040 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 85 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
حٰـمۗ 1ۚ
حٰمۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 2ۙ
(هي) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي جيڪو غالب علم وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديغَافِرِ الذَّنْۢبِ وَقَابِلِ التَّوْبِ شَدِيْدِ الْعِقَابِ ۙ ذِي الطَّوْلِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ اِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 3
(اهو ئي) گناه بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ، سخت عذاب ڪندڙ، وسيع انعام ڪندڙ آهي. ناهي ڪو معبود مگر اهو، انهيءَ ڏانهن واپس ٿيڻو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا يُـجَادِلُ فِيْٓ اٰيٰتِ اللّٰهِ اِلَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَلَا يَغْرُرْكَ تَــقَلُّبُهُمْ فِي الْبِلَادِ 4
الله جي آيتن ۾ فقط ڪافر جھڳڙو ڪن ٿا پوءِ (اي ٻڌندڙ!) توکي انهن جو شهرن ۾ هلڻ ڀُلائي نه وجھي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّالْاَحْزَابُ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۠ وَهَـمَّتْ كُلُّ اُمَّةٍۢ بِرَسُوْلِهِمْ لِيَاْخُذُوْهُ وَجٰدَلُوْا بِالْبَاطِلِ لِيُدْحِضُوْا بِهِ الْـحَقَّ فَاَخَذْتُهُمْ ۣ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ 5
انهن کان اڳ ۾ نوح جي قوم تڪذيب ڪئي ۽ ان کان پوءِ جي ٽولن، ۽ هر امت ارادو ڪيو ته اهي پنهنجي رسولن کي گرفتار ڪن ۽ انهن ناحق جھڳڙا ڪيا ان لاءِ ته باطل کي حق سان ختم ڪن، پوءِ مون انهن کي پڪڙيو، پوءِ منهنجو عذاب (انهن تي) ڪيئن ٿيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَكَذٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَي الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اَنَّهُمْ اَصْـحٰبُ النَّارِ ڤ 6
۽ اهڙيءَ طرح رسولِ عربيءَ جي رب جي ڳالهه ڪافرن تي ثابت ٿي چڪي، بيشڪ اهي جهنمي آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَّذِيْنَ يَـحْمِلُوْنَ الْعَرْشَ وَمَنْ حَوْلَهٗ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ رَبَّنَا وَسِعْتَ كُلَّ شَيْءٍ رَّحْـمَةً وَّعِلْمًا فَاغْفِرْ لِلَّذِيْنَ تَابُوْا وَاتَّبَعُوْا سَبِيْلَكَ وَقِهِمْ عَذَابَ الْـجَــحِيْمِ 7
جيڪي فرشتا عرشِ عظيم کي کڻي رهيا آهن ۽ جيڪي فرشتا ان جي چوڌاري آهن اهي پنهنجي رب جي تسبيح حمد سان پڙهن ٿا ۽ اهي ان تي ايمان آڻن ٿا ۽ مؤمنن لاءِ بخشش طلب ڪن ٿا. (چون ٿا) اي اسان جا رب تنهنجي رحمت ۽ معلومات هر شيءِ کان وسيع آهي، پوءِ تون انهن ماڻهن کي بخش ڪر جيڪي توبه تائب ٿيا ۽ تنهنجي رستي تي هليا ۽ تون انهن کي جهنم جي عذاب کان بچاءِ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرَبَّنَا وَاَدْخِلْهُمْ جَنّٰتِ عَدْنِ ۨالَّتِيْ وَعَدْتَّهُمْ وَمَنْ صَلَحَ مِنْ اٰبَاۗىِٕـهِمْ وَاَزْوَاجِهِمْ وَذُرِّيّٰــتِهِمْ ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 8ۙ
اي اسان جا رب ! ۽ تون انهن کي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو انهن سان تو وعدو ڪيو آهي ۽ جيڪي انهن جي والدين مان ۽ انهن جي گھر وارين ۽ انهن جي اولاد مان نيڪوڪار آهن، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقِهِمُ السَّيِّاٰتِ ۭ وَمَنْ تَقِ السَّيِّاٰتِ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِـمْتَهٗ ۭ وَذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 9ۧ
۽ تون انهن کي (قيامت جي) تڪليفن کان بچاءَ، جنهنکي تو ان ڏينهن جي تڪليفن کان بچايو، پوءِ بيشڪ تو ان تي رحم ڪيو، ۽ اها ئي عظيم ڪاميابي آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا يُنَادَوْنَ لَمَقْتُ اللّٰهِ اَكْبَرُ مِنْ مَّقْتِكُمْ اَنْفُسَكُمْ اِذْ تُدْعَوْنَ اِلَى الْاِيْـمَانِ فَتَكْفُرُوْنَ 10
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (انهن کي) پڪاريو ويندو ته يقيناً الله تعالى جي بيزاري ان کان تمام گھڻي آهي جيئن توهان (اڄ) پنهنجي جانن کان بيزار آهيو جنهن وقت توهان کي ايمان لاءِ سڏيو ويندو هو پوءِ توهان ڪفر ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا رَبَّنَآ اَمَتَّنَا اثْنَتَيْنِ وَاَحْيَيْتَنَا اثْنَتَيْنِ فَاعْتَرَفْنَا بِذُنُوْبِنَا فَهَلْ اِلٰى خُرُوْجٍ مِّنْ سَبِيْلٍ 11
اهي چوندا اي اسان جا رب تو اسان کي ٻه دفعا ماريو ۽ تو اسان کي ٻه دفعي جياريو، پوءِ (هاڻي) اسان پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪريون ٿا، ڇا پوءِ (باهه مان) نڪرڻ جي ڪا واٽ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكُمْ بِاَنَّهٗ ٓ اِذَا دُعِيَ اللّٰهُ وَحْدَهٗ كَفَرْتُمْ ۚ وَاِنْ يُّشْرَكْ بِهٖ تُؤْمِنُوْا ۭ فَالْحُكْمُ لِلّٰهِ الْعَلِيِّ الْكَبِيْرِ 12
اهو انهي سببان جو جڏهن هڪ الله کي سڏيو ويندو هو ته توهان انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان سان شرڪ ڪيو ويندو هو ته توهان تسليم ڪندا هئا، پوءِ (هاڻي) فيصلو الله تعالى وٽ آهي جيڪو بلند ۽ وڏو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمْ اٰيٰتِهٖ وَيُنَزِّلُ لَكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ رِزْقًا ۭ وَمَا يَتَذَكَّرُ اِلَّا مَنْ يُّنِيْبُ 13
اهو ئي آهي جيڪو توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ توهان لاءِ آسمانن مان رزق (مينهن) نازل ڪري ٿو، ۽ نصيحت فقط اهو ماڻهو قبول ڪري ٿو جيڪو ان ڏانهن موٽڻ چاهي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَادْعُوا اللّٰهَ مُـخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 14
پوءِ توهان اخلاص سان الله تعالى جي عبادت ڪريو، جيتوڻيڪ ڪافرن ان کي ناپسند ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديرَفِيْعُ الدَّرَجٰتِ ذُو الْعَرْشِ ۚ يُلْقِي الرُّوْحَ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ لِيُنْذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ ۙ15
الله تعالى درجا بلند ڪندڙ (۽) عرشِ عظيم جو مالڪ آهي، الله تعالى پنهنجي فضل سان پنهنجي جنهن ٻانهي لاءِ چاهي ان تي وحي رباني موڪلي ٿو ان لاءِ ته اهو قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاري
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَوْمَ هُمْ بٰرِزُوْنَ ڬ لَا يَـخْـفٰى عَلَي اللّٰهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۭ لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۭ لِلّٰهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ 16
جنهن ڏينهن اهي سڀئي موجود هوندا، انهن جي ڪا شيءِ الله تعالى کان مخفي نه هوندي. اڄ ڪنهنجي بادشاهي آهي؟ (الله تعالى پاڻ جواب ۾ فرمائيندو ته) فقط هڪ الله جي جيڪو واحد القهار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلْيَوْمَ تُـجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا كَسَبَتْ ۭ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 17
اڄ ڏينهن هر نفس کي سندس عملن جي جزا ڏني ويندي، اڄ ڏينهن ڪوبه ظلم نه آهي، بيشڪ الله تعالى فوراً حساب ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَنْذِرْهُمْ يَوْمَ الْاٰزِفَةِ اِذِ الْقُلُوْبُ لَدَى الْحَـنَاجِرِ كٰظِمِيْنَ ڛ مَا لِلظّٰلِمِيْنَ مِنْ حَمِيْـمٍ وَّلَا شَفِيْعٍ يُّــطَاعُ ۭ18
۽ رسولِ عربي توهان انهن کي قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاريو، جڏهن غمگين دِليون نِڙين تائين اچي پهچنديون، ظالمن لاءِ ڪوبه دوست ۽ سفارشي نه هوندو جنهنجي ڳالهه قبول ڪئي وڃي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَعْلَمُ خَاۗىِٕنَةَ الْاَعْيُنِ وَمَا تُخْفِي الصُّدُوْرُ 19
اهو ئي اکين جي خيانت ڄاڻي ٿو ۽ ان تي سينن جا راز مخفي ناهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاللّٰهُ يَـقْضِيْ بِالْـحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَـقْضُوْنَ بِشَيْءٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ ۧ20
۽ الله تعالى حق سان فيصلو ڪري ٿو. ۽ جيڪي ماڻهو ان کانسواءِ بتن جي عبادت ڪن ٿا، اهي ڪنهن شيءِ جو فيصلو ڪري نٿا سگھن، بيشڪ الله تعالى ئي هميشه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي