن کي نه مڃو ۽ اسان چيو ته الله تعالى ڪا شيءِ نه نازل ڪئي آهي، نه هئا توهان (جهنمي) مگر وڏي گمراهيءَ ۾
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالُوْا لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ اَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِيْٓ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 10
۽ اهي چوندا ڪاش ! جيڪڏهن اسين ٻڌون ها يا سمجھون ها ته اسان (اڄ ڏينهن) جهنمين مان نه هجون ها
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاعْتَرَفُوْا بِذَنْۢبِهِمْ ۚ فَسُحْقًا لِّاَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 11
پوءِ اهي پنهنجا ڪيل گناه مڃيندا، پوءِ جهنمي، الله تعالى جي رحمت کان پري هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 12
بيشڪ جيڪي ماڻهو اڻ ڏٺي پنهنجي رب کان خوف ڪن ٿا، انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَسِرُّوْا قَوْلَكُمْ اَوِ اجْهَرُوْا بِهٖ ۭ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 13
۽ توهان پنهنجي ڳالهه آهستي چئو يا وڏي سڏ چئو، بيشڪ اهو سينن جو راز ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَا يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ ۭ وَهُوَ اللَّطِيْفُ الْخَبِيْرُ ۧ14
ڇا اهو (مخلوق جو احوال) نٿو ڄاڻي جنهن پيدا ڪيو ۽ اهو ئي لطف ڪندڙ خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ ذَلُوْلًا فَامْشُوْا فِيْ مَنَاكِبِهَا وَكُلُوْا مِنْ رِّزْقِهٖ ۭ وَاِلَيْهِ النُّشُوْرُ 15
اهو ئي (خالق) آهي جنهن توهان جي (زراعت ۽ هلڻ وغيره) لاءِ زمين کي نرم بنايو پوءِ توهان ان جي رستن تي هلو ۽ (سندس ڏنل) رزق مان کائو ۽ انهيءَ ڏانهن اٿڻو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديءَاَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يَّخْسِفَ بِكُمُ الْاَرْضَ فَاِذَا هِيَ تَمُوْرُ ۙ16
ڇا توهان ان رب کان بي خوف آهيو جنهنجي بادشاهي آسمان ۾ آهي (جو اهو) توهان کي زمين ۾ ڳِهرائي ڇڏي پوءِ اها ان وقت ڏڪي ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَمْ اَمِنْتُمْ مَّنْ فِي السَّمَاۗءِ اَنْ يُّرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا ۭ فَسَتَعْلَمُوْنَ كَيْفَ نَذِيْرِ 17
ڇا توهان بي خوف آهيو ان رب کان جنهنجي حڪومت آسمان ۾ آهي (جو اهو) توهان تي آسمان مان پٿر وسائي، پوءِ توهان کي جلد معلوم ٿيندو ته منهنجو عذاب ڪهڙيءَ طرح آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ كَذَّبَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيْرِ 18
۽ بيشڪ تحقيق انهن کان اڳين ماڻهن به انڪار ڪيو، پوءِ ڪهڙيءَ طرح منهنجو انڪار ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صٰۗفّٰتٍ وَّيَقْبِضْنَ ڪ مَا يُمْسِكُـهُنَّ اِلَّا الرَّحْـمٰنُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍۢ بَصِيْرٌ 19
ڇا اُهي انهن پکين کي نٿا ڏسن جيڪي انهن جي مٿان پَرَ کولي ۽ پَرَ بند ڪري اڏامن ٿا. نٿو سنڀالي انهن کي مگر رحمان. بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَمَّنْ هٰذَا الَّذِيْ هُوَ جُنْدٌ لَّكُمْ يَنْصُرُكُمْ مِّنْ دُوْنِ الرَّحْمٰنِ ۭ اِنِ الْكٰفِرُوْنَ اِلَّا فِيْ غُرُوْرٍ ۚ20
يا توهان جو اهو ڪهڙو لشڪر آهي جيڪو رحمان کانسواءِ توهان جي مدد ڪري. ناهن ڪافر مگر غرور ۾
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي