041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
حٰـمۗ 1ۚ
حٰـمۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
(هي قرآن ڪريم) نهايت مهربان ٻاجھاري طرفان نازل ڪيل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
(ھيءُ اھڙو) ڪتاب آھي، جو سندس آيتون کولي بيان ڪيون ويون آھن، قُرآن عربيءَ ۾، سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
جو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن ماڻھن مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نہ آھن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
۽ چون ٿا توهان جنهن ڏانهن اسان کي سڏيو ٿا ان لاءِ اسان جي دلين تي پردا آهن ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي، ۽ اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ حجاب آهن پوءِ توهان عمل ڪريو بيشڪ اسين عامل آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان جهڙو بشر آهيان، مون ڏانهن وحي موڪلي وڃي ٿي، توهان جو معبود هڪ (الله) آهي پوءِ توهان ان ڏانهن سِڌا ٿيو ۽ ان کان بخشش طلب ڪريو، ۽ مشرڪن لاءِ ويل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
جيڪي ماڻهو زڪوات نٿا ڏين ۽ اهي ئي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
پوءِ جن ماڻهن (رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم تي) ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا انهن لاءِ اَڻ کُٽ ثواب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا توهان ان مقدس هستيءَ جو انڪار ڪريو ٿا، جنهن زمين کي ٻِن ڏينهن اندر پيدا فرمايو ۽ توهان ان جا شريڪ بنايو ٿا، اهو رب العالمين آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
۽ الله تعالى انهيءَ زمين مان، ان جي مٿان جبل پيدا ڪيا ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ان ۾ ان جي رهندڙن لاءِ رزق روزي مقرر ڪيائين، ٺيڪ چَئِن ڏينهن ۾ سوال ڪندڙ لاءِ (ان جو مڪمل جواب آهي)
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
ان کان پوءِ آسمان ڏانهن توجهه ڪيائين ۽ اهو دونهون هو پوءِ ان کي ۽ زمين کي حڪم ڪيائين ته توهان ٻئي خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان حاضر ٿيو، ٻنهي عرض ڪيو اسين خوشيءَ سان حاضر ٿياسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
پوءِ سَتَن آسمانن کي ٻِن ڏينهن اندر پيدا ڪيائين ۽ هر هڪ آسمان ڏانهن سندس حڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي اسان تارن سان سينگاريو ۽ ان کي محفوظ بنايو، اها تقدير آهي (اُن) غالب، علم واري جي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
پوءِ جيڪڏهن اهي انڪار ڪن پوءِ رسولِ عربي توهان انهن کي چئو ته آئون توهان کي ان سخت عذاب کان ڊيڄاريان ٿو جيڪو سخت عذاب عاد ۽ ثمود جي قوم تي آيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
جنهن وقت انهن وٽ اڳيان ۽ پويان پيغمبر آيا (انهن چيو) توهان نه عبادت ڪريو مگر الله جي، انهن چيو جيڪڏهن اسان جو رب چاهي ته موڪلي ها ملائڪن کي، پوءِ بيشڪ اسين توهان جي رسالت جا انڪاري آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
پر پوءِ عاد قوم پوءِ انهن زمين ۾ ناحق تڪبر ڪيو ۽ چيو ته اسان کان قوت ۾ وڌيڪ ڪير آهي، ڇا انهن نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى اُهو آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو اهو انهن کان قوت ۾ گھڻو وڌيڪ آهي، ۽ اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
پوءِ اسان انهن تي منحوس ڏينهن ۾ تيز طوفان موڪليو، ان لاءِ ته اسين انهن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خواريءَ وارو آهي ۽ انهن جي ڪا به مدد نه ڪئي ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
۽ پر ثمود جي قوم پوءِ اسان انهن کي هدايت ڏني، پوءِ انهن هدايت جي عيوض گمراهيءَ کي پسند ڪيو پوءِ اسان انهن کي سندن بداعماليءَ سببان عذاب ڏئي هلاڪ ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ اسان انهن ماڻهن کي نجات ڏني جن انهن مان ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
۽ قيامت جي ڏينهن الله تعالى جا دشمن دوزخ ڏانهن هڪليا ويندا پوءِ اهي (پوين جي اچڻ تائين) روڪيا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديحَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
ايستائين جو جڏهن اُھي اُتي پهچندا ته انهن تي سندن ڪَنَ ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون سندن ڪيل عملن بابت شاهدي ڏينديون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي