063 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اِذَا جَاۗءَكَ الْمُنٰفِقُوْنَ قَالُوْا نَشْهَدُ اِنَّكَ لَرَسُوْلُ اللّٰهِ ۘ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ اِنَّكَ لَرَسُوْلُهٗ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ لَكٰذِبُوْنَ 1ۚ
رسولِ عربي جڏهن توهان وٽ منافق اچي چون ٿا ته اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ توهان يقيناً الله جا رسول آهيو، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو ته بيشڪ توهان ان جا رسول آهيو، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو ته بيشڪ منافق يقيناَ ڪوڙا آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِتَّخَذُوْٓا اَيْمَانَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 2
انهن پنهنجي قَسمَن کي ڍال بنايو آهي پوءِ اهي الله تعالى جي راه کان روڪين ٿا، بيشڪ اهي تمام خراب عمل ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ اٰمَنُوْا ثُـمَّ كَفَرُوْا فَطُبِــعَ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ فَهُمْ لَا يَفْقَهُوْنَ 3
اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ انهن زباني طور ايمان آندو ان کان پوءِ ڪفر ڪيو، پوءِ انهن جي دلين تي مُهر هنئي وئي پوءِ اهي نٿا سوچين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا رَاَيْتَهُمْ تُعْجِبُكَ اَجْسَامُهُمْ ۭ وَاِنْ يَّقُوْلُوْا تَسْمَعْ لِقَوْلِهِمْ ۭ كَاَنَّهُمْ خُشُبٌ مُّسَنَّدَةٌ ۭ يَحْسَبُوْنَ كُلَّ صَيْحَةٍ عَلَيْهِمْ ۭ هُمُ الْعَدُوُّ فَاحْذَرْهُمْ ۭ قٰتَلَهُمُ اللّٰهُ ۡ اَنّٰى يُؤْفَكُوْنَ 4
۽ جڏهن توهان انهن کي ڏسندا ته انهن جا جسم توهان کي وڻندا، ۽ جيڪڏهن اهي ڳالهائن ته توهان انهن جو ڳالهائڻ ٻڌو ٿا، انهن جو مثال ان ڪاٺي وانگر آهي جيڪا ديوار تي ٽيڪ ڏئي بيهاريل هجي، اهي هر وڏي آواز کي پاڻ لاءِ (مصيبت) ڀانئين ٿا، اهي توهان مؤمنن جا پڪا دشمن آهن پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو، الله تعالى انهن کي هلاڪ ڪيو، اهي اُبتا ڪيڏانهن موٽن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا قِيْلَ لَهُمْ تَعَالَوْا يَسْتَغْفِرْ لَكُمْ رَسُوْلُ اللّٰهِ لَوَّوْا رُءُوْسَهُمْ وَرَاَيْتَهُمْ يَصُدُّوْنَ وَهُمْ مُّسْـتَكْبِرُوْنَ 5
۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان اچو، رسولِ عربي توهان لاءِ الله تعالى کان معافي طلب ڪري ته اهي پنهنجا مُنهن ڦيرين ٿا ۽ توهان انهن کي ڏسندا ته اهي ( استغفار کان) مُنهن ڦيرائن ٿا ۽ اهي تڪبر ڪندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ اَسْتَغْفَرْتَ لَهُمْ اَمْ لَمْ تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ ۭ لَنْ يَّغْفِرَ اللّٰهُ لَهُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفٰسِقِيْنَ 6
انهن لاءِ برابر آهي جو توهان انهن لاءِ بخشش طلب ڪريو يا بخشش طلب نه ڪريو. الله تعالى هرگز انهن کي نه بخشيندو، بيشڪ الله تعالى فاسقن جي قوم کي هدايت نٿو ڏي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُمُ الَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ لَا تُنْفِقُوْا عَلٰي مَنْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ حَتّٰى يَنْفَضُّوْا ۭ وَلِلّٰهِ خَزَاۗىِٕنُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَلٰكِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ لَا يَفْقَهُوْنَ 7
اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته توهان انهن ماڻهن تي خرچ نه ڪريو جيڪي رسول لله وٽ آهن ايستائين جو اهي جدا جدا ٿين، ۽ الله تعالى وٽ آسمانن ۽ زمينن جا خزانا آهن، پر منافق نٿا سوچين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَقُوْلُوْنَ لَىِٕنْ رَّجَعْنَآ اِلَى الْمَدِيْنَةِ لَيُخْرِجَنَّ الْاَعَزُّ مِنْهَا الْاَذَلَّ ۭ وَلِلّٰهِ الْعِزَّةُ وَلِرَسُوْلِهٖ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ وَلٰكِنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ 8ۧ
اهي چون ٿا ته جيڪڏهن اسين موٽي مدينه پهتاسين ته ضرور طاقتور، ڪمزور کي مدينه مان ٻاهر ڪڍندو، ۽ الله تعالى لاءِ عزت آهي ۽ ان جي رسول کي عزت آهي ۽ مؤمنن کي عزت آهي پر منافق نٿا ڄاڻن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُلْهِكُمْ اَمْوَالُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ عَنْ ذِكْرِ اللّٰهِ ۚ وَمَنْ يَّفْعَلْ ذٰلِكَ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ 9
اي مؤمنو ! توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد توهان کي الله جي ذڪر کان غافل نه ڪن، ۽ جيڪو ماڻهو ايئن ڪندو، پوءِ اهي ئي نقصان وارا آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَنْفِقُوْا مِنْ مَّا رَزَقْنٰكُمْ مِّنْ قَبْلِ اَنْ يَّاْتِيَ اَحَدَكُمُ الْمَوْتُ فَيَقُوْلَ رَبِّ لَوْلَآ اَخَّرْتَنِيْٓ اِلٰٓى اَجَلٍ قَرِيْبٍ ۙ فَاَصَّدَّقَ وَاَكُنْ مِّنَ الصّٰلِحِيْنَ 10
۽ توهان اسان جي عطا ڪيل رزق مان خرچ ڪريو ان کان اڳ ۾ جو توهان مان هڪڙي کي موت اچي، پوءِ چوي اي منهنجا رب تو مون کي ٿورو وقت مهلت ڇو نٿي ڏني، پوءِ آئون خير خيرات ڪريان ها ۽ آئون صالحين مان هجان ها
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَنْ يُّؤَخِّرَ اللّٰهُ نَفْسًا اِذَا جَاۗءَ اَجَلُهَا ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ11
۽ جڏهن انسان جو اجل (موت جو وقت) اچي ٿو ته الله هرگز ان کي پوئتي نٿو ڪري، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي