062 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يُسَـبِّحُ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ الْمَلِكِ الْقُدُّوْسِ الْعَزِيْزِ الْحَكِـيْمِ 1
الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪري رهيون آهن اهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، اُهو حقيقي بادشاهه، مقدس غالب حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْ بَعَثَ فِي الْاُمِّيّٖنَ رَسُوْلًا مِّنْهُمْ يَتْلُوْا عَلَيْهِمْ اٰيٰتِهٖ وَيُزَكِّيْهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتٰبَ وَالْحِكْمَةَ ۤ وَاِنْ كَانُوْا مِنْ قَبْلُ لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ 2ۙ
اهو ئي آهي جنهن اُمِيُنِ (اڻ پڙهيلن ۾) انهن مان رسولِ عربيءَ کي موڪليو جيڪو انهن تي ان جون آيتون پڙهي ٿو ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو، ۽ بيشڪ اهي رسولِ عربيءَ کان اڳ ۾ صاف گمراهيءَ ۾ هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّاٰخَرِيْنَ مِنْهُمْ لَمَّا يَلْحَقُوْا بِهِمْ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
۽ انهن پَويَنِ کي (علم و حڪمت عطا ڪري ٿو) جيڪي انهن کي نه پهتا، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ فَضْلُ اللّٰهِ يُؤْتِيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِيْمِ 4
اهو الله تعالى جو فضل آهي، پاڻ جنهنکي چاهي عطا ڪري ٿو، ۽ الله تعالى عظيم فضل ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَثَلُ الَّذِيْنَ حُمِّلُوا التَّوْرٰىةَ ثُـمَّ لَمْ يَحْمِلُوْهَا كَمَثَلِ الْحِمَارِ يَحْمِلُ اَسْفَارًا ۭ بِئْسَ مَثَلُ الْقَوْمِ الَّذِيْنَ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 5
انهن (يهودين) جو مثال جن تي تورات (جي علم ۽ عمل جو بار) رکيو ويو، ان کان پوءِ انهن اهو بار نه کنيو، انهن جو مثال ان گڏهه جهڙو آهي جيڪو پٺن تي ڪتاب کڻي ٿو، (اهو) تمام خراب مثال آهي ان قوم جو جيڪي الله تعالى جي آيتن جي تڪذيب ڪن ٿا، ۽ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ هَادُوْٓا اِنْ زَعَمْتُمْ اَنَّكُمْ اَوْلِيَاۗءُ لِلّٰهِ مِنْ دُوْنِ النَّاسِ فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 6
رسولِ عربي توهان فرمايو، اي يهوديو جيڪڏهن توهان ڀانيو ٿا ته بيشڪ توهان الله جا پيارا آهيو، ٻين ماڻهن کانسواءِ، پوءِ توهان موت جي تمنا ڪريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَا يَتَمَنَّوْنَهٗ ٓ اَبَدًۢا بِـمَا قَدَّمَتْ اَيْدِيْهِمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِالظّٰلِمِيْنَ 7
۽ اهي ڪڏهن به موت جي تمنا نه ڪندا، انهي بداعماليءَ سببان جيڪا انهن پنهنجي هٿن سان ڪئي آهي، ۽ الله تعالى ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اِنَّ الْمَوْتَ الَّذِيْ تَفِرُّوْنَ مِنْهُ فَاِنَّهٗ مُلٰقِيْكُمْ ثُـمَّ تُرَدُّوْنَ اِلٰى عٰلِمِ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 8ۧ
رسولِ عربي توهان فرمايو، بيشڪ جنهن موت کان توهان فرار ٿيو ٿا، پوءِ بيشڪ اهو توهان سان ملاقات ڪندو، ان کان پوءِ توهان کي الله تعالى ڏانهن موٽايو ويندو، پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا نُوْدِيَ لِلصَّلٰوةِ مِنْ يَّوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا اِلٰى ذِكْرِ اللّٰهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 9
اي مؤمنو ! جنهن وقت توهان کي (جمعي جي ڏينهن) جمعي جي نماز لاءِ سڏيو وڃي پوءِ توهان الله جي ذڪر ڏانهن سعيو ڪريو ۽ توهان واپار کي ڇڏي ڏيو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِذَا قُضِيَتِ الصَّلٰوةُ فَانْتَشِرُوْا فِي الْاَرْضِ وَابْتَغُوْا مِنْ فَضْلِ اللّٰهِ وَاذْكُرُوا اللّٰهَ كَثِيْرًا لَّعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ 10
پوءِ جنهن وقت نماز ادا ٿي وڃي پوءِ توهان زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ الله جي فضل (رزق ۽ علم) جي طلب ڪريو ۽ توهان الله تعالى جو گھڻو ذڪر ڪريو ته يقيناً توهان نجات حاصل ڪندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا رَاَوْا تِجَارَةً اَوْ لَهْوَا ۨانْفَضُّوْٓا اِلَيْهَا وَتَرَكُوْكَ قَاۗىِٕمًا ۭ قُلْ مَا عِنْدَ اللّٰهِ خَيْرٌ مِّنَ اللَّهْوِ وَمِنَ التِّجَارَةِ ۭ وَاللّٰهُ خَيْرُ الرّٰزِقِيْنَ ۧ11
۽ جنهن وقت انهن تجارت يا راند تماشو ڏٺو ته (گھڻا) اوڏانهن ويا ۽ توهان کي خطبي ۾ بيٺل ڇڏيائون، رسولِ عربي توهان فرمايو ته جيڪو (ثواب) الله وٽ آهي اهو راند تماشي ۽ تجارت کان بهتر آهي، ۽ الله تعالى بهترين رزق ڏيندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي