044 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 59 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
حٰــمۗ ڔ 1
حٰـمۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
(مون کي) قرآن مبين جو قسم (آهي)
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ فِيْ لَيْلَةٍ مُّبٰرَكَةٍ اِنَّا كُنَّا مُنْذِرِيْنَ 3
بيشڪ اسان ان کي بابرڪت رات ۾ نازل ڪيو بيشڪ اسان ڊيڄاريندڙ آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفِيْهَا يُفْرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكِيْمٍ 4ۙ
انهيءَ رات ۾ الله تعالى جي طرفان تقديري فيصلا ڪيا وڃن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَمْرًا مِّنْ عِنْدِنَا ۭ اِنَّا كُنَّا مُرْسِلِيْنَ 5ۚ
(اهي) حڪم اسان جي طرفان آهن. بيشڪ اسين موڪليندڙ آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرَحْـمَةً مِّنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 6ۙ
(اها) توهان جي رب جي طرفان رحمت آهي، بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۘ اِنْ كُنْتُمْ مُّوْقِنِيْنَ 7
اهو رب آهي آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪو انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهي. جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۭ رَبُّكُمْ وَرَبُّ اٰبَاۗىِٕكُمُ الْاَوَّلِيْنَ 8
ناهي ڪو معبود مگر اهو، جياري ۽ ماري ٿو (اهو) توهان جو رب ۽ توهان جي پَهرِين وڏن جو رب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ يَّلْعَبُوْنَ 9
بلڪ اهي شڪ ۾ راند ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَارْتَـقِبْ يَوْمَ تَاْتِي السَّمَاۗءُ بِدُخَانٍ مُّبِيْنٍ ۙ10
پوءِ رسولِ عربي توهان انتطار ڪريو ان ڏينهن آسمان صاف دونهون آڻيندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَّغْشَى النَّاسَ ۭ ھٰذَا عَذَابٌ اَلِيْمٌ 11
(جيڪو) ماڻهن کي ڍڪيندو، هي دردناڪ عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرَبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ اِنَّا مُؤْمِنُوْنَ 12
اي اسان جا رب تون اسان تان عذاب لاهه، بيشڪ اسان ايمان آڻيندڙ آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَنّٰى لَهُمُ الذِّكْرٰى وَقَدْ جَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ مُّبِيْنٌ ۙ13
انهن کي ڪٿان نصيحت ملندي حالانڪ تحقيق انهن وٽ رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوْا مُعَلَّمٌ مَّجْنُوْنٌ ۘ14
ان کان پوءِ ان کان منهن موڙيائون ۽ چيائون سيکاريل مجنون آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّا كَاشِفُوا الْعَذَابِ قَلِيْلًا اِنَّكُمْ عَاۗىِٕدُوْنَ ۘ15
بيشڪ اسان ٿورو عذاب لاهيندڙ آهيون بيشڪ توهان موٽندڙ آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرٰى ۚ اِنَّا مُنْتَقِمُوْنَ 16
ان ڏينهن اسان وڏي وٺ پڪڙ ڪنداسين، بيشڪ اسان انتقام وٺندڙ آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ كَرِيْـمٌ ۙ17
۽ بيشڪ تحقيق اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو ۽ انهن وٽ قابلِ احترام پيغمبر (موسيٰ) آيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَنْ اَدُّوْٓا اِلَيَّ عِبَادَ اللّٰهِ ۭ اِنِّىْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِيْنٌ ۙ18
(ان چيو) توهان الله جا ٻانها منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّاَنْ لَّا تَعْلُوْا عَلَي اللّٰهِ ۭ اِنِّىْٓ اٰتِيْكُمْ بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ ۚ19
۽ توهان الله تعالى جي اڳيان وڏائي نه ڪريو، بيشڪ آئون توهان وٽ صاف دليل آڻيندس
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنِّىْ عُذْتُ بِرَبِّيْ وَرَبِّكُمْ اَنْ تَـرْجُـمُوْنِ ۡ20
۽ بيشڪ مون پنهنجي رب کان ۽ توهان جي رب کان توهان جي سنگسار ٿيڻ کان پناه گھُري
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي