054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
قيامت ويجھي ٿي ۽ (رسولِ عربيءَ جي اشاري سان) چنڊ ٻه ٽُڪرا ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
۽ جيڪڏهن اهي ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مُنهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا (ته هيءُ) مضبوط جادو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
۽ انهن تڪذيب ڪئي ۽ انهن پنهنجي سَڌن جي تابعداري ڪئي ۽ هر هڪ ڪم پنهنجي انتها تي پهچندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
۽ بيشڪ تحقيق انهن وٽ اُهي خبرون پهتيون جن ۾ تنبيهه ڪيل هئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديحِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
(انهيءَ ۾) نهايت دانائي واري ڳالهه هئي، پوءِ پيغمبر ڪهڙو ڪم ڏِيَنِ ؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
پوءِ رسولِ عربي توهان انهن کان پاسو ڪريو، اُن ڏينهن سڏي ٿو سڏيندڙ ان شيءِ ڏانهن جيڪا کين ناپسند آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
(اهي) اکيون هيٺ ڪري (پنهنجي) قبرن مان نڪرندا، گوياڪِ اهي مڪڙ آهن جيڪي منتشر آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
سڏيندڙ ڏانهن اهي ڊوڙي ويندڙ آهن، ڪافر چوندا هيءُ ڏينهن سخت ڏکيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
انهن کان اڳ نوح جي قوم نه مڃو پوءِ انهن اسان جي ٻانهي (نوح) کي ڪوڙو سمجھو ۽ چيو (هيءُ) مجنون آهي ۽ ان کي جھڻڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
پوءِ ان پنهنجي خالق کي پڪاريو ته بيشڪ آئون مغلوب آهيان پوءِ تون (انهن کان) انتقام وٺ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
پوءِ اسان آسمان جا دروازا کوليا ان مِينهن لاءِ جيڪو گھڻو وسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ زمين مان (پاڻيءَ جا) چشما جاري ڪيا پوءِ ٻئي پاڻ مِلي پيا ان امر لاءِ جيڪو اندازو ڪيو ويو هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
۽ اسان ان کي (ٻيڙيءَ تي) سوار ڪرايو جيڪا تختن ۽ ڪِلِيُنِ واري آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
اها ٻيڙي اسان جي نگراني ۾ هلي رهي هئي، اها جزا هئي سندن نافرماني جي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ بيشڪ تحقيق اسان انهيءَ واقعي کي نشاني ڪري ڇڏيو. ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
پوءِ ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ آهي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
۽ بيشڪ تحقيق اسان قرآن ڪريم کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بنايو، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ !
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
قوم عاد جي (هود پيغمبر) جي تڪذيب ڪئي، پوءِ (ڏسو ته) ڪهڙيءَ طرح منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
بيشڪ اسان انهن تي هڪ سخت طوفان ان ڏينهن تي موڪليو جنهن جي منحوسي (انهن تي) هميشه رهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
ماڻهن کي ايئن پٽي اڇلايو ٿي، گوياڪِ اهي پاڙان اکڙِيل کجين جا ٿڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي