045 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 37 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
حٰــمۗ 1ۚ
حٰـمۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 2
قرآن ڪريم جو نزول الله تعالى جي طرفان آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّلْمُؤْمِنِيْنَ 3ۭ
بيشڪ آسمانن ۽ زمينن ۾ يقيناً مؤمنن لاءِ نشانيون آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَفِيْ خَلْقِكُمْ وَمَا يَبُثُّ مِنْ دَاۗبَّةٍ اٰيٰتٌ لِّقَوْمٍ يُّوْقِنُوْنَ 4ۙ
۽ توهان جي تخليق ۾ ۽ اهو زمين ۾ رهندڙ جانور پکيڙي ٿو (انهيءَ ۾) ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي يقين رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ مِنَ السَّمَاۗءِ مِنْ رِّزْقٍ فَاَحْيَا بِهِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا وَتَــصْرِيْفِ الرِّيٰــحِ اٰيٰتٌ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 5
۽ رات ۽ ڏينهن جي تبديل ٿيڻ ۽ آسمانن مان رزق (مينهن) جو نازل ٿيڻ پوءِ ان سان غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ ۽ هوائن کي ڦيرائڻ ۾ ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتِلْكَ اٰيٰتُ اللّٰهِ نَتْلُوْهَا عَلَيْكَ بِالْـحَقِّ ۚ فَبِاَيِّ حَدِيْثٍۢ بَعْدَ اللّٰهِ وَاٰيٰتِهٖ يُؤْمِنُوْنَ 6
مذڪوره نشانيون الله جي وحدانيت جا دليل آهن جيڪي اسين توهان تي حق سان پڙهون ٿا. پوءِ الله تعالى ۽ ان جي نشانين کان پوءِ اهي ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيْلٌ لِّكُلِّ اَفَّاكٍ اَثِيْـمٍ 7ۙ
ويل آهي هر بهتان هڻندڙ ڪوڙي لاءِ
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَّسْمَعُ اٰيٰتِ اللّٰهِ تُتْلٰى عَلَيْهِ ثُـمَّ يُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 8
جيڪو الله جو آيتون ٻڌي ٿو جيڪي ان جي مٿان تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ان کان پوءِ هميشه تڪبر ڪندڙ آهي گوياڪ ان اهي ٻڌيون ئي نه آهن، پوءِ رسولِ عربي توهان ان کي دردناڪ عذاب جي بشارت ڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا عَلِمَ مِنْ اٰيٰتِنَا شَيْئَا ۨاتَّـخَذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 9ۭ
۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪنهن شيءِ جو واقف ٿيو ته ان کي مذاق ڪري وٺي ٿو، اهڙن ماڻهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمِنْ وَّرَاۗىِٕهِمْ جَهَنَّمُ ۚ وَلَا يُغْنِيْ عَنْهُمْ مَّا كَسَبُوْا شَيْـــــًٔا وَّلَا مَا اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَوْلِيَاۗءَ ۚ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ۭ10
انهن جي پويان جهنم آهي. ۽ انهن کي سندن ڪيل عمل ڪم نه ايندو ۽ انهن کي سندن بت ڪم نه ايندا. ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديھٰذَا هُدًى ۚ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ رَبِّهِمْ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِيْـمٌ ۧ11
هيءُ (قرآن) هدايت آهي. جن ماڻهن پنهنجي رب جي آيتن جو انڪار ڪيو انهن لاءِ سختيءَ وارو دردناڪ عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَللّٰهُ الَّذِيْ سَـخَّرَ لَكُمُ الْبَحْرَ لِتَجْرِيَ الْفُلْكُ فِيْهِ بِاَمْرِهٖ وَلِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ ۚ12
الله تعالى اُهو آهي جنهن درياءَ کي توهان لاءِ تابعدار بنايو ان لاءِ ته ان ۾ سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ سندس فضل طلب ڪريو ۽ من توهان شڪرگذار ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَسَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ جَـمِيْعًا مِّنْهُ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 13
۽ الله تعالى توهان لاءِ تابعدار بنايون اهي سموريون شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن. بيشڪ انهيءَ ۾ يقيناً ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي سوچ ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا يَغْفِرُوْا لِلَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ اَيَّامَ اللّٰهِ لِيَجْزِيَ قَوْمًۢا بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 14
رسولِ عربي توهان مؤمنن کي فرمايو ته توهان انهن ماڻهن کي درگذر ڪريو جيڪي الله جي ڏينهن (قيامت) جي اميد نٿا رکن ان لاءِ ته اهو ان قوم کي سندن ڪيل عملن جي جزا ڏي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَنْ عَـمِلَ صَالِـحًا فَلِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ اَسَاۗءَ فَعَلَيْهَا ۡ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ 15
جنهن ماڻهو نيڪ عمل ڪيو ان پنهنجي لاءِ ڪيو ۽ جنهن ماڻهو گناه ڪيو پوءِ اهو ان تي آهي، ان کان پوءِ توهان کي توهان جي رب ڏانهن موٽايو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ اٰتَيْنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ الْكِتٰبَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقْنٰهُمْ مِّنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلْنٰهُمْ عَلَي الْعٰلَمِيْنَ ۚ16
۽ بيشڪ تحقيق اسان بني اسرائيل کي ڪتاب ۽ حُڪم ۽ نبوت عطا ڪئي ۽ انهن کي پاڪ شين مان رزق ڏنوسين ۽ انهن کي ان جهان وارن تي فضيلت عطا ڪئي سين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاٰتَيْنٰهُمْ بَيِّنٰتٍ مِّنَ الْاَمْرِ ۚ فَـمَا اخْتَلَفُوْٓا اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَهُمُ الْعِلْمُ ۙ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۭ اِنَّ رَبَّكَ يَقْضِيْ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ فِيْـمَا كَانُوْا فِيْهِ يَـخْتَلِفُوْنَ 17
۽ اسان انهن کي ديني ڪمن جا واضح دليل ڏنا. پوءِ انهن نه اختلاف ڪيو مگر ان کان پوءِ جو انهن وٽ علم آيو پنهنجو پاڻ ۾ حسد ۽ دشمني سببان، بيشڪ توهان جو رب انهن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن فيصلو فرمائيندو انهن ڳالهين ۾ جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ جَعَلْنٰكَ عَلٰي شَرِيْعَةٍ مِّنَ الْاَمْرِ فَاتَّبِعْهَا وَلَا تَتَّبِـعْ اَهْوَاۗءَ الَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ 18
اُن کان پوءِ اسان رسولِ عربي کي هڪ بهترين شريعت تي رکيو پوءِ (اي امتي) تون ان جي تابعداري ڪر ۽ تون بي سمجھن جي تابعداري نه ڪر
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّهُمْ لَنْ يُّغْنُوْا عَنْكَ مِنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ وَاِنَّ الظّٰلِمِيْنَ بَعْضُهُمْ اَوْلِيَاۗءُ بَعْضٍ ۚ وَاللّٰهُ وَلِيُّ الْمُتَّقِيْنَ 19
بيشڪ اهي ماڻهو الله جي مقابلي ۾ توهان جي ڪنهن ڪم ۾ نه ايندا، ۽ بيشڪ ظالم پاڻ ۾ هڪ ٻِئي جا دوست آهن، ۽ الله پرهيزگارن جو دوست آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديھٰذَا بَصَاۗىِٕرُ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَّرَحْـمَةٌ لِّقَوْمٍ يُّوْقِنُوْنَ 20
هيءُ (قرآن ڪريم) ماڻهن جي لاءِ بصيرت آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي يقين رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي