006 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1
سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا فرمايو ۽ تخليق ڪيائين اُوندَاهِيُنِ ۽ روشنين کي، انهي کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڪفر ڪن ٿا سي پنهنجي رب سان بُتن کي شريڪ ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2
اهو الله جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا فرمايو پوءِ هڪ مُدت کي (توهان لاءِ) مقرر ڪيائين ۽ الله وٽ وقت (توهان جو) مقرر ٿيل آهي انهيءَ کان پوءِ توهان شڪ ڪريو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3
۽ اهو الله آهي آسمانن ۽ زمينن ۾ ڄاڻي ٿو ڳُجھه توهان جي کي ۽ ظاهر توهان جي کي ۽ ڄاڻي ٿو عملن توهان جن کي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4
۽ نٿي اچي انهن وٽ ڪا آيت سندن رب جي طرفان مگر انهيءَ کان اهي مُنهن موڙيندڙ هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5
پوءِ بيشڪ انڪار ڪيائون قرآن ڪريم جو جڏهن رسولِ عربي انهن وٽ آندو، پوءِ جلدي ايندي انهن وٽ خبر انهيءَ جي جنهن سان مذاق ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6
ڇا نه ڏٺائون ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان انهن کان اڳ ۾ اُمتون جن کي اسان ٽِڪايو زمين ۾ نعمتن سان جن نعمتن سان اسان توهان کي نه ٽڪايو ۽ اسان مسلسل بارشون انهن تي وسايون ۽ اسان نهرن کي پيدا فرمايو جيڪي وهيون ٿي انهن جي هيٺان پوءِ سندن گناهن سببان اسان انهن کي هلاڪ ڪيو ۽ انهن کان پوءِ اسان پيدا ڪيا ٻيا ماڻهو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ جيڪڏهن اسان رسولِ عربي تي لکت نازل ڪريون ها پني تي پوءِ انهيءَ کي اهي هٿ لائن ها، ته به چون ها جن ماڻهن ڪفر ڪيو ٿي، ناهي هي (قرآن) مگر صاف جادو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8
۽ چيائون ڇو نه رسولِ عربي تي ملائڪ نازل ڪيو ويو (جيڪو سندن تصديق ڪري ها) ۽ جيڪڏهن اسان ملائڪ موڪليون ها ته فيصلو ٿي وڃي ها انهي کان پوءِ مهلت نه ڏني وڃي ها
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9
۽ جيڪڏهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته اُهو ضرور انساني شڪل ۾ موڪليون ها ۽ ضرور رسول بابت اهي شڪ ۾ پون ها جيئنڪ هينئر اهي شڪ ۾ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
۽ تحقيق توهان کان اڳين رسولن سان مذاق ڪئي وئي پوءِ (عذاب ۾ گرفتار ٿيا اهي ماڻهو جن پيغمبرن سان مذاق ڪئي انهي سببان جو مذاق ڪيائون ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ 11
اي حبيب ! توهان فرمايو، سير ڪريو توهان زمين ۾ انهيءَ کان پوءِ ڏسو ته ڪهڙي پڇاڙي آهي رسولن کي ڪُوڙو سمجھندڙن جي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 12
اي حبيب ! توهان فرمايو ڪنهن لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي؟ اي حبيب ! توهان فرمايو اهو سڀ ڪجھه الله لاءِ آهي، الله تعالى (امتِ محمديه لاءِ) رحمت جو فيصلو فرمايو آهي، ۽ الله ضرور توهان کي گڏ ڪندو قيامت جي ڏينهن جو ناهي شڪ انهيءَ ۾، جن ماڻهن نقصان ۾ وڌو پنهنجن وجودن کي پوءِ اهي نٿا ايمان آڻن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 13
۽ سڀئي مخلوقات ۽ موجودات الله تعالى جي ملڪيت آهن، ۽ اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ 14
اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا الله کان سواءِ آئون عبادت ڪريان جيڪو پيدا ڪندڙ آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو ۽ اهو کارائي ٿو ۽ پاڻ نٿو کائي. اي حبيب ! توهان فرمايو مون کي بيشڪ حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون پهريون فرمانبردار هجان ۽ هرگز تون گڏ نه هج مشرڪن سان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ 15
اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آئون خوف ڪريان ٿو قيامت جو جيڪڏهن (بالفرض) مون پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ 16
جيڪو انسان قيامت جي ڏينهن عذاب کان پري ڪيو ويو پوءِِ بيشڪ انهيءَ تي الله رحم ڪيو، ۽ اِها صاف ڪاميابي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 17
۽ جيڪڏهن الله توهان کي سختي پهچائي پوءِ ڪير به ان کي لاهي نٿو سگھي مگر الله تعالى پاڻ ۽ جيڪڏهن الله توهان کي ڀلائي پهچائي ٿو پوءِ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ 18
۽ الله تعالى پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو هميشه حڪمت وارو خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ۘ19
اي حبيب ! توهان فرمايو الله کان شاهدي ۾ ڪهڙي شيءِ وڏي آهي، اي حبيب ! توهان فرمايو الله شاهد آهي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ ۽ مون ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي هيءُ قرآن مجيد انهي لاءِ ته توهان کي ڊيڄاريان ۽ جن ماڻهن تائين قرآن ڪريم پهچي. ڇا توهان (مڪي جا ماڻهو) شاهدي ڏيو ٿا ته بيشڪ الله تعالى سان گڏ ٻيا خدا آهن، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون شاهدي نٿو ڏيان، توهان فرمايو اهو الله هڪ آهي ۽ بيشڪ آئون اوهان جي شرڪ کان قطعاً بيزار آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۧ20
اهي ماڻهو جن کي اسان تورات ۽ انجيل ڏنو رسولِ عربي کي سڃاڻن ٿا جيئن سڃاڻن ٿا پنهنجن پُٽن کي، جن ماڻهن نقصان ۾ وڌو پنهنجن وجودن کي پوءِ اهي ايمان نه آڻيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي