004 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1
اي انسانو توهان پنهنجي رب کان ڊڄو جنهن توهان کي هڪ انسان (حضرت آدم) مان پيدا فرمايو، ۽ انهيءَ انسان مان سندس گهر واري (بيبي حوا) کي پيدا فرمايو ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ گهڻيون عورتون پيدا فرمايون، ۽ الله تعالى کان خوف ڪريو جنهن جي نالي سان سوال ڪريو ٿا ۽ مائٽيءَ جو لحاظ رکو، بيشڪ الله تعالى هر وقت توهان جا عمل ڏسندڙ آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2
۽ يتيمن کي سندن ملڪيت ڏيو ۽ پنهنجي حلال ملڪيت کي حرام سان تبديل نه ڪريو، ۽ انهن جي ملڪيت پنهنجي ملڪيت سان ملائي نه کائو، بيشڪ اهو تمام وڏو گناه آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3ۭ
۽ توهان کي جيڪڏهن خوف آهي ته يتيم ڇوڪرين ۾ انصاف نه ڪري سگهندا پوءِ نڪاح ڪريو توهان، جيڪا توهان کي پسند اچي عورتن مان ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار، پوءِ جيڪڏهن توهان کي خوف آهي انهن ۾ انصاف نه ڪري سگهندا ته پوءِِ هڪ عورت سان نڪاح ڪريو يا ٻانهين سان، اهو (هڪ نڪاح ڪرڻ) زياده قريب آهي جو توهان ڪنهن عورت تي ظلم نه ڪندا.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4
۽ عورتن کي سندن مَهرون خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏهن اُهي خوشيءَ مان مَهر مان ڪا شيءِ توهان کي ڏين پوءِ توهان انهيءَ کي مزي مزي سان کائو.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5
۽ نه ڏيو توهان بي عقلن کي سندن ملڪيت جيڪا الله جي حڪم سان توهان وٽ رکيل آهي ۽ انهن کي توهان انهيءَ مان ماني کارايو ۽ ڪپڙا پارايو ۽ انهن سان سهڻي اخلاق سان ڳالهايو.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6
۽ يتيمن جي عقل جو اندازو ڪريو ايستائين جو اهي نڪاح جي لائق ٿين، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن جو عقل برابر ڏسو ته پوءِ انهن جي ملڪيت انهن جي حوالي ڪريو، ۽ انهن جي ملڪيت حد کان زياده نه کائو ۽ جلدي ۾ نه کائو ته متان اهي وڏا نه ٿي وڃن، ۽ جيڪو توهان سنڀاليندڙن مان مالدار آهي ته پوءِ انهيءَ کي گهرجي ته پاسو ڪري، ۽ جيڪو سنڀاليندڙن مان محتاج آهي ته پوءِ ضرورت موجب خرچ ڪري، پوءِ توهان جڏهن سندن حوالي سندن ملڪيت ڪريو پوءِ انهي تي شاهد مقرر ڪريو، ۽ الله تعالى ڪافي آهي حساب وٺندڙ.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7
مردن لاءِ حصو آهي انهيءَ ۾ جيڪو سندن پيءُ ماءُ يا مائٽ ملڪيت ڇڏي ويا آهن، ۽ عورتن لاءِ حصو آهي انهيءَ ۾ جيڪو سندن ماءُ پيءُ يا مائٽ ملڪيت ڇڏي ويا آهن. ملڪيت فوتيءَ جي ٿوري آهي يا گهڻي، (هر هڪ جو) حصو مقرر ڪيل آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8
۽ جڏهن فوتيءَ جي ملڪيت ورهائڻ وقت رشتيدار ۽ يتيم ۽ مسڪين اچن ته پوءِ انهيءَ (ملڪيت) مان انهن کي ڪجهه کارايو ۽ انهن سان سهڻي اخلاق سان ڳالهايو.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9
۽ اهي ماڻهو ڀلي ته ڊڄن جن پنهنجي پويان ننڍڙو اولاد ڇڏيو آهي ته انهيءَ جو ڪهڙو نه خطرو ٿئي ٿو انهن کي، پوءِ انهن کي گهرجي ته الله جو خوف ڪن ۽ سنئين سڌي ڳالهه ڪن.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ۧ10
بيشڪ جيڪي ماڻهو يتيمن جي ملڪيت ظلم سان کائن ٿا اهي پنهنجي پيٽن ۾ باه کائن ٿا ۽ جلدي جهنم جي باه ۾ داخل ٿيندا.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا 11
الله تعالى توهان کي توهان جي اولاد بابت حڪم فرمائي ٿو پٽ جو حصو ٻن نياڻين جي برابر آهي پوءِ جيڪڏهن نياڻيون ٻن کان زياده آهن ته انهن کي فوتيءَ جي ملڪيت جا ٻه ڀاڱا ملندا، ۽ جيڪڏهن هڪ نياڻي آهي ته ان کي اڌ ملندو، ۽ فوتيءَ جي ماءُ پيءُ هر هڪ کي فوتي جي ملڪيت مان ڇهون حصو ملندو جيڪڏهن فوتي کي اولاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن فوتي کي اولاد ناهي ۽ ان جا وارث فقط پيءُ ماءُ آهن ته پوءِ فوتيءَ جي ماءُ کي ٽيون حصو ملندو، پوءِ جيڪڏهن فوتي کي ڀائر ڀينرون آهن ته پوءِ سندس ماءُ کي ڇهون حصو ملندو وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، توهان جا پيءُ ۽ توهان جا پٽ توهان نٿا ڄاڻو ته انهن مان ڪهڙو توهان کي وڌيڪ ڪم ايندو، اهي حصا الله تعالى جي طرفان مقرر ڪيل آهن، بيشڪ الله تعالى مخلوق کي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ۭ12
۽ توهان لاءِ اڌ ملڪيت آهي، جيڪا توهان جي گهر وارين ڇڏي آهي، جيڪڏهن انهن کي اولاد ناهي، پوءِ جيڪڏهن انهن گهر وارين کي اولاد آهي ته پوءِ توهان مردن کي چوٿون حصو ملڪيت جو ملندو وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ. ۽ گهر وارين لاءِ مردن جي ملڪيت مان چوٿون حصو آهي جيڪڏهن مردن کي اولاد ناهي، پوءِ جيڪڏهن مردن کي اولاد آهي تو پوءِ گهر وارين کي اٺون حصو ملڪيت مان ملندو وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، ۽ جيڪڏهن اهڙي مرد يا عورت جي ملڪيت ورهائڻي هجي جنهنکي پيءُ ماءُ ۽ اولاد نه هجي ۽ ماءُ جي طرفان ڀاءُ يا ڀيڻ هجي ته پوءِ انهن مان هر هڪ کي ڇهون حصو ملندو، پوءِ جيڪڏهن اهي ڀاءُ ۽ ڀيڻون هڪ کان زياده هجن ته پوءِ اهي سڀئي ٽئين حصي ۾ شريڪ آهن وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، نه نقصان ڏيندڙ وارثن کي، اهو الله تعالى جو حڪم آهي، ۽ الله تعالى مخلوق کي ڄاڻندڙ بردبار آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 13
مذڪوره احڪام الله جون حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ الله جي رسول جو حڪم مڃي ٿو اهو داخل ڪيو ويندو باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه انهيءَ ۾ رهندا، ۽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ۧ14
۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ الله جي رسول جو حڪم نٿو مڃي ۽ ان جي حدن کان لنگهي وڃي ٿو اُهو داخل ڪيو ويندو باه ۾ هميشه انهيءَ ۾ رهندو، ۽ انهيءَ لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا 15
۽ توهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاري ڪن پوءِ شاهد ڪريو توهان پاڻ مان انهن تي چار مرد گواهه، پوءِ جيڪڏهن اهي شاهدي ڏين پوءِ انهن عورتن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو موت انهن کي ختم ڪري يا الله تعالى انهن لاءِ ڪا واٽ مقرر ڪري.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا 16
۽ توهان مان جيڪي مرد يا عورتون ايئن ڪن ته پوءِ انهن کي ايذاءُ ڏيو پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن ۽ چڱا ڪم ڪن ته پوءِ انهن کي ايذاءُ نه ڏيو، بيشڪ الله تعالى گهڻو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا 17
الله تعالى انهن جي توبه قبول ڪري ٿو جيڪي بي خبري ۾ گناه ڪن ٿا پوءِ جلدي ۾ توبه ڪن ٿا انهن کي الله تعالى پنهنجي رحمت سان سرفراز ڪري ٿو، ۽ الله تعالى مخلوق کي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا 18
۽ انهن ماڻهن جي توبه قبول ناهي جيڪي گناه ڪن ٿا، ايستائين جو جنهن وقت انهن مان هڪڙي تي موت جي سڪرات اچي ٿي، (پوءِ) چوي ٿو آئون هينئر توبه تائب ٿيس ۽ ناهي قبول توبه انهن جي جيڪي موت جي وقت ڪافر ٿي مئا، انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪرايو آهي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا 19
اي مؤمنو توهان کي حلال ناهي جو زبردستي عورتن جا وارث ٿيو، ۽ توهان نه روڪيو انهن عورتن کي انهيءَ ارادي سان ته جيڪا مَهر انهن کي ڏني اٿو انهيءَ مان ڪجهه واپس وٺو مگر انهيءَ حال ۾ جو چِٽي بي حيائي ڪن، ۽ انهن عورتن سان سهڻو سلوڪ ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجين گهر وارين کي ناپسند ڪريو ٿا پوءِ شايد جيڪي گهر واريون توهان کي ناپسند آهن الله تعالى انهن مان توهان کي صالح اولاد عطا فرمائي.
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا 20
۽ جيڪڏهن هڪ گهر واريءَ جي عيوض ٻيءَ گهر واريءَ سان نڪاح ڪرڻ چاهيو ٿا، ۽ انهن مان هڪڙي کي توهان گهڻو مال ڏنو آهي پوءِ انهيءَ مان ڪجهه به واپس نه وٺو، ڇا توهان گهر وارين کان مال وٺو ٿا ٺڳي ۽ صاف گناه سان.
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي