065 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 12 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا طَلَّقْتُمُ النِّسَاۗءَ فَطَلِّقُوْهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَاَحْصُواالْعِدَّةَ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ رَبَّكُمْ ۚ لَا تُخْرِجُوْهُنَّ مِنْۢ بُيُوْتِهِنَّ وَلَا يَخْرُجْنَ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۭ وَتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّتَعَدَّ حُدُوْدَ اللّٰهِ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهٗ ۭ لَا تَدْرِيْ لَعَلَّ اللّٰهَ يُحْدِثُ بَعْدَ ذٰلِكَ اَمْرًا 1
اي نبي ڪريم (توهان امت کي ٻُڌايو ته) جڏهن توهان عورتن کي طلاق ڏيڻ جو ارادوڪريو، پوءِ توهان انهن کي انهن جي پاڪائيءَ ۾ طلاق ڏيو ۽ توهان عدت جو اندازو ڪريو، ۽ توهان پنهنجي خالق، الله کان ڊڄو، توهان انهن کي پنهنجي گھرن مان نه ڪڍو ۽ نه اهي پاڻ نڪرن مگر جو اهي صاف بي حيائي آڻين، ۽ اهي الله جون حدون آهن، ۽ جيڪو ماڻهو الله جي حدن کان وڌي ٿو پوءِ بيشڪ ان پاڻ سان ظلم ڪيو، توهان نٿا ڄاڻو شايد الله تعالى انهيءَ کان پوءِ ڪو نئون حڪم موڪلي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِذَا بَلَغْنَ اَجَلَهُنَّ فَاَمْسِكُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ اَوْ فَارِقُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ وَّاَشْهِدُوْا ذَوَيْ عَدْلٍ مِّنْكُمْ وَاَقِيْمُوا الشَّهَادَةَ لِلّٰهِ ۭ ذٰلِكُمْ يُوْعَظُ بِهٖ مَنْ كَانَ يُؤْمِنُ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ڛ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مَخْرَجًا 2ۙ
پوءِ جڏهن انهن جي عدت پوري ٿيڻ جي قريب ٿئي، پوءِ انهن کي نيڪيءَ سان روڪيو يا نيڪيءَ سان انهن کي جدا ڪريو ۽ توهان پاڻ (مسلمانن مان) ٻه انصاف وارا شاهد مقرر ڪريو ۽ توهان خدا ڪارڻ شاهدي ڏيو، اها ان ماڻهو لاءِ نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان خوف ڪري ٿو، الله ان لاءِ نجات جو رستو پيدا ڪري ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ ۭ وَمَنْ يَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗ ۭ اِنَّ اللّٰهَ بَالِغُ اَمْرِهٖ ۭ قَدْ جَعَلَ اللّٰهُ لِكُلِّ شَيْءٍ قَدْرًا 3
۽ ان کي اهو اتان رزق عطا ڪري ٿو جتان پاڻ گمان نٿو رکي ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى تي توڪل ڪري ٿو پوءِ اهو ان لاءِ (ٻنهي جهانن ۾) ڪافي آهي، بيشڪ الله تعالى پنهنجو حڪم جاري ڪندڙ آهي، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ لاءِ اندازو مقرر ڪيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاڿ يَىِٕسْنَ مِنَ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ اِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ اَشْهُرٍ ۙ وَّاڿ لَمْ يَحِضْنَ ۭ وَاُولَاتُ الْاَحْمَالِ اَجَلُهُنَّ اَنْ يَّضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ اَمْرِهٖ يُسْرًا 4
۽ توهان جي عورتن مان جن کي حيض نٿو اچي، جيڪڏهن توهان کي انهن جي (عدت ڳڻڻ ۾) مشڪل پيش اچي پوءِ انهن جي عدت ٽي مهينا آهي، ۽ انهن عورتن جي لاءِ جن کي اڃان حيض نه آيو هجي، ۽ حمل وارين عورتن لاءِ عدت هي آهي جو اهي پنهنجا ٻار ڄڻن. ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان خوف ڪري ٿو الله تعالى ان جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪري ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ اَمْرُ اللّٰهِ اَنْزَلَهٗ ٓ اِلَيْكُمْ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يُكَفِّرْ عَنْهُ سَـيِّاٰتِهٖ وَيُعْظِمْ لَهٗ ٓ اَجْرًا 5
اهو الله جو حڪم آهي جنهنکي توهان ڏانهن نازل ڪيو اٿس ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى کان خوف ڪري ٿو الله تعالى ان سان سندس ڪيل گناه ميٽي ٿو ۽ ان لاءِ اجرِ عظيم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَسْكِنُوْهُنَّ مِنْ حَيْثُ سَكَنْتُمْ مِّنْ وُّجْدِكُمْ وَلَا تُضَاۗرُّوْهُنَّ لِتُضَيِّقُوْا عَلَيْهِنَّ ۭ وَاِنْ كُنَّ اُولَاتِ حَمْلٍ فَاَنْفِقُوْا عَلَيْهِنَّ حَتّٰى يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۚ فَاِنْ اَرْضَعْنَ لَكُمْ فَاٰتُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۚ وَاْتَمِرُوْا بَيْنَكُمْ بِمَعْرُوْفٍ ۚ وَاِنْ تَعَاسَرْتُمْ فَسَتُرْضِــعُ لَهٗ ٓ اُخْرٰى 6ۭ
توهان انهن عورتن کي انهن جاين (گهرن) تي رهايو جتي توهان پاڻ پنهنجي توفيق آهر رهو ٿا. ۽ توهان انهن کي تڪليف نه پهچايو جو انهن تي تنگي ٿئي، ۽ جيڪڏهن اهي عورتون حمل سان آهن پوءِ توهان انهن کي خرچ ڏيو (ماني ٽڪي وغيره) ايستائين جو اهي ٻار ڄڻين، پوءِ جيڪڏهن اهي توهان جي ٻارن کي کير پيارين پوءِ توهان انهن کي سندن اجورو ڏيو، ۽ انهيءَ لاءِ توهان پاڻ ۾ نيڪيءَ سان صلاح مشورو ڪريو، ۽ جيڪڏهن توهان جي پاڻ ۾ ڪشمڪش پيدا ٿئي پوءِ فوراً ان ٻار کي ٻي عورت کير پياري
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِيُنْفِقْ ذُوْ سَعَةٍ مِّنْ سَعَتِهٖ ۭ وَمَنْ قُدِرَ عَلَيْهِ رِزْقُهٗ فَلْيُنْفِقْ مِمَّآ اٰتٰىهُ اللّٰهُ ۭ لَا يُكَلِّفُ اللّٰهُ نَفْسًا اِلَّا مَآ اٰتٰىهَا ۭ سَيَجْعَلُ اللّٰهُ بَعْدَ عُسْرٍ يُّسْرًا 7ۧ
امير ماڻهو پنهنجي حيثيت مطابق (ٻار تي) خرچ ڪري، ۽ غريب ماڻهو پنهنجي پهچ آهر ان تي خرچ ڪري انهيءَ مان جيڪي ڪجھه ان کي الله رزق ڏنو آهي، نٿو تڪليف ڏئي الله ڪنهن انسان کي مگر سندس ڏني مطابق عنقريب، الله تعالى تنگيءَ کان پوءِ فراخي پيدا ڪندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ عَتَتْ عَنْ اَمْرِ رَبِّهَا وَرُسُلِهٖ فَحَاسَبْنٰهَا حِسَابًا شَدِيْدًا ۙ وَّعَذَّبْنٰهَا عَذَابًا نُّكْرًا 8
۽ ڪيترائي ڳوٺاڻا هئا جن پنهنجي رب ۽ پنهنجي رسولن جي حڪمن جي نافرماني ڪئي پوءِ اسان انهن سان بيحد سخت حساب ڪيو، ۽ اسان انهن کي بيحد سخت عذاب ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَذَاقَتْ وَبَالَ اَمْرِهَا وَكَانَ عَاقِبَةُ اَمْرِهَا خُسْرًا 9
پوءِ انهن پنهنجي ڪَيَلَ جو وبال چکيو ۽ ان ڪم جي پڇاڙي نقصان واري ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَعَدَّ اللّٰهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيْدًا ۙ فَاتَّقُوا اللّٰهَ يٰٓاُولِي الْاَلْبَابِ ڂ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ٽ قَدْ اَنْزَلَ اللّٰهُ اِلَيْكُمْ ذِكْرًا ۙ10
اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ! الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب (يعني قرآن) نازل ڪيو آھي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرَّسُوْلًا يَّتْلُوْا عَلَيْكُمْ اٰيٰتِ اللّٰهِ مُبَيِّنٰتٍ لِّيُخْرِجَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُّدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ قَدْ اَحْسَنَ اللّٰهُ لَهٗ رِزْقًا 11
(۽) پيغمبر (بہ موڪليو اٿس) جو اوھان تي الله جون پڌريون آيتون (ھن لاءِ) پڙھندو آھي تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (گمراھيءَ جي) اونداھين کان (ھدايت جي) سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو، تنھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، اُتي ھميشہ رھندا، بيشڪ ان جي روزي چڱيءَ طرح ٺاھي آھي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ وَّمِنَ الْاَرْضِ مِثْلَهُنَّ ۭ يَـتَنَزَّلُ الْاَمْرُ بَيْنَهُنَّ لِتَعْلَمُوْٓا اَنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ڏ وَّاَنَّ اللّٰهَ قَدْ اَحَاطَ بِكُلِّ شَيْءٍ عِلْمًا ۧ12
الله تعالى اهو آهي، جنهن سَتَ آسمان ۽ انهن جيتريون زمينون پيدا ڪيون آهن. انهن سڀني ۾ الله جو حڪم جاري آهي بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي، ۽ بيشڪ تحقيق الله تعالى هر شيءِ جي علم کي احاطو ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي