050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
قٓ . قسم آهي قرآن مجيد جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
بلڪ اهي (ڪفار) عجب ڪن ٿا جو انهن وٽ انهن مان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيو پوءِ ڪافرن چيو هي عجيب شيءِ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
ڇا جڏهن اسين مرنداسين ۽ مٽي ٿينداسين پوءِ وري زنده ٿينداسين؟ اهو موٽڻ بعيد آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
بيشڪ اسان کي معلوم آهي جيڪو ڪجھه انهن مان زمين کُٽائي ٿي، ۽ اسان وٽ لوحِ محفوظ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
بلڪ انهن حق کي ڪوڙو سمجھو جڏهن اهو انهن وٽ آيو، پوءِ اهي بي يقيني جي صورتحال ۾ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
ڇا انهن پنهنجي مٿان آسمان کي نه ڏٺو جو ڪهڙيءَ طرح اسان اُن کي بنايو ۽ اُن کي سينگاريو ۽ اُن ۾ ڪو سوراخ ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ زمين کي اسان پکيڙيو ۽ اسان اُن ۾ جبلن کي کوڙيو ۽ اُن ۾ اسان هر قسم جي خوبصورت ساوڪ پيدا ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
(انهن ۾) عبرت ۽ نصيحت آهي هر انهي ٻانهي لاءِ جيڪو رجوع ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ اسان آسمان مان برڪت وارو مينهن وسايو، پوءِ اسان اُن مان باغ ۽ لاباري وارا اناج پيدا ڪيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
۽ اسان ڊگھين کجين کي پيدا ڪيو جن جا ڇُڳا ترتيب سان آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
اهو ٻانهن لاءِ رزق آهي. ۽ اسان مينهن سان غيرآباد شهر کي آباد ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح (توهان کي قبرن مان) ڪڍيو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
انهن کان اڳ ۾ نوح جي قوم ۽ رَسُ وارا ۽ ثَمُود
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي قوم
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ ايڪهه وارا ۽ قوم تُبَع جي انهن سڀني رسولن جي تڪذيب ڪئي پوءِ منهنجي عذاب جو وعدو سچو ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
ڇا پوءِ اسين پهرين مخلوق بنائي ٿڪجي پياسين، بلڪ اهي نئين سِر مخلوق جي پيدا ڪرڻ ۾ مشڪوڪ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
۽ بيشڪ تحقيق اسان انسان کي تخليق ڪيو ۽ اسين ڄاڻون ٿا جيڪو وِسوِسو ان کي سندس نفس وجھي ٿو، اسين اُن کي سندس روح کان زياده قريب آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
جڏهن ٻه ڪراماً ڪاتبين لکت ڪن ٿا، جيڪي انسان جي سڄي ۽ کٻي پاسي ويٺل آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
نٿو اُچاري اهو ڪا ڳالهه مگر وٽس نگران فرشتو موجود آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
۽ موت جي سڪرات حق سان ايندي، اِها اُها آهي جنهن کان تون (اي ٻڌندڙ) ڀڄندڙ هئين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ صُور ڦوڪي ويندي، اهو آهي عذاب جو ڏينهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي