061 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 14 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪن ٿيون اهي (شيون) جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن ۽ اهو ئي غالب صاحبِ حڪمت آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لِمَ تَقُوْلُوْنَ مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 2
اي مؤمنو ! توهان اهڙي ڳالهه ڇو ٿا ڪريو جنهن تي پاڻ عمل نٿا ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَبُرَ مَقْتًا عِنْدَ اللّٰهِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا لَا تَفْعَلُوْنَ 3
الله تعالى کي سخت ناپسند آهي اُها ڳالهه جيڪا توهان چئو ٿا (۽ پاڻ) ان تي عمل نٿا ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الَّذِيْنَ يُقَاتِلُوْنَ فِيْ سَبِيْلِهٖ صَفًّا كَاَنَّهُمْ بُنْيَانٌ مَّرْصُوْصٌ 4
بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن سان محبت رکي ٿو جيڪي صفون ٻَڌي سندس راه ۾ جهاد ڪن ٿا، گوياڪ اهي بيحد مضبوط ديوار آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ لِمَ تُؤْذُوْنَنِيْ وَقَدْ تَّعْلَمُوْنَ اَنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ ۭ فَلَمَّا زَاغُوْٓا اَزَاغَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفٰسِقِيْنَ 5
۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت (حضرت) موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم توهان مون کي ڇو ايذايو ٿا؟ حالانڪ توهان کي چڱي طرح معلوم آهي ته بيشڪ آئون توهان ڏانهن الله جو پيغمبر آهيان، پوءِ جڏهن انهن ٽيڙائي ڪئي ته الله انهن جون دليون ٽيڙيون ڪيون ۽ الله تعالى گنهگار قوم کي هدايت نٿو ڏئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذْ قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ يٰبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اِنِّىْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَيْكُمْ مُّصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيَّ مِنَ التَّوْرٰىةِ وَمُبَشِّرًۢا بِرَسُوْلٍ يَّاْتِيْ مِنْۢ بَعْدِي اسْمُهٗ ٓ اَحْمَدُ ۭ فَلَمَّا جَاۗءَهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ قَالُوْا هٰذَا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 6
۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت (حضرت) عيسيٰ ابن مريم چيو ته اي بني اسرائيل بيشڪ آئون توهان ڏانهن الله جو پيغمبر آهيان آئون پاڻ کان اڳ ۾ آيل ڪتاب تورات جي تصديق ڪريان ٿو ۽ رسولِ عربيءَ جي بشارت ڏيندڙ آهيان جيڪو مون کان پوءِ تشريف فرما ٿيندو سندن نالو مبارڪ احمد (ﷺ) هوندو، پوءِ جڏهن پاڻ ڪريم انهن وٽ واضح دليل کڻي پهتا، انهن چيو هي صاف جادو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ الْكَذِبَ وَهُوَ يُدْعٰٓى اِلَى الْاِسْلَامِ ۭ وَاللّٰهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ 7ۚ
۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ هڻي ٿو حالانڪ ان کي اسلام ڏانهن سڏيو وڃي ٿو، ۽ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُرِيْدُوْنَ لِيُطْفِــــُٔـوْا نُوْرَ اللّٰهِ بِاَفْوَاهِهِمْ ۭ وَاللّٰهُ مُتِمُّ نُوْرِهٖ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 8
اهي (ڪافر) ارادو ڪن ٿا ته الله جي نور کي پنهنجي ڦُوڪن سان وِسائن ۽ الله تعالى پنهنجي نور کي مڪمل ڪندڙ آهي جيتوڻيڪ ڪافرن کي (اهو) ناپسند آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ رَسُوْلَهٗ بِالْهُدٰى وَدِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهٗ عَلَي الدِّيْنِ كُلِّهٖ ۙ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُوْنَ 9ۧ
اهو ئي آهي جنهن پنهنجي رسولِ عربي کي هدايت ۽ دينِ حق سان انهي لاءِ موڪليو ته جيئن انهيءَ کي سمورن دينن تي غالب ڪري، جيتوڻيڪ مشرڪن کي (اهو) ناپسند آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰي تِجَارَةٍ تُنْجِيْكُمْ مِّنْ عَذَابٍ اَلِيْمٍ 10
اي مؤمنو ! ڇا آئون توهان کي اهڙي تجارت جو ڏس ڏيان جيڪا توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُجَاهِدُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِاَمْوَالِكُمْ وَاَنْفُسِكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ ۙ11
(اها هي آهي جو) توهان الله تعالى ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو، ۽ توهان الله تعالى جي راه ۾ جهاد ڪريو پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان. اهو توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوْبَكُمْ وَيُدْخِلْكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فِيْ جَنّٰتِ عَدْنٍ ۭ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ۙ12
اهو (رب ڪريم) توهان جا گناه بخش ڪندو ۽ توهان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون ۽ شاندار محلن ۾ جيڪي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ هوندا، اها تمام وڏي ڪاميابي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّاُخْرٰى تُحِبُّوْنَهَا ۭ نَصْرٌ مِّنَ اللّٰهِ وَفَتْحٌ قَرِيْبٌ ۭ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِيْنَ 13
۽ (علاوه ازين) توهان کي ٻي نعمت به ملندي جيڪا توهان کي وڻندي، الله تعالى جي طرفان مدد ايندي ۽ فتح قريب آهي، ۽ توهان مؤمنن کي بشارت ڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْٓا اَنْصَارَ اللّٰهِ كَـمَا قَالَ عِيْسَى ابْنُ مَرْيَـمَ لِلْحَوَارِيّٖنَ مَنْ اَنْصَارِيْٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ قَالَ الْحَــوَارِيُّوْنَ نَـحْنُ اَنْصَارُ اللّٰهِ فَاٰمَنَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ وَكَفَرَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ ۚ فَاَيَّدْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا عَلٰي عَدُوِّهِمْ فَاَصْبَحُوْا ظٰهِرِيْنَ ۧ14
اي مؤمنو ! توهان الله تعالى جا مددگار ٿيو جيئنڪ عيسيٰ پٽ مريم حَوارين کي چيو ته الله جي طرفان (حمايتي ٿي) منهنجي مدد ڪير ڪندا. حَوارين چيو اسين الله جا مددگار آهيون، پوءِ بني اسرائيل جي هڪ ٽولي ايمان آندو ۽ (ٻِئي) ٽولي ڪفر ڪيو، پوءِ اسان سندن دشمنن تي مؤمنن کي مدد عطا ڪئي، پوءِ مؤمن غالب ٿيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي