039 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
تَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 1
(هيءُ) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّآ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ فَاعْبُدِ اللّٰهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ 2ۭ
بيشڪ اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم حق سان نازل فرمايو پوءِ توهان خلوص سان الله تعالى جي عبادت ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَا لِلّٰهِ الدِّيْنُ الْـخَالِصُ ۭ وَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۘ مَا نَعْبُدُهُمْ اِلَّا لِيُقَرِّبُوْنَآ اِلَى اللّٰهِ زُلْفٰى ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِيْ مَا هُمْ فِيْهِ يَـخْتَلِفُوْنَ ڛ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِيْ مَنْ هُوَ كٰذِبٌ كَفَّارٌ 3
خبردار! خالص عبادت فقط الله تعالى لاءِ آهي، ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى کانسواءِ ٻيا (بت) مددگار بنائين ٿا (ڪافر چون ٿا) اسين انهن بتن جي فقط ان لاءِ عبادت ڪريون ٿا ته اهي اسان کي الله تعالى ڏانهن ويجھو ڪن، بيشڪ الله تعالى انهن جي وچ ۾ فيصلو فرمائيندو انهن ڳالهين بابت جن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا، بيشڪ الله تعالى ان شخص کي هدايت نٿو ڏئي جيڪو ڪوڙو ۽ الله جي نعمتن جو ناشڪر آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَوْ اَرَادَ اللّٰهُ اَنْ يَّتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفٰى مِـمَّا يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۙ سُـبْحٰنَهٗ ۭ هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 4
۽ جيڪڏهن الله تعالى (بالفرض) پنهنجي لاءِ اولاد چاهي ها ته پنهنجي مخلوق مان جنهنکي چاهي ها انتخاب فرمائي ها، الله تعالى ان کان پاڪ آهي، اهو واحد القهار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَـقِّ ۚ يُكَوِّرُ الَّيْلَ عَلَي النَّهَارِ وَيُكَوِّرُ النَّهَارَ عَلَي الَّيْلِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اَلَا هُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفَّارُ 5
ان آسمانن ۽ زمينن کي حق سان پيدا فرمايو، رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ان سج ۽ چنڊ کي مسخر (تابعدار) بنايو، سڀئي هڪ مقرر وقت تائين هلي رهيا آهن، خبردار! اهو غالب بخشيندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ ثُـمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَاَنْزَلَ لَكُمْ مِّنَ الْاَنْعَامِ ثَـمٰنِيَةَ اَزْوَاجٍ ۭ يَـخْلُقُكُمْ فِيْ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ خَلْقًا مِّنْۢ بَعْدِ خَلْقٍ فِيْ ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَاَنّٰى تُصْرَفُوْنَ 6
الله تعالى توهان (انسانن) کي (حضرت) آدم مان پيدا فرمايو، ان کان پوءِ ان مان سندس گھر واري پيدا ڪئي ۽ توهان لاءِ چؤپاين مان اَٺَ (8) قسم پيدا ڪيا، الله تعالى توهان کي توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ مختلف ڪيفيتن کان پوءِ ٽِن اونداهين ۾ پيدا ڪيو، اهو توهان جو الله آهي جيڪو توهان جو خالق آهي ان جي بادشاهي آهي، ناهي ڪو معبود مگر اهو، پوءِ توهان ڪيڏانهن ڦِرو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنْ تَكْفُرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ عَنْكُمْ ۣ وَلَا يَرْضٰى لِعِبَادِهِ الْكُفْرَ ۚ وَاِنْ تَشْكُرُوْا يَرْضَهُ لَكُمْ ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۭ اِنَّهٗ عَلِـيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7
جيڪڏهن توهان ناشڪري ڪندا پوءِ بيشڪ الله تعالى توهان کان بي نياز آهي، ۽ الله تعالى پنهنجي ٻانهن جي ناشڪري کان راضي نٿو ٿئي ۽ جيڪڏهن توهان شڪرگذار ٿيندا ته الله تعالى توهان کان راضي ٿئي ٿو ۽ ڪوبه ڪنهنجو بار نٿو کڻي، ان کان پوءِ توهان کي توهان جي رب ڏانهن موٽڻو پوندو، پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن بابت ٻڌائيندو، بيشڪ اُهو دلين جا راز چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ ضُرٌّ دَعَا رَبَّهٗ مُنِيْبًا اِلَيْهِ ثُـمَّ اِذَا خَوَّلَهٗ نِعْمَةً مِّنْهُ نَسِيَ مَا كَانَ يَدْعُوْٓا اِلَيْهِ مِنْ قَبْلُ وَجَعَلَ لِلّٰهِ اَنْدَادًا لِّيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ قُلْ تَـمَــتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِيْلًا ڰ اِنَّكَ مِنْ اَصْحٰبِ النَّارِ 8
۽ جنهن وقت انسان (ابوجهل) کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي رب کي عاجزيءَ سان پڪاري ٿو، ان کان پوءِ جڏهن الله تعالى ان کي پنهنجي طرفان نعمت عطا ڪري ٿو ته پوءِ انسان ان اڳئين پڪار کي وساري ڇڏي ٿو، ۽ (اهو انسان) الله تعالى جا شريڪ بنائي ٿو ان لاءِ ته سنئين راه تان گمراه ڪري، رسولِ عربي توهان فرمايو ٿورڙو وقت تون پنهنجي ڪفر مان فائدو حاصل ڪر، بيشڪ تون جهنمي آهين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَاۗءَ الَّيْلِ سَاجِدًا وَّقَاۗىِٕمًا يَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَيَرْجُوْا رَحْـمَةَ رَبِّهٖ ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الَّذِيْنَ يَعْلَمُوْنَ وَالَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ 9ۧ
ڇا اهو مؤمن جيڪو نمازي آهي (۽ اهو) رات جي وقت ۾ سجدو ۽ قيام ڪندڙ (نماز پڙهندڙ) آهي اهو آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ رب جي رحمت ۾ اميدوار آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو، ڇا اهو صاحبِ علم ۽ اهو جاهل ماڻهو پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا (يقيناً نه)، فقط عقلمند ئي نصيحت وٺي سگھن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ يٰعِبَادِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اَحْسَنُوْا فِيْ هٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَـنَةٌ ۭ وَاَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةٌ ۭ اِنَّـمَا يُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ 10
رسولِ عربي توهان فرمايو ته اي منهنجا مؤمن بندا، توهان پنهنجي رب کان ڊڄو، جن ماڻهن هن دنيا ۾ نيڪي ڪئي انهن لاءِ (آخرت ۾ به) نيڪي آهي، ۽ الله تعالى جي زمين (مدينه منوره) وسيع آهي، صبر ڪندڙن کي بي حساب اجر ڏنو ويندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَعْبُدَ اللّٰهَ مُـخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ ۙ11
رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون خالص الله جي عبادت ڪريان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاُمِرْتُ لِاَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ الْمُسْلِمِيْنَ 12
۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون سڀ کان پهريون حڪم تسليم ڪندڙ هجان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 13
توهان فرمايو (بالفرض) مون پنهنجي رب جي نافرماني ڪئي ته بيشڪ مون کي قيامت جي ڏينهن جو خوف آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلِ اللّٰهَ اَعْبُدُ مُـخْلِصًا لَّهٗ دِيْنِيْ ۙ14
توهان فرمايو آئون خلوصِ دل سان الله تعالى جي عبادت ڪريان ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاعْبُدُوْا مَا شِئْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ ۭ قُلْ اِنَّ الْـخٰسِرِيْنَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ وَاَهْلِيْهِمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اَلَا ذٰلِكَ هُوَ الْـخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 15
پوءِ توهان عبادت ڪريو الله کانسواءِ جنهنجي توهان چاهيو. توهان فرمايو بيشڪ نقصان ڪندڙ اهي ماڻهو آهن جن پاڻ کي ۽ پنهنجي گھر وارن کي قيامت جي ڏينهن ٽوٽ ۾ وڌو، خبردار ! اهو ئي صاف نقصان آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَهُمْ مِّنْ فَوْقِهِمْ ظُلَــلٌ مِّنَ النَّارِ وَمِنْ تَـحْتِهِمْ ظُلَــلٌ ۭ ذٰلِكَ يُـخَــوِّفُ اللّٰهُ بِهٖ عِبَادَهٗ ۭ يٰعِبَادِ فَاتَّقُوْنِ 16
انهن (ڪافرن) لاءِ انهن جي مٿان ۽ انهن جي هيٺان باه جا طبقا هوندا، اها (دوزخ آهي) جنهن کان الله تعالى پنهنجي ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو، اي منهنجا ٻانها پوءِ توهان مون کان ڊڄو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ اجْتَنَبُوا الطَّاغُوْتَ اَنْ يَّعْبُدُوْهَا وَاَنَابُوْٓا اِلَى اللّٰهِ لَهُمُ الْبُشْرٰى ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِ ۙ17
۽ جيڪي ماڻهو بتن جي پوڄا کان بچا ۽ الله ڏانهن وريا، انهن لاءِ بشارت آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ يَسْتَمِعُوْنَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُوْنَ اَحْسَنَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ هَدٰىهُمُ اللّٰهُ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ 18
پوءِ توهان انهن ماڻهن کي بشارت ڏيو جيڪي قرآن ڪريم ٻڌن ٿا پوءِ ان جي سهڻن حڪمن جي تابعداري ڪن ٿا، اِهي اُهي آهن جن کي الله تعالى هدايت ڏني آهي ۽ اهي ئي عقلمند آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَـمَنْ حَقَّ عَلَيْهِ كَلِمَةُ الْعَذَابِ ۭ اَفَاَنْتَ تُنْقِذُ مَنْ فِي النَّارِ ۚ19
ڇا جنهن ماڻهوءَ تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي (اهو ۽ نجات وارو پاڻ ۾ برابر ٿين ٿا، يقيناً نه) ڇا پوءِ توهان ان کي باه کان بچائي سگھو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلٰكِنِ الَّذِيْنَ اتَّــقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌ مِّنْ فَوْقِهَا غُرَفٌ مَّبْنِيَّةٌ ۙ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ڛ وَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُـخْلِفُ اللّٰهُ الْمِيْعَادَ 20
پر اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا، انهن لاءِ (بهشت ۾) ماڙين جي مٿان ماڙيون آهن، انهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، الله تعالى پنهنجي ڪيل وعدي جي خلاف ورزي نٿو ڪري
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي