053 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 62 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
وَالنَّجْمِ اِذَا هَوٰى 1ۙ
قسم آهي محمَّد ڪريم جو جڏهن پاڻ معراج تان هيٺ لٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوٰى 2ۚ
رسولِ عربي هدايت ڏيندڙ ۽ صحيح رستو ڏيکاريندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا يَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰى 3ۭ
۽ رسولِ عربي پنهنجي خواهش سان ڪابه گفتگو نٿا ڪن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنْ هُوَ اِلَّا وَحْيٌ يُّوْحٰى 4ۙ
اها ته وحي رباني آهي جيڪا سندن ڏانهن موڪلي وڃي ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَلَّمَهٗ شَدِيْدُ الْقُوٰى 5ۙ
رب العالمين پنهنجي حبيب کي (سڀ ڪجھه) سيکاريو جيڪو وڏي قوت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذُوْ مِرَّةٍ ۭ فَاسْتَوٰى 6ۙ
پوءِ (معراج وقت) پاڻ پنهنجي شان وٽان برابر ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَهُوَ بِالْاُفُقِ الْاَعْلٰى 7ۭ
۽ (ان وقت) اهو اُفق الاعلى (بلند ڪناري) تي هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ دَنَا فَتَدَلّٰى 8ۙ
ان کان پوءِ رب تعالى (پنهنجي شان مطابق) قريب ٿيو پوءِ تمام قريب ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى 9ۚ
پوءِ ٻن ڪمانن جي برابر جو فاصلو رهيو بلڪِ ان کان به گھٽ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَوْحٰٓى اِلٰى عَبْدِهٖ مَآ اَوْحٰى ۭ10
پوءِ رب العالمين وحي موڪلي پنهنجي حبيب ڏانهن جيڪا وحي موڪلڻي هئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَاٰى 11
دل جيڪو ڏٺو ان بابت غلط نه ٻڌايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَتُمٰرُوْنَهٗ عَلٰي مَا يَرٰى 12
ڇا پوءِ توهان رسولِ عربيءَ سان جھڳڙو ڪريو ٿا انهي لاءِ جيڪو اُن ڏٺو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ رَاٰهُ نَزْلَةً اُخْرٰى ۙ13
۽ بيشڪ تحقيق رسولِ عربي رب العالمين کي ٻئي دفعي به
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعِنْدَ سِدْرَةِ الْمُنْتَهٰى 14
سدرة المنتهى (آخري انتهائي حد) وٽ ڏٺو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعِنْدَهَا جَنَّةُ الْمَاْوٰى ۭ15
انهيءَ وٽ جنة المـ وى آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ يَغْشَى السِّدْرَةَ مَا يَغْشٰى ۙ16
جڏهن اهو سدرة تي ڇانئجي رهيو هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى 17
سندن اک مبارڪ ڪيڏانهن نه ڦِري ۽ نه حد کان وڌي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَقَدْ رَاٰى مِنْ اٰيٰتِ رَبِّهِ الْكُبْرٰى 18
بيشڪ تحقيق پاڻ ڪريمن رب العالمين جون تمام وڏيون نشانيون به ڏٺيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَرَءَيْتُمُ اللّٰتَ وَالْعُزّٰى ۙ19
ڇا توهان (پنهنجي بتن) لاَتَ ۽ عُزيٰ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَنٰوةَ الثَّالِثَةَ الْاُخْرٰى 20
۽ ٽئين آخري منوات کي ڏٺو آهي؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي