034 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1
سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن، انهيءَ لاءِ سڀڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ ان لاءِ آخرت ۾ تعريف آهي، ۽ اهو حڪمت وارو خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2
اهو ڄاڻي ٿو ان کي جيڪو زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪو ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪو آسمان مان نازل ڪري ٿو ۽ جيڪو انهيءَ ۾ مٿي چڙهي ٿو ۽ اهو ٻاجھارو بخش ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3
۽ ڪافرن چيو ته اسان تي قيامت نه ايندي، رسولِ عربي توهان فرمايو مون کي منهنجي رب جو قسم آهي ته يقيناً توهان وٽ قيامت ايندي، اهو عالم الغيب آهي، ان کان ذري برابر (ڪا شيءِ) آسمانن ۽ زمينن ۾ غائب ناهي ۽ نه ان کان ننڍي (ڪا شيءِ) ۽ نه ان کان وڏي مگر (اهي سڀ شيون) لوحِ محفوظ ۾ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4
ان لاءِ ته مؤمنن کي سندن نيڪ عملن جي جزا ڏي، اهي (مؤمن) جن لاءِ بخشش ۽ (جنت ۾) سهڻو رزق آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5
۽ جيڪي ماڻهو ڪوشش ڪن ٿا ته قرآن ڪريم جي ترديد ڪن (اهي عاجز ٿيندڙ آهن ۽) انهن لاءِ سخت ڏکوئيندڙ عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6
علم وارا ڏسن ٿا ته رسولِ عربي توهان ڏانهن (قرآن ڪريم) الله تعالى جي طرفان حق سان نازل ڪيو ويو آهي، ۽ الله تعالى سنئين رستي ڏانهن هدايت ڏئي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7ۚ
۽ ڪافرن (هڪ ٻِئي کي) چيو ڇا اسين توهان کي ان ماڻهوءَ جو ڏس نه ڏيون جيڪو توهان کي ٻڌائي ٿو ته جنهن وقت توهان (مَري) ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا، بيشڪ توهان (ان وقت) نئين سِر پيدا ڪيا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8
(اهو چوندڙ) الله تعالى تي ڪوڙ هڻي ٿو يا ان کي جُنون آهي، بلڪ اهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻن (اهي) عذاب ۽ پري واري گمراهي ۾ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9ۧ
ڇا انهن نه ڏٺو ان کي جيڪو انهن جي مٿان آسمان آهي ۽ جيڪا انهن جي هيٺان زمين آهي، ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته انهن کي زمين ۾ ڳِهرايون يا اسين انهن تي آسمان جو ٽڪرو ڪيرائي ڇڏيون، بيشڪ انهيءَ ۾ هر فرمانبردار ٻانهي لاءِ نشاني آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۙ10
۽ بيشڪ اسان پنهنجي طرفان (حضرت) داؤد کي ڀَلائي (نبوت) عطا ڪئي. اي جَبَلَ، ۽ اي پرندؤ توهان ان سان گڏ مون ڏانهن موٽو ۽ اسان لوهه کي ان لاءِ نرم ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 11
تون ان مان زِرهون تيار ڪر ۽ تون ان ۾ ڪُنڊا مناسب جاءِ تي هڻ ۽ توهان سڀ نيڪ عمل ڪريو، بيشڪ آئون توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ 12
۽ (حضرت) سليمان لاءِ اسان هوا کي مسخر بنايو اها هوا صبح جي وقت هڪ مهيني ۽ شام جي وقت هڪ مهيني جو سفر طئي ڪندي هئي، ۽ اسان ان لاءِ پگھريل ٽامي جو چشمون جاري ڪيو، ۽ جِنّ ان جي اڳيان الله جي حڪم سان ڪم ڪندا هئا ۽ انهن جِنن مان جنهن اسان جو حڪم نٿي مڃيو اسان ان کي ڀڙڪندڙ باه جو عذاب چکايو ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ 13
جِنّ، (حضرت) سليمان لاءِ سندس پسند موجب وڏا قلعا ۽ وڏيون تصويرون ۽ وڏا پيالا تلائن جيڏا ۽ وڏيون فِٽ ٿيندڙ ديڳون تيار ڪندا هئا، آلِ داؤد توهان عملاً شڪرگذار ٿيو، ۽ منهنجا ٿورڙا ٻانها عملي طرح شڪرگذار آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ۭ14
پوءِ جڏهن اسان سليمان ڏانهن موت موڪليو ته انهن (جِنن) کي اها خبر ڪنهن نه ٻڌائي مگر اُڏوهي جنهن (حضرت) سليمان جي لٺ کي کاڌو. پوءِ جڏهن (حضرت) سليمان زمين تي آيو جِنن کي معلوم ٿيو ته ڪاش جيڪڏهن اهي غيب ڄاڻن ها ته انهي خواريءَ واري عذاب ۾ نه رهن ها
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ 15
بيشڪ سبا (قبيلي) وارن جي پراڻين جاين ۾ (قدرت جي) نشاني آهي. ٻه باغ ساڄي ۽ کاٻي پاسي هئا. (اسان فرمايو) توهان پنهنجي رب جو رزق کائو ۽ ان جا شڪرگذار ٿيو، شهر پاڪ آهي ۽ رب (انهن تي) مهربان آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ 16
پوءِ انهن ڪفر ڪيو پوءِ اسان انهن تي ٻوڏ موڪلي ۽ ٻن باغن جي عيوض اسان انهن کي ٻه باغ ڏنا (جيڪي ٻئي) کبڙن ۽ لَيُن جا هئا ۽ ڪجھه انهن ۾ ٻيرون به هيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ 17
اها سزا انهن کي اسان سندن ڪفر جي ڪري ڏني، ۽ اسين ڪافرن کي اهڙي طرح جزا ڏيندا آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ 18
۽ اسان انهن (سبا وارن) ۽ شام وارن جي وچ ۾ ظاهراً ڪيترائي ڳوٺ ۽ ڪيتريون ئي منزلون مقرر ڪيون آهن، توهان ان ۾ راتين جو ۽ ڏينهن جو امن سان سير ڪريو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 19
پوءِ انهن چيو اي اسان جا رب اسان جا سفر پري ڪر ۽ انهن پنهنجو پاڻ ظلم ڪيو، پوءِ اسان انهن جون ڳالهيون (پوين لاءِ عبرت) ڪيون ۽ اسان انهن جي ڳوٺن کي جدا ڪيو، بيشڪ انهيءَ ۾ هر وڏي صابر ۽ شاڪر لاءِ نشانيون آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 20
۽ بيشڪ انهن تي ابليس جو گمان سچو ٿيو پوءِ انهن انجي تابعداري ڪئي مگر مؤمنن مان هڪ فريق (تابعداري نه ڪئي)
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي