052 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 49 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
وَالطُّوْرِ 1ۙ
قسم آهي طور سينا جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكِتٰبٍ مَّسْطُوْرٍ 2ۙ
قسم آهي لِکيل ڪتاب (قرآن ڪريم) جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفِيْ رَقٍّ مَّنْشُوْرٍ 3ۙ
جيڪو کليل دفتر ۾ تحرير ٿيل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّالْبَيْتِ الْمَعْمُوْرِ 4ۙ
قسم آهي بيت المعمور جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالسَّقْفِ الْمَرْفُوْعِ 5ۙ
قسم آهي بلند آسمان جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْبَحْرِ الْمَسْجُوْرِ 6ۙ
قسم آهي ڀريل سمنڊ جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌ 7ۙ
بيشڪ توهان جي رب جو عذاب ضرور ايندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَّا لَهٗ مِنْ دَافِعٍ 8ۙ
انهي کي ڪوبه دفع ڪندڙ ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَّوْمَ تَـمُوْرُ السَّمَاۗءُ مَوْرًا 9ۙ
جنهن ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح ڦِرندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّتَسِيْرُ الْـجِبَالُ سَيْرًا ۭ10
۽ جبل چڱيءَ طرح سير ڪندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ ۙ11
پوءِ ان ڏينهن ڪوڙن لاءِ ويل هوندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ خَوْضٍ يَّلْعَبُوْنَ ۘ12
اُهي ماڻهو راند روند ۾ مشغول آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ يُدَعُّوْنَ اِلٰى نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا ۭ13
ان ڏينهن جهنم جي باه ڏانهن ڌڪو ڏئي (انهن کي) ڌڪيو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهٰذِهِ النَّارُ الَّتِيْ كُنْتُمْ بِهَا تُكَذِّبُوْنَ 14
هي اُها باه آهي جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَسِحْرٌ ھٰذَآ اَمْ اَنْتُمْ لَا تُبْصِرُوْنَ ۚ15
ڇا هي سِحر آهي يا توهان کي ڪجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِصْلَوْهَا فَاصْبِرُوْٓا اَوْ لَا تَصْبِرُوْا ۚ سَوَاۗءٌ عَلَيْكُمْ ۭ اِنَّـمَا تُـجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 16
توهان جهنم ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان (ان ۾) صبر ڪريو يا نه صبر ڪريو ٻئي پاسا توهان لاءِ برابر آهي، توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏني ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّنَعِيْمٍ ۙ17
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفٰكِهِيْنَ بِـمَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۚ وَوَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ الْـجَحِيْمِ 18
اهي خوش آهن ان تي جيڪو کين سندن رب عطا ڪيو آهي، ۽ سندن رب کين جهنم جي عذاب کان بچايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكُلُوْا وَاشْرَبُوْا هَنِيْۗــــًٔـــۢا بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۙ19
توهان کائو ۽ پيئو بنا ڪنهن تڪليف جي انهيءَ سببان جو توهان عمل ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمُتَّكِــــِٕيْنَ عَلٰي سُرُرٍ مَّصْفُوْفَةٍ ۚ وَزَوَّجْنٰهُمْ بِـحُوْرٍ عِيْنٍ 20
هموار تختن تي ٽيڪ ڏيئي صفون ٻڌي ويهندڙ هوندا ۽ اسين انهن کي وڏين اکين وارين حورن سان جوڙا بنائينداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي