051 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
وَالذّٰرِيٰتِ ذَرْوًا 1ۙ
قسم آهي هوائن جو جيڪي مِٽي وغيره اڏائن ٿيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْـحٰمِلٰتِ وِقْرًا 2ۙ
پوءِ قسم آهي ڪڪرن جو جيڪي مينهن کڻن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْـجٰرِيٰتِ يُسْرًا 3ۙ
پوءِ قسم آهي ٻيڙين جو جيڪي آهستي هلن ٿيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْمُقَسِّمٰتِ اَمْرًا 4ۙ
پوءِ قسم آهي ملائڪن جو جيڪي بارش ۽ رزق وغيره تقسيم ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَصَادِقٌ 5ۙ
توهان کي ڏنل وعدو يقيناً سچو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّاِنَّ الدِّيْنَ لَوَاقِــعٌ 6ۭ
۽ بيشڪ انصاف يقيناً واقع ٿيندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْحُبُكِ 7ۙ
۽ قسم آهي آسمان جو جيڪو سينگاريل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّكُمْ لَفِيْ قَوْلٍ مُّـخْتَلِفٍ 8ۙ
بيشڪ توهان (ڪفارِ مڪه) مختلف ڳالهين ۾ آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُّؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ اُفِكَ 9ۭ
انهيءَ کان اهو ڦِري ٿو جنهنکي ڦرڻو هجي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُتِلَ الْـخَــرّٰصُوْنَ ۙ10
هلاڪ ڪيا ويا وڏا ڪوڙ ڳالهائيندڙ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ غَـمْرَةٍ سَاهُوْنَ ۙ11
اُهي ماڻهو جيڪي نَشي ۾ غافل آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَسْـَٔـلُوْنَ اَيَّانَ يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ12
(رسولِ عربي کان) سوال ڪن ٿا ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ هُمْ عَلَي النَّارِ يُفْتَنُوْنَ 13
جنهن ڏينهن انهن کي باه ۾ جلايو ۽ عذاب ڪيو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذُوْقُوْا فِتْنَتَكُمْ ۭ ھٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تَسْتَعْجِلُوْنَ 14
توهان پنهنجي جلڻ جو مزو چکو، هي اُهو آهي جنهن جي لاءِ توهان تڪڙ ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّعُيُوْنٍ ۙ15
بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ چشمن ۾ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياٰخِذِيْنَ مَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَبْلَ ذٰلِكَ مُحْسِنِيْنَ ۭ16
جيڪو ثواب انهن کي سندن رب عطا ڪيو اهو وٺندڙ هوندا، بيشڪ اهي ان کان اڳ (دنيا ۾) نيڪوڪار هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَانُوْا قَلِيْلًا مِّنَ الَّيْلِ مَا يَهْجَعُوْنَ 17
اھي رات جو ٿورو (وقت) سمهندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَبِالْاَسْـحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُوْنَ 18
۽ رات جي آخري حصي ۾ اهي استغفار ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَفِيْٓ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ 19
۽ انهن جي ملڪيت ۾ سوال ڪندڙن ۽ سوال نه ڪندڙن جو حق هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ ۙ20
۽ زمين ۾ يقين رکندڙن لاءِ نشانيون آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي