059 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 24 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪن ٿيون اُهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْٓ اَخْرَجَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ مِنْ دِيَارِهِمْ لِاَوَّلِ الْحَشْرِ ڼ مَا ظَنَنْتُمْ اَنْ يَّخْرُجُوْا وَظَنُّوْٓا اَنَّهُمْ مَّانِعَتُهُمْ حُصُوْنُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ فَاَتٰىهُمُ اللّٰهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوْا ۤ وَقَذَفَ فِيْ قُلُوْبِهِمُ الرُّعْبَ يُخْرِبُوْنَ بُيُوْتَهُمْ بِاَيْدِيْهِمْ وَاَيْدِي الْمُؤْمِنِيْنَ ۤ فَاعْتَبِرُوْا يٰٓاُولِي الْاَبْصَارِ 2
اهو ئي آهي جنهن انهن ڪافرن (بني نضير قبيلي جي) يهودين کي سندن گھرن مان پهريون ڀيرو گڏ ڪري ڪڍيو، توهان کي ته انهن جي نڪرڻ جو گمان ئي نه هو ۽ خود انهن جو گمان هو ته بيشڪ اهي سندن قلعا کين الله جي عذاب کان بچائي سگھندا پوءِ انهن تي عذابِ الاهي اُتان اچي پهتو جتان کين خيال ئي نه هو، ۽ الله تعالى انهن جي دلين ۾ رُعب وڌو جو اهي پنهنجا گهر پنهنجي هٿن ۽ مسلمانن جي هٿن سان خراب ڪرڻ لڳا، پوءِ اي عقلمندو توهان (ان مان) عبرت وٺو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَوْلَآ اَنْ كَتَبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمُ الْجَلَاۗءَ لَعَذَّبَهُمْ فِي الدُّنْيَا ۭ وَلَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ عَذَابُ النَّارِ 3
۽ جيڪڏهن الله تعالى (سندن تقدير ۾) سندن جلاوطني نه لکي ها ته يقيناً انهن کي دنيا ۾ عذاب ڪري ها، ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باه جو عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ شَاۗقُّوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۚ وَمَنْ يُّشَاۗقِّ اللّٰهَ فَاِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 4
اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ انهن الله تعالى ۽ ان جي رسولن جي مخالفت ڪئي ۽ جنهن ماڻهو الله تعالى جي مخالفت ڪئي پوءِ بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا قَطَعْتُمْ مِّنْ لِّيْنَةٍ اَوْ تَرَكْتُمُوْهَا قَاۗىِٕمَةً عَلٰٓي اُصُوْلِهَا فَبِاِذْنِ اللّٰهِ وَلِيُخْزِيَ الْفٰسِقِيْنَ 5
جيڪي کجور جا وڻ توهان (انهن جا) وڍيا يا توهان انهن کي پنهنجي پاڙن تي بيهڻ ڏنو پوءِ اهو الله جي حڪم سان هو ۽ ان لاءِ ته فاسقن کي خوار ڪيو وڃي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْهُمْ فَـمَآ اَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَّلَا رِكَابٍ وَّلٰكِنَّ اللّٰهَ يُسَلِّــطُ رُسُلَهٗ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6
۽ جيڪو مالِ غنيمت انهن مان الله تعالى پنهنجي حبيب ڪريم کي عطا ڪيو، پوءِ توهان نه ان تي گھوڙا ڊوڙايا ۽ نه اُٺ هلايا پر الله تعالى پنهنجي رسولن کي جنهن تي چاهي غالب ڪري ٿو، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَآ اَفَاۗءَ اللّٰهُ عَلٰي رَسُوْلِهٖ مِنْ اَهْلِ الْقُرٰى فَلِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ وَ لِذِي الْقُرْبٰى وَالْيَـتٰمٰى وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ ۙ كَيْ لَا يَكُوْنَ دُوْلَةًۢ بَيْنَ الْاَغْنِيَاۗءِ مِنْكُمْ ۭ وَمَآ اٰتٰىكُمُ الرَّسُوْلُ فَخُذُوْهُ ۤ وَمَا نَهٰىكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوْا ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 7ۘ
انهن ڳوٺن مان جيڪو مالِ غنيمت الله تعالى پنهنجي حبيب ڪريم کي عطا ڪيو پوءِ اهو الله تعالى ۽ ان جي رسول جو آهي ۽ رسولِ عربيءَ جي رشتيدار ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، ان لاءِ ته اها توهان مان شاهوڪارن جي ملڪيت نه بنجي وڃي، جيڪو ڪجھه توهان کي رسولِ عربي عنايت ڪري پوءِ اهو توهان وٺو ۽ جنهن کان توهان کي منع فرمائي پوءِ ان کان روڪجو، ۽ توهان الله کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِلْفُقَرَاۗءِ الْمُهٰجِرِيْنَ الَّذِيْنَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِيَارِهِمْ وَاَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا وَّيَنْصُرُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 8ۚ
۽ انهن ضرورت مند مهاجرن جو حق آهي جيڪي پنهنجي گھرن ۽ پنهنجي ملڪيتن مان ٻاهر ڪڍيا ويا، اُهي الله تعالى جو فضل ۽ رضامندو طلب ڪن ٿا ۽ الله تعالى ۽ ان جي رسول جي مدد ڪن ٿا، اُهي ئي سچا آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ تَبَوَّؤُ الدَّارَ وَالْاِيْـمَانَ مِنْ قَبْلِهِمْ يُـحِبُّوْنَ مَنْ هَاجَرَ اِلَيْهِمْ وَلَا يَجِدُوْنَ فِيْ صُدُوْرِهِمْ حَاجَةً مِّمَّآ اُوْتُوْا وَيُؤْثِرُوْنَ عَلٰٓي اَنْفُسِهِمْ وَلَوْ كَانَ بِهِمْ خَصَاصَةٌ ڵ وَمَنْ يُّوْقَ شُحَّ نَفْسِهٖ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 9ۚ
۽ انهن ماڻهن جو به حق آهي جن مدينه منوره ۽ ايمان ۾ انهن کان اڳي پنهنجو گھر تيار ڪيو، اهي انهن اصحابن سان محبت رکن ٿا، جن انهن ڏانهن هجرت ڪئي، ۽ جيڪو ڪجھه انهن کي ملي ٿو ان تي ڪو رَشڪ نٿا ڪن ۽ اهي انهن کي پنهنجي وجودن تي برتري ڏين ٿا، جيتوڻيڪ اهي پاڻ سخت ضرورتمند آهن ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي نفسن جي لالچ کان بچو، پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ جَاۗءُوْ مِنْۢ بَعْدِهِمْ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَا اغْفِرْ لَنَا وَلِاِخْوَانِنَا الَّذِيْنَ سَبَقُوْنَا بِالْاِيْـمَانِ وَلَا تَجْعَلْ فِيْ قُلُوْبِنَا غِلًّا لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا رَبَّنَآ اِنَّكَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ10
۽ جيڪي ماڻهو انهن کان پوءِ آيا انهن جو به حق آهي. اهي چون ٿا اي اسان جا رب تون اسان کي بخش ڪر ۽ (تون اسان جي انهن) ڀائرن کي بخش ڪر جن اسان کان ايمان آڻڻ ۾ سبقت ڪئي (اڳرائي ڪئي) ، ۽ اسان جي دلين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڪينو پيدا نه ڪر، جن ايمان آندو، اي اسان جا رب بيشڪ تون شفقت ڪندڙ ٻاجھارو آهين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ نَافَقُوْا يَقُوْلُوْنَ لِاِخْوَانِهِمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ لَىِٕنْ اُخْرِجْتُمْ لَنَخْرُجَنَّ مَعَكُمْ وَلَا نُطِيْعُ فِيْكُمْ اَحَدًا اَبَدًا ۙ وَّاِنْ قُوْتِلْتُمْ لَنَنْصُرَنَّكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَشْهَدُ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 11
(اي مخاطب) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن منافقي ڪئي اهي پنهنجي انهن ڀائرن کي چئي رهيا هئا جن ڪفر ڪيو، اهلِ ڪتاب وارن مان ته قسم سان جيڪڏهن توهان کي (مدينه منوره مان) ڪڍيو ويو ته اسين ضرور توهان سان گڏ نڪرنداسين ۽ اسين ڪڏهن (توهان جي معاملي ۾) ڪنهنجو چوڻ نه ڪنداسين، ۽ جيڪڏهن توهان سان لڙائي ٿي ته يقيناً اسين توهان جي مدد ڪنداسين ۽ الله تعالى شاهدي ڏي ٿو ته بيشڪ اهي يقيناً ڪوڙا آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَىِٕنْ اُخْرِجُوْا لَا يَخْرُجُوْنَ مَعَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ قُوْتِلُوْا لَا يَنْصُرُوْنَهُمْ ۚ وَلَىِٕنْ نَّصَرُوْهُمْ لَيُوَلُّنَّ الْاَدْبَارَ ۣ ثُـمَّ لَا يُنْصَرُوْنَ 12
قسم سان جيڪڏهن اهي ڪڍيا ويا ته (اهي منافق) انهن سان گڏ ڪونه نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن (يهودين) سان لڙائي ٿي ته اهي سندن مدد ڪونه ڪندا، ۽ قسم سان جيڪڏهن اهي انهن جي مدد ڪن ته يقيناً اهي پُٺ ورائي ڀڄندا، ان کان پوءِ انهن جي مدد نه ڪئي ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَاَانْتُمْ اَشَدُّ رَهْبَةً فِيْ صُدُوْرِهِمْ مِّنَ اللّٰهِ ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُوْنَ 13
(اي مسلمانو) بيشڪ انهن (منافقن) جي سينن ۾ توهان جو خوف الله کان وڌيڪ آهي، اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ اهي اها قوم آهي جيڪا نٿي سمجھي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَا يُقَاتِلُوْنَكُمْ جَمِيْعًا اِلَّا فِيْ قُرًى مُّحَصَّنَةٍ اَوْ مِنْ وَّرَاۗءِ جُدُرٍ ۭ بَاْسُهُمْ بَيْنَهُمْ شَدِيْدٌ ۭ تَحْسَبُهُمْ جَمِيْعًا وَّقُلُوْبُهُمْ شَتّٰى ۭ ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَعْقِلُوْنَ ۚ14
(اهي منافق) گڏجي به توهان (مسلمانن) سان نه وڙهندا، مگر محفوظ ڳوٺن ۾ يا ديوارن جي آڙ ۾ اهي پاڻ ۾ سخت ويڙه ڪن ٿا. (اي مخاطب) تون انهن کي متفق ڀانئين ٿو حالانڪ انهن جون دليون جدا جدا آهن. اهو انهي سببان جو اهي اُها قوم آهن جيڪي عقل نٿا رکن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَمَثَلِ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ قَرِيْبًا ذَاقُوْا وَبَالَ اَمْرِهِمْ ۚ وَلَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۚ15
انهن جو مثال انهن ماڻهن جهڙو آهي جيڪي ٿورو وقت اڳ ۾ گذريا جو انهن (دنيا ۾) پنهنجي ڪيل عملن جي سزا چکي، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَمَثَلِ الشَّيْطٰنِ اِذْ قَالَ لِلْاِنْسَانِ اكْفُرْ ۚ فَلَمَّا كَفَرَ قَالَ اِنِّىْ بَرِيْۗءٌ مِّنْكَ اِنِّىْٓ اَخَافُ اللّٰهَ رَبَّ الْعٰلَمِيْنَ 16
انهن جو مثال شيطان جهڙو آهي، جنهن وقت ان انسان کي چيو ته تون ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن ان ڪفر ڪيو شيطان چيو بيشڪ آئون تو کان بَري آهيان، بيشڪ آئون الله کان خوف ڪريان ٿو جيڪو رب آهي جهانن جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَكَانَ عَاقِبَتَهُمَآ اَنَّهُمَا فِي النَّارِ خَالِدَيْنِ فِيْهَا ۭ وَذٰلِكَ جَزٰۗؤُا الظّٰلِمِيْنَ ۧ17
پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي (هي آهي ته) بيشڪ اهي ٻئي هميشه باه ۾ آهن، ۽ اها ظالمن جي جزا آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَلْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ 18
اي مؤمنو ! توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان مان (هر هڪ) انسان کي ڏسڻ گھرجي ته سُڀاڻي لاءِ ان ڪهڙو عمل موڪليو آهي، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ نَسُوا اللّٰهَ فَاَنْسٰـىهُمْ اَنْفُسَهُمْ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 19
۽ توهان اهڙن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن الله تعالى کي وساريو پوءِ الله تعالى انهن جي وجودن کي وساري ڇڏيو، اهي ئي فاسق (نافرمان) آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَا يَسْتَوِيْٓ اَصْـحٰبُ النَّارِ وَاَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ ۭ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ هُمُ الْفَاۗىِٕزُوْنَ 20
نٿا برابر ٿين جهنمي ۽ جنتي، جنتي ئي ڪامياب آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي