047 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 38 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ اَضَلَّ اَعْمَالَهُمْ 1
اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راه کان روڪيو، الله تعالى انهن جا عمل ضايع ڪيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَاٰمَنُوْا بِـمَا نُزِّلَ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّهُوَ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَاَصْلَحَ بَالَهُمْ 2
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ ايمان آندو اُن (قرآن ڪريم) تي جيڪو محمد ڪريم ﷺ تي نازل ڪيو ويو ۽ اهو ئي سندن رب جي طرفان حق آهي، الله تعالى سندن گناه درگذر فرمايا ۽ سندن (دنيا ۽ آخرت جا) حالات درست فرمايا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ بِاَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا الْبَاطِلَ وَاَنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبَعُوا الْـحَقَّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ اَمْثَالَهُمْ 3
اهو انهي سببان جو بيشڪ ڪافرن باطل (ڪوڙ) جي تابعداري ڪئي ۽ بيشڪ مؤمنن حق (سچ) جي تابعداري ڪئي جيڪو سندن رب جي طرفان آهي، اهڙيءَ طرح الله تعالى ماڻهن لاءِ مثال بيان فرمائي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَضَرْبَ الرِّقَابِ ۭ حَتّىٰٓ اِذَآ اَثْـخَنْتُمُوْهُمْ فَشُدُّوا الْوَثَاقَ ڎ فَاِمَّا مَنًّـۢا بَعْدُ وَاِمَّا فِدَاۗءً حَتّٰى تَضَعَ الْحَرْبُ اَوْزَارَهَا ڃ ذٰ۩لِكَ ړ وَلَوْ يَشَاۗءُ اللّٰهُ لَانْتَـصَرَ مِنْهُمْ وَلٰكِنْ لِّيَبْلُوَا۟ بَعْضَكُمْ بِبَعْـضٍ ۭ وَالَّذِيْنَ قُتِلُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ فَلَنْ يُّضِلَّ اَعْـمَالَهُمْ 4
پوءِ جڏهن ڪافر توهان کي مِلن پوءِ (توهان انهن کي) ڪنڌن وارا ڌڪ هڻو، ايستائين جو اُهي گھڻا قتل ٿين پوءِ توهان انهن کي مضبوطيءَ سان ٻَڌو، پوءِ يا ته احسان سان کين ڇڏيو يا فديو وٺي ڇڏيو، (انهن سان اهو سلوڪ ڪريو) ايستائين جو وڙهندڙ هٿيار ڇڏين، اهو حڪم آهي ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته پاڻ انهن کان بدلو وٺي ها پر (اها جهاد) ان لاءِ آهي ته الله تعالى توهان کي هڪ ٻِئي تي آزمائي. ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راه ۾ شهيد ڪيا ويا پوءِ الله تعالى هرگز انهن جا عمل ضايع نه ڪندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديسَيَهْدِيْهِمْ وَيُصْلِحُ بَالَهُمْ 5ۚ
۽ جلدي کين (اعليٰ درجا) عطا ڪندو ۽ سندن ڪم درست فرمائيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيُدْخِلُهُمُ الْــجَــنَّةَ عَرَّفَهَا لَهُمْ 6
۽ انهن کي جنت ۾ داخل فرمائيندو ۽ کين ان جي سڃاڻپ ڪرائيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ يَنْصُرْكُمْ وَيُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ 7
اي مؤمنو ! جيڪڏهن توهان دينِ اسلام ۽ رسولِ عربيءَ جي مدد ڪئي ته الله تعالى توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا قدم ثابت ڪندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَتَعْسًا لَّهُمْ وَاَضَلَّ اَعْــمَالَهُمْ 8
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ تباهي آهي ۽ الله تعالى انهن جا عمل ضايع ڪيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ كَرِهُوْا مَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ فَاَحْبَطَ اَعْـمَالَهُمْ 9
اهو انهيءَ سبب جي ڪري جو انهن قرآن ڪريم کي ناپسند ڪيو، پوءِ الله تعالى انهن جا عمل ختم ڪيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ دَمَّرَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ ۡ وَلِلْكٰفِرِيْنَ اَمْثَالُهَا 10
ڇا انهن زمين ۾ سير سفر نه ڪيو پوءِ اهي ڏسن ها ته انهن کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ الله تعالى انهن کي تباه ڪيو ۽ ڪافرن لاءِ اهڙا مثال موجود آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ مَوْلَى الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَاَنَّ الْكٰفِرِيْنَ لَا مَوْلٰى لَهُمْ ۧ11
اهو انهيءَ سببان جو الله تعالى مؤمنن جو ڪارساز آهي ۽ بيشڪ ڪافرن لاءِ ڪوبه ڪارساز ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا يَتَمَتَّعُوْنَ وَيَاْكُلُوْنَ كَـمَا تَاْكُلُ الْاَنْعَامُ وَالنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ 12
بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن کي بهشت ۾ داخل ڪري ٿو جن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. ۽ جن ڪفر ڪيو (اهي به دنيا ۾) فائدو وٺن ٿا ۽ اهي چؤپاين وانگر کائن ٿا ۽ باه ۾ انهن لاءِ ٽڪاڻو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ هِىَ اَشَدُّ قُوَّةً مِّنْ قَرْيَتِكَ الَّتِيْٓ اَخْرَجَتْكَ ۚ اَهْلَكْنٰهُمْ فَلَا نَاصِرَ لَهُمْ 13
۽ ڪيترائي ڳوٺن وارا اهڙا هئا جيڪي قوت ۾ توهان جي ڳوٺ (مڪه مڪرمه) وارن کان وڌيڪ هئا، انهي ڳوٺ مان توهان کي ٻاهر ڪڍيائون، اسان انهن کي هلاڪ ڪيو پوءِ انهن لاءِ ڪو مددگار نه ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ كَمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ 14
ڇا پوءِ اهو (مؤمن) جيڪو پنهنجي رب جي طرفان واضح دليلن تي آهي اهو اُن (فاسق) جهڙو آهي جنهنکي سندس بُرا اعمال سهڻا پيا لڳن ۽ ان پنهنجي سڌن جي تابعداري ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَثَلُ الْـجَنَّةِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ فِيْهَآ اَنْهٰرٌ مِّنْ مَّاۗءٍ غَيْرِ اٰسِنٍ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ لَّبَنٍ لَّمْ يَتَغَيَّرْ طَعْمُهٗ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ خَمْرٍ لَّذَّةٍ لِّلشّٰرِبِيْنَ ڬ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ عَسَلٍ مُّصَفًّى ۭ وَلَهُمْ فِيْهَا مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغْفِرَةٌ مِّنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَـمَنْ هُوَ خَالِدٌ فِي النَّارِ وَسُقُوْا مَاۗءً حَمِيْمًا فَقَطَّعَ اَمْعَاۗءَهُمْ 15
ان جنت جو مثال جنهنجو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي هيءُ آهي ته انهيءَ ۾ اهڙي پاڻيءَ جون نهرون آهن جن کي سِنيار نه آهي ۽ اهڙي کير جون نهرون آهن جن جو ذائقو نٿو مَٽجي ۽ اهڙي شراب جون نهرون آهن جن ۾ پيئندڙن لاءِ لذت آهي، ۽ اهڙي ماکي جون نهرون آهن جيڪي بيحد صاف ڪيل آهن، ۽ انهن لاءِ جنت ۾ هر قسم جا ميوا آهن ۽ (انهن لاءِ) سندن رب وٽان مغفرت آهي. ڇا اِهي ان ماڻهو وانگر آهن جيڪي هميشه باه ۾ آهن ۽ کين ٽهڪيل پاڻي پياريو ويو، جيڪو انهن جي آنڊن کي ڪٽيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمِنْهُمْ مَّنْ يَّسْتَمِعُ اِلَيْكَ ۚ حَتّىٰٓ اِذَا خَرَجُوْا مِنْ عِنْدِكَ قَالُوْا لِلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ مَاذَا قَالَ اٰنِفًا ۣ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ طَبَعَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ 16
۽ انهن مان ڪجھه ماڻهو (منافق) توهان جي گفتگو ٻڌن ٿا، ايستائين جو جڏهن اهي توهان وٽان ٻاهر نڪرن ٿا ته اهي علم وارن (صحابه ڪرام) کان پڇن ٿا ته هينئر رسولِ عربي ڇا فرمايو؟ اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي الله تعالى مُهر هنئي ۽ انهن پنهنجي سڌن جي تابعداري ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ اهْتَدَوْا زَادَهُمْ هُدًى وَّاٰتٰىهُمْ تَقْوٰىهُمْ 17
۽ جن ماڻهن هدايت حاصل ڪئي الله تعالى انهن جي هدايت کي زياده ڪيو ۽ کين تقويٰ عطا ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَهَلْ يَنْظُرُوْنَ اِلَّا السَّاعَةَ اَنْ تَاْتِيَهُمْ بَغْتَةً ۚ فَقَدْ جَاۗءَ اَشْرَاطُهَا ۚ فَاَنّٰى لَهُمْ اِذَا جَاۗءَتْهُمْ ذِكْرٰىهُمْ 18
پوءِ اهي (ڪفارِ مڪه) نٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو جيڪا اوچتي انهن تي ايندي، پوءِ بيشڪ ان جو نشانيون آيون آهن، پوءِ انهن لاءِ ڇا آهي؟ جڏهن انهن وٽ انهن جي نصيحت پهتي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاعْلَمْ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مُتَقَلَّبَكُمْ وَمَثْوٰىكُمْ ۧ19
پوءِ توهان معلوم ڪريو ناهي ڪو معبود مگر الله تعالى ۽ رسولِ عربي توهان پنهنجي قوم ۽ مؤمنن ۽ مؤمن عورتن لاءِ بخشش طلب ڪريو ۽ الله تعالى توهان جي دنيا ۽ آخرت جي مصروفيت کي ڄاڻي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْلَا نُزِّلَتْ سُوْرَةٌ ۚ فَاِذَآ اُنْزِلَتْ سُوْرَةٌ مُّحْكَـمَةٌ وَّذُكِرَ فِيْهَا الْقِتَالُ ۙ رَاَيْتَ الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ يَّنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ نَظَرَ الْمَغْشِيِّ عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۭ فَاَوْلٰى لَهُمْ ۚ20
۽ اهي ماڻهو چون ٿا جن ايمان آندو ڇو نٿي نازل ڪئي وڃي ڪا سورت، پوءِ جنهن وقت اها سورت نازل ڪئي وئي جنهن ۾ واضح احڪام آهن ۽ ان ۾ جهاد جو ذڪر ڪيو ويو، رسولِ عربي توهان انهن ماڻهن کي ڏسندا جن جي دلين ۾ مرض (شڪ) آهي تو پوءِ اهي توهان کي ايئن ڏسن ٿا جيئنڪ انهن تي موت جي غَشِي (ڇانيل) هجي، پوءِ انهن لاءِ اطاعت بهتر هئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي