057 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
الله تعالى جي تسبيح ڪن ٿيون اهي (مخلوقون) جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، ۽ اهو ئي غالب، صاحبِ حڪمت آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۚ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 2
انهيءَ لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي، اهو جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قادر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الْاَوَّلُ وَالْاٰخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ ۚ وَهُوَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 3
اهو ئي اول ۽ آخر ۽ ظاهر ۽ باطن آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْـتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ ۭ يَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْــرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ مَعَكُمْ اَيْنَ مَا كُنْتُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 4
اهو ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي ڇَهَن ڏينهن ۾ پيدا فرمايو ان کان پوءِ (اُهو پنهنجي شان وٽان) عرشِ عظيم تي رونق افروز ٿيو، اهو ڄاڻي ٿو (هر ان شيءِ کي) جيڪا زمين ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ جيڪا ان مان نڪري ٿي ۽ جيڪو ڪجھه آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪو ڪجھه ان ۾ چڙهي ٿو، ۽ اهو (پنهنجي ڪمالِ قدرت سان) توهان سان گڏ آهي (چاهي) توهان ڪٿي به هجو ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ 5
انهيءَ لاءِ آسمانن ۽ زمينن جو مُلڪ آهي، ۽ الله تعالى ڏانهن سمورا ڪم موٽايا وڃن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُوْلِجُ الَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُوْلِجُ النَّهَارَ فِي الَّيْلِ ۭ وَهُوَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 6
رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ اهو سينن جي رازن کي ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياٰمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاَنْفِقُوْا مِـمَّا جَعَلَكُمْ مُّسْتَخْلَفِيْنَ فِيْهِ ۭ فَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ وَاَنْفَقُوْا لَهُمْ اَجْرٌ كَبِيْرٌ 7
(اي انسانو) توهان الله تعالى ۽ ان جي رسولِ عربي تي ايمان آڻيو ۽ جن ملڪيتن جو الله تعالى توهان کي ٻين جو جا نشين بنايو. انهيءَ ما ڪجھه خدا تعالى جي راه ۾ خرچ ڪريو، پوءِ توهان مان جن ماڻهن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو انهن لاءِ تمام وڏو اجر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا لَكُمْ لَا تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ ۚ وَالرَّسُوْلُ يَدْعُوْكُمْ لِتُؤْمِنُوْا بِرَبِّكُمْ وَقَدْ اَخَذَ مِيْثَاقَكُمْ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله تعالى تي ايمان نٿا آڻيو، حلانڪِ رسولِ عربي توهان کي انهيءَ لاءِ سڏين ٿا ته توهان پنهنجي رب تي ايمان آڻيو، ۽ بيشڪ ان توهان کان (پهريائين) پڪو وعدو ورتو آهي، جيڪڏهن توهان کي يقين آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْ يُنَزِّلُ عَلٰي عَبْدِهٖٓ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لِّيُخْرِجَكُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ۭ وَاِنَّ اللّٰهَ بِكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ 9
اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي پياري عبد (حبيب ڪريم) تي واضح آيتون نازل فرمائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته اهو توهان کي اونداهين مان ڪڍي روشنائي ڏانهن آڻي، ۽ بيشڪ الله تعالى توهان تي بيحد شفيق ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا لَكُمْ اَلَّا تُنْفِقُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَلِلّٰهِ مِيْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ لَا يَسْتَوِيْ مِنْكُمْ مَّنْ اَنْفَقَ مِنْ قَبْلِ الْفَتْحِ وَقٰتَلَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْظَمُ دَرَجَةً مِّنَ الَّذِيْنَ اَنْفَقُوْا مِنْۢ بَعْدُ وَقٰتَلُوْا ۭ وَكُلًّا وَّعَدَ اللّٰهُ الْحُسْنٰى ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ ۧ10
۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله جي راه ۾ خرچ نٿا ڪريو حالانڪِ آسمانن ۽ زمينن جو وارث الله تعالى آهي، توهان مان برابر نٿا ٿين اهي ماڻهو جن فتحِ مڪه کان اڳ ۾ خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو، انهن لاءِ تمام وڏو درجو آهي، انهن ماڻهن کان جن خرچ ڪيو فتح کان پوءِ ۽ جهاد ڪيو، ۽ سڀن سان الله تعالى سهڻو وعدو (بهشت جو) فرمايو آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَنْ ذَا الَّذِيْ يُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهٗ لَهٗ وَلَهٗ ٓ اَجْرٌ كَرِيْمٌ ۚ11
ڪير آهي جيڪو الله تعالى کي سهڻو قرض ڏِئي ٿو (يعنى پنهنجو مال خدا ڪارڻ خرچ ڪري ٿو) پوءِ اهو ان لاءِ ان کي ٻيڻو ڪري ٿو ۽ ان لاءِ عزت وارو اجر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ تَرَى الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ يَسْعٰى نُوْرُهُمْ بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَبِاَيْمَانِهِمْ بُشْرٰىكُمُ الْيَوْمَ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ۚ12
ان ڏينهن توهان مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ڏسندا ته انهن جو نُور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي پاسي هلندو توهان کي اڄ ڏينهن باغن جي بشارت آهي، انهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (اهي) هميشه انهيءَ ۾ رهندا، اها ئي عظيم ڪاميابي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالْمُنٰفِقٰتُ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوا انْظُرُوْنَا نَقْتَبِسْ مِنْ نُّوْرِكُمْ ۚ قِيْلَ ارْجِعُوْا وَرَاۗءَكُمْ فَالْتَمِسُوْا نُوْرًا ۭ فَضُرِبَ بَيْنَهُمْ بِسُوْرٍ لَّهٗ بَابٌ ۭ بَاطِنُهٗ فِيْهِ الرَّحْمَةُ وَظَاهِرُهٗ مِنْ قِبَلِهِ الْعَذَابُ ۭ13
ان ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون مؤمنن کي چوندا ته توهان اسان ڏانهن هڪ نظر ڪريو ته اسين توهان جي نور مان ٿورو حصو حاصل ڪريون، انهن کي چيو ويندو ته توهان پويان (دنيا ۾) وڃو پوءِ توهان اُتي نور ڳولهيو، پوءِ مؤمنن ۽ منافقن جي وچ ۾ هڪ ديوار رکي ويندي، ان ۾ دروازو هوندو، ان جي اندرين پاسي ۾ رحمت (جنت) هوندي ۽ ان جي ٻاهرين پاسي سخت تڪليف (دوزخ) هوندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُنَادُوْنَهُمْ اَلَمْ نَكُنْ مَّعَكُمْ ۭ قَالُوْا بَلٰى وَلٰكِنَّكُمْ فَتَنْتُمْ اَنْفُسَكُمْ وَتَرَبَّصْتُمْ وَارْتَبْتُمْ وَغَرَّتْكُمُ الْاَمَانِيُّ حَتّٰى جَاۗءَ اَمْرُ اللّٰهِ وَغَرَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ 14
مؤمنن کي منافق پڪاريندا ته ڇا اسين توهان سان گڏ نه هئاسين؟ مؤمن چوندا ها، پر توهان پنهنجن نفسن کي فتني ۾ وڌو ۽ توهان مؤمنن لاءِ هلاڪت جو انتظار ڪندا هئا ۽ توهان (توحيد ۾) شڪ ڪندا هئا ۽ توهان کي لالچن مغرور ڪيو ايستائين جو الله تعالى جو حڪم پهتو ۽ غرور (شيطان) توهان کي الله تعالى کان مغرور ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْيَوْمَ لَا يُؤْخَذُ مِنْكُمْ فِدْيَةٌ وَّلَا مِنَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ۭ مَاْوٰىكُمُ النَّارُ ۭ هِىَ مَوْلٰىكُمْ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 15
پوءِ اڄ ڏينهن نه توهان کان فديو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان (فديو ورتو ويندو) توهان جي جاءِ جهنم آهي، اهو توهان جو ٺڪاڻو آهي ۽ اها تمام خراب جاءِ آهي موٽڻ جي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ يَاْنِ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ وَمَا نَزَلَ مِنَ الْحَقِّ ۙ وَلَا يَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلُ فَطَالَ عَلَيْهِمُ الْاَمَدُ فَقَسَتْ قُلُوْبُهُمْ ۭ وَكَثِيْرٌ مِّنْهُمْ فٰسِقُوْنَ 16
ڇا اڃان مؤمنن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي جو انهن جون دليون الله تعالى جي ذڪر لاءِ جھُڪي پون ۽ انهيءَ قرآن ڪريم تي عمل ڪن جيڪو نازل ٿيو آهي ۽ اهي نه هجن انهن ماڻهن وانگر جن کي هن کان اڳ ۾ ڪتاب (تورات) ڏنو ويو پوءِ انهن تي ڊگھو زمانو گذريو، پوءِ انهن جون دليون ڪٽجي پيون، ۽ انهن مان گھڻا فاسق آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِعْلَمُوْٓا اَنَّ اللّٰهَ يُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ قَدْ بَيَّنَّا لَكُمُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 17
توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى زمين کي غيرآباد ٿيڻ کان پوءِ آباد ڪري ٿو بيشڪ اسان توهان لاءِ پنهنجيون نشانيون بيان ڪيون آهن ته من توهان سمجھو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الْمُصَّدِّقِيْنَ وَالْمُصَّدِّقٰتِ وَاَقْرَضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا يُّضٰعَفُ لَهُمْ وَلَهُمْ اَجْرٌ كَرِيْمٌ 18
بيشڪ تصديق ڪندڙ مرد ۽ تصديق ڪندڙ عورتون ۽ الله تعالى کي تمام سهڻو قرض ڏيندڙ (خيرات ڪندڙ) اهو قرض انهن لاءِ ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ عزت وارو اجر (جنت) آهي،
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرُسُلِهٖٓ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصِّدِّيْقُوْنَ ڰ وَالشُّهَدَاۗءُ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ لَهُمْ اَجْرُهُمْ وَنُوْرُهُمْ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَحِيْمِ ۧ19
۽ جن ماڻهن الله تعالى ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو اُهي ئي صديق (سچا) آهن، ۽ اهي ئي پنهنجي رب وٽ (ٻين تي) گواه آهن، انهن لاءِ انهن جو اجر ۽ انهن جو نور آهي، ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو اهي ئي جهنمي آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِعْلَمُوْٓا اَنَّـمَا الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَا لَعِبٌ وَّلَهْوٌ وَّزِيْنَةٌ وَّتَفَاخُرٌۢ بَيْنَكُمْ وَتَكَاثُرٌ فِي الْاَمْوَالِ وَالْاَوْلَادِ ۭ كَمَثَلِ غَيْثٍ اَعْجَبَ الْكُفَّارَ نَبَاتُهٗ ثُـمَّ يَهِيْجُ فَتَرٰىهُ مُصْفَرًّا ثُـمَّ يَكُوْنُ حُطَامًا ۭ وَفِي الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۙ وَّمَغْفِرَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانٌ ۭ وَمَا الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَآ اِلَّا مَتَاعُ الْغُرُوْرِ 20
توهان يقين ڪريو (آخرت جي مقابلي ۾) دنيا جي حياتي راند ۽ غفلت ۽ زينت آهي ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد جي ڪثرت جو هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻ آهي. (انهن جو) مثال ان مِينهن جهڙو آهي جنهن سان اُڀريل ساوڪ پوکيندڙ کي وڻي ٿي ان کان پوءِ اها سُڪي ٿي پوءِ توهان ان کي هيڊو ڏسو ٿا ان کان پوءِ اها ذرا ذرا ٿي وڃي ٿي، ۽ آخرت ۾ (ڪافرن لاءِ سخت عذاب آهي، ۽ (مؤمنن لاءِ) الله جي طرفان بخشش ۽ رضامندو آهي، ۽ ناهي حياتي دنيا جي مگر غرور جو سامان
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي