036 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 83 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يٰسۗ ۚ 1
يٰسۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالْقُرْاٰنِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
قسم آهي قرآن حڪيم جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 3ۙ
بيشڪ توهان (اي رسولِ عربي) سچن رسولن مان آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديعَلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَــقِيْمٍ 4ۭ
۽ توهان بلڪل سڌي رستي تي آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْم 5ۙ
قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ٿيل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُهُمْ فَهُمْ غٰفِلُوْنَ 6
ان لاءِ ته توهان انهيءَ (قرآن ڪريم) سان ان قوم کي (عذاب کان) ڊيڄاريو جن جي وڏن کي به نه ڊيڄاريو ويو پوءِ اهي غافل آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلٰٓي اَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 7
بيشڪ انهن مان گھڻن تي تقديرِ الاهي ثابت ٿي چڪي آهي پوءِ اهي ايمان نه آڻيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّا جَعَلْنَا فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ اَغْلٰلًا فَهِىَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ 8
بيشڪ اسان انهن جي ڪنڌن ۾ ڳرٽ وجھرايا آهن پوءِ اهي کاڄين تائين انهيءَ ۾ جڪڙيل آهن پوءِ اهي ڪنڌ هيٺ ڪري نٿا سگھن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَعَلْنَا مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَاَغْشَيْنٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُوْنَ 9
۽ اسان انهن (ڪافرن) جي اڳيان ۽ پويان رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن، پوءِ اسان انهن جي نگاهن تي پردا وڌا آهن پوءِ اهي ڏسي نٿا سگھن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 10
۽ برابر آهي انهن لاءِ توهان انهن کي ڊيڄاريو يا نه ڊيڄاريو اهي ايمان نه آڻيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّـبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْـمٰنَ بِالْغَيْبِ ۚ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَّاَجْرٍ كَرِيْـمٍ 11
توهان جو ڊيڄارڻ ته ان کي نفعو ڏئي ٿو جيڪو قرآن ڪريم جي تابعداري ڪري ٿو ۽ بنا ڏٺي الله تعالى جو خوف ڪري ٿو. پوءِ اهڙي شخص کي مغفرت ۽ اجر عظيم جي بشارت ڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّا نَـحْنُ نُـحْيِ الْمَوْتٰى وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَاٰثَارَهُمْ ڳ وَكُلَّ شَيْءٍ اَحْصَيْنٰهُ فِيْٓ اِمَامٍ مُّبِيْنٍ ۧ12
بيشڪ اسين ئي مئلن کي جيئرو ڪنداسين ۽ اسين سندن نيڪ ۽ برا عمل لکون ٿا ۽ اسان هر شيءِ کي لوحِ محفوظ ۾ لکرايو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلًا اَصْحٰبَ الْقَرْيَةِ ۘاِذْ جَاۗءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ ۚ13
۽ رسولِ عربي توهان انهن لاءِ هڪ ڳوٺ (اَنطاقيه) وارن جو مثال بيان ڪريو جڏهن انهن وٽ دين جا قاصد پهتا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ اَرْسَلْنَآ اِلَيْهِمُ اثْــنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُـوْٓا اِنَّآ اِلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ 14
(يعنى) جنهن وقت اسان انهن ڏانهن ٻه قاصد موڪليا پوءِ انهن ٻنهي قاصدن کي نه مڃيو ۽ اسان انهن ٻن کي ٽئين قاصد سان مضبوط بنايو پوءِ انهن چيو ته بيشڪ اسين توهان ڏانهن موڪليا ويا آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا مَآ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۙ وَمَآ اَنْزَلَ الرَّحْـمٰنُ مِنْ شَيْءٍ ۙ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا تَكْذِبُوْنَ 15
انهن چيو ناهيو توهان مگر اسان جهڙا بشر (انسان) ۽ الله تعالى ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي توهان ته صاف ڪوڙا آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ اِنَّآ اِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ 16
انهن (قاصدن) چيو ته اسان جو رب ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اسان توهان ڏانهن موڪليل آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا عَلَيْنَآ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 17
۽ اسان جي ذمي ته فقط صاف تبليغ ڪرڻ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْٓا اِنَّا تَــطَيَّرْنَا بِكُمْ ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّـنَّكُمْ مِّنَّا عَذَابٌ اَلِــيْمٌ 18
انهن چيو بيشڪ اسين توهان کي منحوس سمجھون ٿا قسم سان جيڪڏهن توهان تبليغ کان نه رڪيا ته اسين ضرور توهان کي سنگسار ڪنداسين ۽ توهان کي ضرور اسان کان سخت عذاب پهچندو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالُوْا طَاۗىِٕرُكُمْ مَّعَكُمْ ۭ اَىِٕنْ ذُكِّرْتُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ 19
قاصدن چيو ته توهان جي منحوسي توهان سان گڏ آهي ڇا نصيحت جي ڪري توهان کي منحوسي لڳي ٿي. بلڪه توهان (شرڪ جي ڪري) حد کان وڌندڙ قوم آهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَاۗءَ مِنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعٰى قَالَ يٰقَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِيْنَ ۙ20
۽ شهر جي پرئين پاسي کان هڪ ماڻهو (حبيب نجار) ڊوڙندو آيو ان چيو اي منهنجي قوم توهان انهن قاصدن جي تابعداري ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي