064 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 18 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يُسَبِّحُ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْـحَمْدُ ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 1
الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪري رهيون آهن اُهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، انهيءَ جو ملڪ آهي ۽ انهيءَ جي تعريف آهي، ۽ اهو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ فَمِنْكُمْ كَافِرٌ وَّمِنْكُمْ مُّؤْمِنٌ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 2
اهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو پوءِ ڪي توهان مان ڪافر آهن ۽ ڪي توهان مان مؤمن آهن، ۽ الله تعالى توهان جا عمل ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ وَصَوَّرَكُمْ فَاَحْسَنَ صُوَرَكُمْ ۚ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 3
انهيءَ آسمانن ۽ زمينن کي وڏي حڪمت سان پيدا ڪيو ۽ توهان جون صورتون بنايون پوءِ توهان جون تمام سهڻيون صورتون بنايون ۽ انهي ڏانهن موٽڻ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُسِرُّوْنَ وَمَا تُعْلِنُوْنَ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 4
اهو ڄاڻي ٿو انهيءَ کي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ اهو ڄاڻي ٿو جيڪو توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا، ۽ الله تعالى دلين جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ قَبْلُ ۡ فَذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ 5
ڇا توهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جن توهان کان اڳ ۾ ڪفر ڪيو، پوءِ انهن پنهنجي ڪئَي جو وبال چکيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ بِاَنَّهٗ كَانَتْ تَّاْتِيْهِمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَقَالُوْٓا اَبَشَرٌ يَّهْدُوْنَنَا ۡ فَكَفَرُوْا وَتَوَلَّوْا وَّاسْتَغْنَى اللّٰهُ ۭ وَاللّٰهُ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 6
اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ انهن وٽ سندن پيغمبر دليلن سان پهتا، پوءِ انهن چيو ڇا (اهي) ماڻهو اسان کي هدايت ڏيندا، پوءِ اهي ڪافر ٿيا ۽ اهي ڦِريا ۽ الله تعالى (انهن کان) بي نيازي ڪئي، ۽ الله تعالى بي نياز، ساراهيل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديزَعَمَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اَنْ لَّنْ يُّبْعَثُوْا ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتُبْعَثُنَّ ثُـمَّ لَتُـنَبَّؤُنَّ بِـمَا عَمِلْتُمْ ۭ وَذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 7
ڪافرن چيو ته اهي هرگز نه اٿاريا ويندا، رسولِ عربي توهان فرمايو هَا! مون کي منهنجي رب جو قسم آهي ته توهان ضرور اٿاريا ويندا، ان کان پوءِ توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏني ويندي، ۽ اهو الله تعالى لاءِ آسان آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاٰمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَالنُّوْرِ الَّذِيْٓ اَنْزَلْنَا ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ 8
پوءِ توهان الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهيءَ نور (قرآن ڪريم) تي جيڪو اسان نازل ڪيو آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان باخبر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ يَجْمَعُكُمْ لِيَوْمِ الْجَمْعِ ذٰلِكَ يَوْمُ التَّغَابُنِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُّكَفِّرْ عَنْهُ سَـيِّاٰتِهٖ وَيُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 9
اهو قيامت جي ڏينهن توهان سڀني کي جمع ڪندو ۽ اهو ڏينهن (ڪافرن ۽ گنهگارن لاءِ) حسرت جو ڏينهن هوندو، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى تي ايمان رکي ٿو ۽ عمل صالح ڪري ٿو، الله تعالى انهيءَ تان ان جا ڪيل گناه ميٽرائي ڇڏي ٿو ۽ ان کي باغن ۾ داخل ڪري ٿو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (اهي) هميشه هميشه انهيءَ ۾ هوندا، اها عظيم ڪاميابي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ ۧ10
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو، اهي جهنمي آهن، اهي هميشه هميشه انهيءَ ۾ رهندا، ۽ اِها موٽڻ جي تمام خراب جاءِ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَآ اَصَابَ مِنْ مُّصِيْبَةٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ يَهْدِ قَلْبَهٗ ۭ وَاللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 11
نٿي پهچي ڪا مصيبت مگر الله جي اجازت سان ۽ جيڪو ماڻهو الله تي ايمان آڻي ٿو، الله تعالى ان جي دل کي هدايت ڏي ٿو، ۽ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَاَطِيْعُوا الرَّسُوْلَ ۚ فَاِنْ تَوَلَّيْتُمْ فَاِنَّـمَا عَلٰي رَسُوْلِنَا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 12
۽ توهان الله تعالى جي فرمانبرداري ڪريو ۽ توهان رسولِ عربيءَ جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان مُنهن موڙيو پوءِ اسان جي رسولن تي فقط صاف تبليغ ڪرڻ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 13
الله آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، ۽ الله تعالى تي مؤمنن کي توڪل ڪرڻ گھرجي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنَّ مِنْ اَزْوَاجِكُمْ وَاَوْلَادِكُمْ عَدُوًّا لَّكُمْ فَاحْذَرُوْهُمْ ۚ وَاِنْ تَعْفُوْا وَتَصْفَحُوْا وَتَغْفِرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 14
اي مؤمنو ! بيشڪ توهان جون ڪي گھر واريون ۽ ڪي توهان جا اولاد توهان لاءِ دشمن آهن پوءِ توهان انهن کان محتاط رهو، ۽ جيڪڏهن توهان معاف ڪندا ۽ توهان درگذر ڪندا ۽ توهان بخش ڪندا، پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَآ اَمْوَالُكُمْ وَاَوْلَادُكُمْ فِتْنَةٌ ۭ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ ٓ اَجْرٌ عَظِيْمٌ 15
توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد (توهان لاءِ) آزمائش آهن، ۽ الله تعالى وٽ ئي اجرِ عظيم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاتَّقُوا اللّٰهَ مَا اسْتَطَعْتُمْ وَاسْمَعُوْا وَاَطِيْعُوْا وَاَنْفِقُوْا خَيْرًا لِّاَنْفُسِكُمْ ۭ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 16
پوءِ توهان الله کان ڊڄو جيترو توهان کان پهچي سگھي ۽ توهان (نصيحت) ٻڌو ۽ توهان (حڪم) مڃو ۽ توهان (ضروري) خرچ ڪريو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي، جيڪو ماڻهو نفس جي حرص کان بچو پوءِ اهي ئي نجات وارا آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنْ تُقْرِضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا يُّضٰعِفْهُ لَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ شَكُوْرٌ حَلِيْمٌ ۙ17
جيڪڏهن توهان الله جي راه ۾ ثواب جي اميد سان خرچ ڪندا ته اهو ان کي توهان لاءِ وڌائيندو ۽ اهو توهان کي بخش ڪندو، ۽ الله شڪر قبول ڪندڙ بردبار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ ۧ18
اهو غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي