060 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 13 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَّخِذُوْا عَدُوِّيْ وَعَدُوَّكُمْ اَوْلِيَاۗءَ تُلْقُوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ وَقَدْ كَفَرُوْا بِـمَا جَاۗءَكُمْ مِّنَ الْحَقِّ ۚ يُخْرِجُوْنَ الرَّسُوْلَ وَاِيَّاكُمْ اَنْ تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ رَبِّكُمْ ۭ اِنْ كُنْتُمْ خَرَجْتُمْ جِهَادًا فِيْ سَبِيْلِيْ وَابْتِغَاۗءَ مَرْضَاتِيْ ڰ تُسِرُّوْنَ اِلَيْهِمْ بِالْمَوَدَّةِ ڰ وَاَنَا اَعْلَمُ بِـمَآ اَخْفَيْتُمْ وَمَآ اَعْلَنْتُمْ ۭ وَمَنْ يَّفْعَلْهُ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ 1
اي مؤمنو ! توهان منهنجي ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بنايو، توهان انهن ڏانهن دوستي جي ڪري رسولِ عربي جون خبرون پهچايو ٿا، حالانڪ تحقيق انهن (حق) جو انڪار ڪيو جيڪو توهان وٽ پهتو، انهن رسولِ عربي ۽ توهان کي هجرت ڪرائي ان لاءِ جو توهان الله تي ايمان آندو، جيڪو توهان جو رب آهي، جيڪڏهن توهان منهنجي واٽ ۾ جهاد لاءِ نڪتا ۽ (توهان) منهنجي رضا گھرو ٿا (ته انهن سان دوستي نه رکو) توهان انهن کي دوستي جي ڪري خفيه خبرون پهچايو ٿا، ۽ آئون توهان جي مخفي ۽ ظاهر کي وڌيڪ ڄاڻان ٿو، ۽ توهان مان جنهن ماڻهو ايئن ڪيو پوءِ بيشڪ اهو سنئين رستي تان گمراه ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنْ يَّثْقَفُوْكُمْ يَكُوْنُوْا لَكُمْ اَعْدَاۗءً وَّيَبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ وَاَلْسِنَتَهُمْ بِالسُّوْۗءِ وَوَدُّوْا لَوْ تَكْفُرُوْنَ 2ۭ
جيڪڏهن اهي (ڪافر) توهان کي لهن ته توهان سان دشمني ڪن ۽ توهان ڏانهن (جنگ لاءِ) هٿ وڌائن ۽ پنهنجي زبانن کي برائي لاءِ هلائن ۽ اهي خواهش ڪن ٿا ته ڪاش توهان ڪافر ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَنْ تَنْفَعَكُمْ اَرْحَامُكُمْ وَلَآ اَوْلَادُكُمْ ڔ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ڔ يَفْصِلُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 3
هرگز قيامت جي ڏينهن توهان کي توهان جون مائٽيون ۽ اولاد نفعو نه ڏيندا، الله تعالى توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَدْ كَانَتْ لَكُمْ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ فِيْٓ اِبْرٰهِيْمَ وَالَّذِيْنَ مَعَهٗ ۚ اِذْ قَالُوْا لِقَوْمِهِمْ اِنَّا بُرَءٰۗؤُا مِنْكُمْ وَمِـمَّا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ ۡ كَفَرْنَا بِكُمْ وَبَدَا بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةُ وَالْبَغْضَاۗءُ اَبَدًا حَتّٰى تُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَحْدَهٗ ٓ اِلَّا قَوْلَ اِبْرٰهِيْمَ لِاَبِيْهِ لَاَسْتَغْفِرَنَّ لَكَ وَمَآ اَمْلِكُ لَكَ مِنَ اللّٰهِ مِنْ شَيْءٍ ۭ رَبَّنَا عَلَيْكَ تَوَكَّلْنَا وَاِلَيْكَ اَنَبْنَا وَاِلَيْكَ الْمَصِيْرُ 4
بيشڪ توهان (مسلمانن) لاءِ سهڻي پيروي آهي (حضرت) ابراهيم جي قولن ۾ ۽ جيڪي مؤمن ساڻن گڏ هئا، جنهن وقت انهن پنهنجي قوم کي چيو بيشڪ اسين توهان کان ۽ توهان جي بتن کان بيزار آهيون جن جي توهان الله کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا، اسين توهان جو انڪار ڪريون ٿا، ۽ توهان ۽ اسان جي وچ ۾ هميشه لاءِ دشمني ۽ بغض پيدا ٿيو آهي ايستائين جو توهان الله تي ايمان آڻيو جيڪو وحدہٗ لا شريڪَ لہٗ آهي، سواءِ ان قول ابراهيم جي جيڪو ان سندس چاچي لاءِ چيو هو ته آئون تنهنجي لاءِ ضرور بخشش طلب ڪندس ۽ آئون الله جي حضور ۾ تو لاءِ ڪنهن شيءِ جو مالڪ ناهيان، اي اسان جا رب اسان تو تي توڪل ڪئي ۽ تو ڏانهن رجوع ٿياسين ۽ تو ڏانهن موٽڻو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا فِتْنَةً لِّلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَاغْفِرْ لَنَا رَبَّنَا ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 5
اي اسان جا رب تون اسان کي ڪافرن جي فتني (آزمائش) ۾ نه وجھه ۽ اي اسان جا رب تون اسان کي بخش ڪر، بيشڪ تون غالب حڪمت وارو آهين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِيْهِمْ اُسْوَةٌ حَسَـنَةٌ لِّمَنْ كَانَ يَرْجُوا اللّٰهَ وَالْيَوْمَ الْاٰخِرَ ۭ وَمَنْ يَّتَوَلَّ فَاِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 6ۧ
بيشڪ تحقيق توهان لاءِ انهن ۾ سهڻي پيروي هئي اهڙي ماڻهو لاءِ جيڪو الله تعالى ۽ قيامت ۾ اميد رکي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو (ان کان) مُنهن موڙي ٿو پوءِ بيشڪ الله تعالى ئي غني (۽) ساراهيل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَسَى اللّٰهُ اَنْ يَّجْعَلَ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَ الَّذِيْنَ عَادَيْتُمْ مِّنْهُمْ مَّوَدَّةً ۭ وَاللّٰهُ قَدِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 7
قريب آهي جو الله تعالى توهان جي ۽ توهان جي دشمنن جي وچ ۾ دوستي ڪرائي ڇڏي، ۽ الله قادر آهي، ۽ الله غفور رحيم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ لَمْ يُقَاتِلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَلَمْ يُخْرِجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ اَنْ تَبَرُّوْهُمْ وَتُقْسِطُوْٓا اِلَيْهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 8
جيڪي ماڻهو دين ۾ توهان سان نٿا وڙهن ۽ انهن توهان کي پنهنجي گھرن مان نه ڪڍيو، الله تعالى توهان کي اهڙن ماڻهن سان احسان ۽ انصاف ڪرڻ جي منع نٿو فرمائي، بيشڪ الله تعالى انصاف ڪندڙن سان محبت رکي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا يَنْهٰىكُمُ اللّٰهُ عَنِ الَّذِيْنَ قٰتَلُوْكُمْ فِي الدِّيْنِ وَاَخْرَجُوْكُمْ مِّنْ دِيَارِكُمْ وَظٰهَرُوْا عَلٰٓي اِخْرَاجِكُمْ اَنْ تَوَلَّوْهُمْ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّهُمْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 9
جيڪي ماڻهو دين ۾ توهان سان وڙهن ٿا ۽ انهن توهان کي توهان جي گھرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ توهان جي ڪڍڻ لاءِ انهن مدد ڪئي الله تعالى فقط اهڙن ماڻهن سان دوستيءَ جي توهان کي منع فرمائي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو انهن سان دوستي رکندو پوءِ اهي ئي ظالم آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا جَاۗءَكُمُ الْمُؤْمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامْتَحِنُوْهُنَّ ۭ اَللّٰهُ اَعْلَمُ بِـاِيْـمَانِهِنَّ ۚ فَاِنْ عَلِمْتُمُوْهُنَّ مُؤْمِنٰتٍ فَلَا تَرْجِعُوْهُنَّ اِلَى الْكُفَّارِ ۭ لَا هُنَّ حِلٌّ لَّهُمْ وَلَا هُمْ يَحِلُّوْنَ لَهُنَّ ۭ وَاٰتُوْهُمْ مَّآ اَنْفَقُوْا ۭ وَلَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ اَنْ تَنْكِحُوْهُنَّ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۭ وَلَا تُمْسِكُوْا بِعِصَمِ الْكَوَافِرِ وَاسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقْتُمْ وَلْيَسْـَٔــلُوْا مَآ اَنْفَقُوْا ۭ ذٰلِكُمْ حُكْمُ اللّٰهِ ۭ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 10
اي مؤمنو جڏهن توهان وٽ مؤمن عورتون (ڪافرن وٽان) هجرت ڪري اچن پوءِ توهان انهن جو امتحان وٺو، الله تعالى انهن جي ايمان کي بهتر ڄاڻي ٿو، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن کي مؤمن معلوم ڪريو پوءِ توهان انهن کي ڪافرن ڏانهن نه موٽايو، اهي ڪافرن لاءِ حلال ناهن ۽ نه اهي ڪافر انهن لاءِ حلال آهن، ۽ توهان انهن جي مڙسن کي ڏيو جيڪو انهن خرچ ڪيو آهي ۽ توهان (مؤمنن) تي ڪو گناه ڪونهي جو توهان انهن عورتن سان نڪاح ڪريو جڏهن ته کين سندن مَهرون ادا ڪريو، ۽ ڪافر عورت جي نڪاح تي مضبوط نه ٿيو ۽ توهان انهن کان گھرو جيڪو توهان خرچ ڪيو ۽ اهي (ڪافر) توهان کان گھُرن جيڪو انهن خرچ ڪيو، اهو توهان لاءِ الله جو حڪم آهي، اُهو توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو، ۽ الله تعالى هميشه ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنْ فَاتَكُمْ شَيْءٌ مِّنْ اَزْوَاجِكُمْ اِلَى الْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَاٰتُوا الَّذِيْنَ ذَهَبَتْ اَزْوَاجُهُمْ مِّثْلَ مَآ اَنْفَقُوْا ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْٓ اَنْتُمْ بِهٖ مُؤْمِنُوْنَ 11
۽ جيڪڏهن توهان جي هٿ مان ڪجھه عورتون (ڪنهن سبب جي ڪري) ڪافرن ڏانهن نڪر ي وڃن پوءِ توهان انهن کي سزا ڏيو پوءِ جن ماڻهن جون گھر واريون ويون آهن، انهن کي (مالِ غنيمت مان) ايترو ڏيو جيترو انهن خرچ ڪيو آهي، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو جنهن تي توهان يقين رکندڙ آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا جَاۗءَكَ الْمُؤْمِنٰتُ يُبَايِعْنَكَ عَلٰٓي اَنْ لَّا يُشْرِكْنَ بِاللّٰهِ شَـيْـــــًٔــا وَّلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِيْنَ وَلَا يَقْتُلْنَ اَوْلَادَهُنَّ وَلَا يَاْتِيْنَ بِبُهْتَانٍ يَّفْتَرِيْنَهٗ بَيْنَ اَيْدِيْهِنَّ وَاَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِيْنَكَ فِيْ مَعْرُوْفٍ فَبَايِعْهُنَّ وَاسْتَغْفِرْ لَهُنَّ اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 12
اي سچا نبي جنهن وقت توهان وٽ مؤمن عورتون اچن (۽) ان ڳالهه تي بيعت ڪن ته اهي الله سان گڏ ڪنهن کي شريڪ نه ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه بدڪاري ڪنديون ۽ نه اهي پنهنجي اولادن کي قتل ڪنديون ۽ نه اهي بُهتان آڻينديون جنهنکي پنهنجي هٿن ۽ پيرن سان گھڙين ٿيون، ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ توهان جي بي فرماني نه ڪنديون، پوءِ توهان انهن عورت سان بيعت ڪريو ۽ توهان الله کان انهن لاءِ بخشش طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَتَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ قَدْ يَىِٕسُوْا مِنَ الْاٰخِرَةِ كَـمَا يَىِٕسَ الْكُفَّارُ مِنْ اَصْحٰبِ الْقُبُوْرِ ۧ13
اي مؤمنو توهان انهيءَ قوم سان (قطعاً) دوستي نه رکو جن تي الله تعالى غضب ڪيو آهي، اُهي آخرت کان نااميد ٿيا جيئنڪ ڪافر قبرن وارن کان نااميد ٿيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي