046 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 35 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
حٰــمۗ 1ۚ
حٰـمۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 2
(هيءُ) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي، جيڪو غالب (۽) حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَـقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَمَّآ اُنْذِرُوْا مُعْرِضُوْنَ 3
نه پيدا ڪيو اسان آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪي شيون انهن جي وچ ۾ آهن، مگر حق سان ۽ (توهان لاءِ) قيامت جو ڏينهن مقرر آهي. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي قرآن ڪريم کان منهن ڦيرندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اَرَءَيْتُمْ مَّا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقُوْا مِنَ الْاَرْضِ اَمْ لَــهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمٰوٰتِ ۭ اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 4
رسولِ عربي توهان فرمايو، توهان مون کي اهي بت ڏيکاريو جن جي توهان الله تعالى کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا، توهان مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين مان ڇا خلقيو؟ يا انهن لاءِ آسمانن ۾ ڪو حصو آهي؟ توهان مون وٽ هن کان اڳيون (آسماني) ڪتاب آڻيو يا ڪا علمي لکت ڏيکاريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَنْ اَضَلُّ مِـمَّنْ يَّدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَنْ لَّا يَسْتَجِيْبُ لَهٗ ٓ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ وَهُمْ عَنْ دُعَاۗىِٕهِمْ غٰفِلُوْنَ 5
۽ ان کان وڌيڪ ڪير گمراه آهي جيڪو الله تعالى کانسواءِ ٻين (بتن) جي عبادت ڪري ٿو، جيڪي قيامت تائين ان جو نٿا ٻڌن ۽ اهي انهن جي عبادت کان غافل آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوْا لَهُمْ اَعْدَاۗءً وَّكَانُوْا بِعِبَادَتِهِمْ كٰفِرِيْنَ 6
۽ جڏهن (قيامت ۾) ماڻهو گڏ ڪيا ويندا اهي انهن جا دشمن هوندا ۽ اهي انهن جي عبادت کان انڪاري هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيٰتُنَا بَيِّنٰتٍ قَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۙ ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ 7ۭ
۽ جڏهن انهن تي اسان جون صاف صاف آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته ڪافر انهن وٽ آيل حق (قرآن ڪريم) لاءِ چون ٿا ته هيءُ (قرآن ڪريم) صاف جادو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ اِنِ افْتَرَيْتُهٗ فَلَا تَمْلِكُوْنَ لِيْ مِنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ هُوَ اَعْلَمُ بِـمَا تُفِيْضُوْنَ فِيْهِ ۭ كَفٰى بِهٖ شَهِيْدًۢا بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۭ وَهُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 8
ڇا اهي چون ٿا ته ان کي رسولِ عربي پاڻ ٺاهيو آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن مون ان کي (بالفرض) پاڻ ٺاهيو آهي پوءِ توهان مون لاءِ الله تعالى وٽان ڪنهن شيءِ جو اختيار نٿا رکو، اهو توهان جي اعتراضن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي، اهو منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ گواه ڪافي آهي. ۽ اهو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِّنَ الرُّسُلِ وَمَآ اَدْرِيْ مَا يُفْعَلُ بِيْ وَلَا بِكُمْ ۭ اِنْ اَتَّبِــعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ وَمَآ اَنَا اِلَّا نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 9
رسولِ عربي توهان فرمايو آئون ڪو نئون سنئون پيغمبر نه آهيان ۽ آئون (ذاتي طور) اندازي سان نٿو ڄاڻان ته مون سان ۽ توهان سان ڇا ٿيندو. آئون ته وحي ربانيءَ جي تابعداري ڪريان ٿو جيڪا مون ڏانهن اچي ٿي ۽ آئون صاف ڊيڄاريندڙ آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اَرَءَيْتُمْ اِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ وَكَفَرْتُمْ بِهٖ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ عَلٰي مِثْلِهٖ فَاٰمَنَ وَاسْـتَكْبَرْتُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْــقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۧ10
توهان فرمايو، ته توهان کي مون ٻڌايو جيڪڏهن قرآن ڪريم الله جي طرفان آهي ته ڇو توهان ان جو انڪار ڪيو؟ ۽ بني اسرائيل مان هڪ شخص (حضرت عبدالله بن سلام) ان جي گواهي ڏني پوءِ ان ايمان آندو (ان جي باوجود) توهان تڪبر ڪيو، بيشڪ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُوْنَآ اِلَيْهِ ۭ وَاِذْ لَمْ يَهْتَدُوْا بِهٖ فَسَيَقُوْلُوْنَ ھٰذَآ اِفْكٌ قَدِيْمٌ 11
۽ (مڪه جي) ڪافرن، مؤمنن کي چيو ته جيڪڏهن (ايمان آڻڻ) بهتر هجي ها ته اهي (غريب) ان ڏانهن اسان کان اڳرائي نه ڪن ها ۽ جڏهن انهن کي (قرآن ڪريم جي) هدايت نه مِلي پوءِ فوراً چون ٿا ته هي پراڻو ڪوڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ وَھٰذَا كِتٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ وَبُشْرٰى لِلْمُحْسِـنِيْنَ ۚ12
۽ قرآن ڪريم کان اڳ ۾ تورات (نازل ٿيو) جيڪو اڳواڻ ۽ رحمت هو، ۽ هيءُ ڪتاب تصديق ڪندڙ آهي عربي زبان ۾ ان لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري. ۽ نيڪوڪارن لاءِ بشارت آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُـمَّ اسْـتَـقَامُوْا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُوْنَ ۚ13
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو رب الله تعالى آهي ان کان پوءِ (توحيد ۽ شريعت محمدي) تي قائم رهيا، پوءِ انهن تي ڪو خوف ناهي ۽ نه انهن کي ڪو ڏک پهچندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 14
اهي جنتي آهن اهي هميشه هميشه جنت ۾ رهندا، (اها) سندن نيڪ عملن جي جزا آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ اِحْسٰـنًا ۭ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ كُرْهًا وَّوَضَعَتْهُ كُرْهًا ۭ وَحَمْلُهٗ وَفِصٰلُهٗ ثَلٰثُوْنَ شَهْرًا ۭ حَتّىٰٓ اِذَا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَبَلَـغَ اَرْبَعِيْنَ سَـنَةً ۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَصْلِحْ لِيْ فِيْ ذُرِّيَّتِيْ ڝ اِنِّىْ تُبْتُ اِلَيْكَ وَاِنِّىْ مِنَ الْمُسْلِمِيْنَ 15
۽ اسان انسان کي پيءُ ماءُ سان احسان ڪرڻ جو حڪم فرمايو، ان کي سندس ماءُ پنهنجي پيٽ ۾ تڪليف سان رکيو ۽ ان کي تڪليف سان ڄڻيو، ۽ مدت حمل جي ۽ کير ڇڏائڻ جي ٽيهه (30) مهينا ٿي، ايستائين جو اهو جڏهن پنهنجي قوت کي پهتو ۽ چاليهه (40) سالن کي رسيو. اهو چوي ٿو ته اي منهنجا رب تون مون کي توفيق ڏي ته آئون تنهنجي نعمتن جو شڪر ادا ڪريان جيڪي نعمتون تو منهنجي مٿان ڪيون ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ڪيون ۽ آئون اهو عمل صالح ڪريان جيڪو توکي پسند اچي ۽ تون منهنجي اولاد ۾ (ديني دنيوي) صلاحيت پيدا ڪر. بيشڪ آئون تو ڏانهن موٽيس بيشڪ آئون مسلمانن مان آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ اَحْسَنَ مَا عَـمِلُوْا وَنَتَجَاوَزُ عَنْ سَـيِّاٰتِهِمْ فِيْٓ اَصْحٰبِ الْـجَــنَّةِ ۭ وَعْدَ الصِّدْقِ الَّذِيْ كَانُوْا يُوْعَدُوْنَ 16
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جا نيڪ عمل اسين قبول ڪريون ٿا ۽ اسين انهن جا گناه معاف ڪريون ٿا، (اهي ماڻهو) جنتي آهن. الله تعالى (دنيا ۾) انهن سان (بهشت جو) سچو وعدو فرمايو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْ قَالَ لِوَالِدَيْهِ اُفٍّ لَّكُمَآ اَتَعِدٰنِنِيْٓ اَنْ اُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ الْقُرُوْنُ مِنْ قَبْلِيْ ۚ وَهُمَا يَسْتَغِيْثٰنِ اللّٰهَ وَيْلَكَ اٰمِنْ ڰ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ ښ فَيَقُوْلُ مَا ھٰذَآ اِلَّآ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 17
۽ جنهن ماڻهو (ڪافر) (دعوتِ اسلام وقت) پنهنجي پيءُ ماءُ کي اُف چيو (۽ چيائين) ڇا توهان مون کي ڊيڄاريو ٿا ته آئون ٻِئي دفعي زنده ٿيندس حالانڪ مون کان اڳ ۾ ڪيترا ماڻهو گذريا، ۽ پيءُ ماءُ (ان لاءِ) الله تعالى کان فرياد ڪن ٿا، ويل پونئين تون ايمان آڻ. بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي. پوءِ اهو چوي ٿو ناهي هيءُ مگر اڳين ماڻهن جون آکاڻيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِيْٓ اُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا خٰسِرِيْنَ 18
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن تي عذاب ثابت ٿي چڪو انهن امتن ۾ جيڪي انهن کان اڳ ۾ جِنن ۽ انسانن مان گذريون، بيشڪ اهي نقصان ڪندڙ هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِّـمَّا عَـمِلُوْا ۚ وَلِيُوَفِّيَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُوْنَ 19
۽ هر هڪ لاءِ سندن عملن مطابق درجا آهن ۽ ضرور انهن کي سندن عملن جي جزا ڏني ويندي ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَلَي النَّارِ ۭ اَذْهَبْتُمْ طَيِّبٰتِكُمْ فِيْ حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا ۚ فَالْيَوْمَ تُجْـزَوْنَ عَذَابَ الْهُوْنِ بِـمَا كُنْتُمْ تَسْـتَكْبِرُوْنَ فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِـمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُوْنَ ۧ20
۽ قيامت جي ڏينهن ڪافرن کي باه جي سامهون پيش ڪيو ويندو. (انهن کي چيو ويندو) توهان پنهنجي حصي جون پاڪ شيون پنهنجي دنيا جي حياتي ۾ استعمال ڪيون ۽ توهان انهن مان نفعو ورتو، پوءِ اڄ ڏينهن توهان کي ان جي عيوض خواريءَ وارو عذاب ڏنو ويندو انهيءَ سببان جو توهان زمين ۾ ناحق تڪبر ڪندا هئا ۽ انهيءَ سببان جو توهان گناه ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي