049 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 18 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيِ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 1
اي مؤمنو توهان الله تعالى ۽ الله جي رسول کان ڪنهن ڪم ۾ اڳرائي نه ڪريو، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْٓا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ وَلَا تَـجْـهَرُوْا لَهٗ بِالْقَوْلِ كَـجَــهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ اَنْ تَـحْبَــطَ اَعْــمَالُكُمْ وَاَنْتُمْ لَا تَشْعُرُوْنَ 2
اي مؤمنو توهان پنهنجي آوازن کي نبي ڪريم (صلي الله عليه و آله وسلم) جي آواز کان بلند نه ڪريو، ۽ توهان سندن خدمت ۾ وڏي سڏ نه ڳالهايو، جيئنڪ توهان پاڻ ۾ هڪ ٻِئي سان وڏي سڏ ڳالهائيندا آهيو (ايئن ڪرڻ سان) توهان جا عمل چَٽ ٿي ويندا ۽ توهان کي خبر نه پوندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ يَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ امْتَحَنَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ لِلتَّقْوٰى ۭ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 3
بيشڪ جيڪي ماڻهو رسول الله وٽ پنهنجي آوازن کي هيٺ ڪن ٿا، اهي اهي ماڻهو جن جي دلين کي الله تعالى تقويٰ لاءِ پرکي ڇڏيو آهي، انهن لاءِ مغفرت ۽ اجرِ عظيم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ يُنَادُوْنَكَ مِنْ وَّرَاۗءِ الْحُـجُرٰتِ اَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُوْنَ 4
بيشڪ جيڪي ماڻهو توهان کي (توهان جي) حجرن (گھرن مبارڪن) جي ٻاهران سڏ ڪن ٿا انهن مان اڪثر نٿا سمجھن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَوْ اَنَّهُمْ صَبَرُوْا حَتّٰى تَـخْرُجَ اِلَيْهِمْ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
۽ جيڪڏهن تحقيق اهي صبر ڪن ها ايستائين جو توهان انهن ڏانهن پاڻ ٻاهر اچو ها ته اهو انهن لاءِ بهتر هو، ۽ الله تعالى غفور رحيم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ جَاۗءَكُمْ فَاسِقٌۢ بِنَبَاٍ فَتَبَيَّنُوْٓا اَنْ تُصِيْبُوْا قَوْمًۢا بِجَــهَالَةٍ فَتُصْبِحُوْا عَلٰي مَا فَعَلْتُمْ نٰدِمِيْنَ 6
اي مؤمنو جيڪڏهن توهان وٽ ڪو گنهگار ڪا خبر آڻي پوءِ توهان تحقيقات ڪريو متان بي خبريءَ ۾ توهان ڪنهن قوم کي تڪليف پهچايو، پوءِ توهان پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاعْلَمُوْٓا اَنَّ فِيْكُمْ رَسُوْلَ اللّٰهِ ۭ لَوْ يُطِيْعُكُمْ فِيْ كَثِيْرٍ مِّنَ الْاَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ حَبَّبَ اِلَيْكُمُ الْاِيْـمَانَ وَزَيَّنَهٗ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَكَرَّهَ اِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَالْفُسُوْقَ وَالْعِصْيَانَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الرّٰشِدُوْنَ 7ۙ
۽ توهان معلوم ڪريو بيشڪ توهان ۾ الله جو رسول آهي، جيڪڏهن رسولِ عربي گھڻن معاملن ۾ توهان جي اطاعت ڪري ته توهان ضرور تڪليف ۽ هلاڪت ۾ پئو ها، پر الله تعالى توهان لاءِ ايمان کي پسند فرمايو ۽ ان کي توهان جي دلين ۾ سينگاريو ۽ توهان لاءِ ڪفر ۽ فِسق ۽ عصيان (نافرماني) کي ناپسند فرمايو، اهي ئي سنئين رستي تي پهچندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَنِعْمَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 8
(اها) الله تعالى جي طرفان فضل ۽ نعمت آهي ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ صاحبِ حڪمت آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنْ طَاۗىِٕفَتٰنِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ اقْتَتَلُوْا فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا ۚ فَاِنْۢ بَغَتْ اِحْدٰىهُمَا عَلَي الْاُخْرٰى فَقَاتِلُوا الَّتِيْ تَبْغِيْ حَتّٰى تَفِيْۗءَ اِلٰٓى اَمْرِ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ فَاۗءَتْ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَاَقْسِطُوْا ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 9
۽ جيڪڏهن مؤمنن جون ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن پوءِ توهان انهن ٻنهي جي وچ ۾ صلح ڪرايو، پوءِ جيڪڏهن انهن مان هڪڙي جماعت ٻيءَ تي زيادتي ڪري پوءِ توهان زيادتي ڪندڙن سان وڙهو ايستائين جو اهي الله جي حڪم ڏانهن موٽي اچن، پوءِ جيڪڏهن موٽي اچن پوءِ انهن ٻنهي جي وچ ۾ عدل سان صلح ڪرايو ۽ توهان انصاف ڪريو، بيشڪ الله تعالى انصاف ڪندڙن سان محبت رکي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَ اَخَوَيْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَـمُوْنَ ۧ10
مؤمن (ديني) ڀائر آهن، پوءِ توهان پنهنجي ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ توهان الله کان ڊڄو ته يقيناً (توهان) تي رحم ڪيو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُوْنُوْا خَيْرًا مِّنْهُمْ وَلَا نِسَاۗءٌ مِّنْ نِّسَاۗءٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُنَّ خَيْرًا مِّنْهُنَّ ۚ وَلَا تَلْمِزُوْٓا اَنْفُسَكُمْ وَلَا تَنَابَزُوْا بِالْاَلْقَابِ ۭ بِئْسَ الِاسْمُ الْفُسُوْقُ بَعْدَ الْاِيْـمَانِ ۚ وَمَنْ لَّمْ يَتُبْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 11
اي مؤمنو ! (امير) مردن کي (غريب) مردن تي کِلڻ نه گھرجي، ٿي سگھي ٿو ته اهي مذاق ڪندڙ کان بهتر هجن ۽ نه عورتون عورتن تان کِلن، ٿي سگھي ٿو ته اهي مذاق ڪندڙن کان بهتر هجن، ۽ توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي طعنا نه ڏيو ۽ هڪ ٻئي کي خراب لقبن سان نه پڪاريو، ايمان آڻڻ کان پوءِ فاسق چوڻ ڪهڙو نه خراب نالو آهي، ۽ جيڪو ماڻهو توبه تائب نٿو ٿئي پوءِ اهي ئي ظالم آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِيْرًا مِّنَ الظَّنِّ ۡ اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ وَّلَا تَجَسَّسُوْا وَلَا يَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًا ۭ اَيُـحِبُّ اَحَدُكُمْ اَنْ يَّاْكُلَ لَحْمَ اَخِيْهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوْهُ ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ رَّحِيْمٌ 12
اي مؤمنو توهان گھڻن گمانن کان بچو، بيشڪ ڪي گمان، گناه آهن ۽ توهان هڪ ٻئي جي جاسوسي نه ڪريو ۽ توهان هڪ ٻئي جي گِلا نه ڪريو، ڇا توهان مان هڪڙو اهو پسند ڪري ٿو ته اهو پنهنجي مُئل ڀاءُ جو گوشت کائي، پوءِ توهان ان کي مڪروهه سمجھو ٿا، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو بيشڪ الله تعالى توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّاُنْثٰى وَجَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّقَبَاۗىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا ۭ اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌ خَبِيْرٌ 13
اي انسانو ! بيشڪ اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت (حضرت آدم ۽ بيبي حوا) مان پيدا ڪيو ۽ توهان کي ڪُڙم ۽ قبيلا ڪري پيدا ڪيو ان لاءِ ته توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگھو، بيشڪ الله تعالى وٽ توهان مان وڌيڪ معزز توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي، بيشڪ الله تعالى ڄاڻندڙ خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَتِ الْاَعْرَابُ اٰمَنَّا ۭ قُلْ لَّمْ تُؤْمِنُوْا وَلٰكِنْ قُوْلُوْٓا اَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْاِيْـمَانُ فِيْ قُلُوْبِكُمْ ۭ وَاِنْ تُطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ لَا يَـلِتْكُمْ مِّنْ اَعْـمَالِكُمْ شَـيْـــــًٔا ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 14
ٻهراڙيءَ جي ماڻهن چيو، اسان ايمان آندو، رسولِ عربي توهان فرمايو توهان ايمان نه آندو پر توهان چئو اسان فرمانبرداري ڪئي ۽ اڃان تائين توهان جي دلين ۾ ايمان ڪٿي داخل ٿيو آهي، ۽ جيڪڏهن توهان الله تعالى ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪندا ته توهان جي عملن مان ڪا شيءِ گھٽ نه ٿيندي، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ ثُـمَّ لَمْ يَرْتَابُوْا وَجٰهَدُوْا بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 15
مؤمن ته اهي آهن جن الله تعالى ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو ان کان پوءِ (ڪوبه) شڪ نه ڪيو ۽ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان الله تعالى جي راه ۾ جهاد ڪيو، اهي ئي سچا آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اَتُعَلِّمُوْنَ اللّٰهَ بِدِيْنِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 16
رسولِ عربي توهان (انهن کي) فرمايو ته ڇا توهان الله تعالى کي پنهنجو دين ٻڌايو ٿا، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي، ۽ الله تعالى ڪُل شيءِ جو علم رکندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَـمُنُّوْنَ عَلَيْكَ اَنْ اَسْلَمُوْا ۭ قُلْ لَّا تَـمُنُّوْا عَلَيَّ اِسْلَامَكُمْ ۚ بَلِ اللّٰهُ يَـمُنُّ عَلَيْكُمْ اَنْ هَدٰىكُمْ لِلْاِيْـمَانِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 17
رسولِ عربي اهي توهان تي اسلام آڻڻ جو ٿورو رکن ٿا، توهان فرمايو توهان پنهنجو اسلام آڻڻ جو ٿورو مون تي نه رکو، بلڪ توهان تي الله تعالى جو ٿورو آهي جو توهان کي ان ايمان جي هدايت عطا ڪئي. جيڪڏهن توهان (پنهنجي دعويٰ ۾) سچا آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ اللّٰهَ يَعْلَمُ غَيْبَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ18
بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمينن جو غيب ڄاڻي ٿو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي چڱيءَ طرح ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي