033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اي رسولِ عربي توهان تقويٰ تي ثابت قدم رهو ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي ڪا به نه ٻُڌو، بيشڪ الله تعالى علم رکندڙ حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
۽ توهان وحي رباني جي تابعداري ڪريو، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
۽ رسولِ عربي توهان الله تعالى تي توڪل ڪريو، ۽ الله تعالى بهترين ڪارساز آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديمَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
الله تعالى ڪنهن انسان جي سيني ۾ ٻه دليون نه رکايون آهن، ۽ الله تعالى توهان جي گھر وارين کي توهان جون مائرون نه ڪيون آهن جن سان توهان ظِهار ڪريو ٿا (ظهار لفظ جو تفسير هن ريت آهي ته ڪو مرد پنهنجي زال کي چوي ته تون منهنجي لاءِ منهنجي ماءُ وانگر مون تي حرام آهين، شريعت موجب ظهار طلاق ناهي بلڪه جيستائين ان جو ڪفارو ادا نٿو ڪري تيستائين پنهنجي گھر واريءَ کي ويجھو نه ٿيندو. از تفسير مظهري)، ۽ الله تعالى توهان جي نپايل پُٽن کي توهان جو حقيقي پُٽ نه بنايو آهي، اها ته توهان جي زباني ڳالهه آهي، ۽ الله تعالى حق فرمائي ٿو ۽ اهو سنئين رستي تي هلائي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
توهان انهن (نپايل پُٽن) کي سندن پيئرن جي نالي سان سڏيو، اهو الله تعالى وٽ بلڪل صحيح آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن جي پيئرن کي نٿا ڄاڻو، پوءِ اهي توهان جا ديني ڀاءُ ۽ توهان جا سؤٽ آهن، ۽ جيڪا توهان (هن کان اڳ) غلطي ڪئي ان جو توهان تي ڪو گناه ناهي، گناه ته عمداً دلي ارادي سان ڪيل عمل جو ٿئي ٿو، ۽ الله تعالى گهڻو بخش ڪندڙ ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
رسولِ عربي (دين ۽ دنيا جي سڀني ڪمن ۾) مؤمنن کي سندن جان کان وڌيڪ حقدار ۽ قريب آهي ۽ رسولِ عربيءَ جون گھر واريون مؤمنن جون مائرون آهن، ۽ سندن رشتيدار لوحِ محفوظ ۾ ٻين مؤمنن ۽ مهاجرن جي به نسبت هڪ ٻئي کي وڌيڪ قريب آهن، مگر توهان پنهنجي دوستن سان (ورثي ۾) ڪا نيڪي ڪريو. اها ڳالهه لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ رسولِ عربي توهان اهو وقت ياد ڪريو جڏهن اسان نبين کان ميثاق (پڪو وعدو) ورتو ۽ توهان کان ۽ (حضرت) نوح کان ۽ (حضرت) ابراهيم کان ۽ (حضرت) موسيٰ ۽ (حضرت) عيسيٰ بن مريم کان، ۽ اسان انهن کان مضبوط ميثاق ورتو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
ته پيغمبرن کان (رسالت جي تبليغ بابت) ضرور سوال پڇيو ويندو، ۽ الله تعالى، ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي مؤمنو! توهان الله تعالى جون اهي نعمتون ياد ڪريو جيڪي ان توهان تي ڪيون آهن جنهن وقت توهان وٽ (ڪافرن جو) لشڪر آيو پوءِ اسان انهن تي طوفان ۽ اهو لشڪر (ملائڪن جو) موڪليو جيڪو توهان نه ڏٺو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
جنهن وقت (لشڪر) توهان جي مٿئين ۽ هيٺئين پاسي کان آيو ٿي ۽ ان وقت (توهان جون) اکيون هيٺ ٿي ويون ۽ دليون گَلن تائين پهتيون ۽ توهان الله تعالى بابت (اميد ۽ نااميد) جا گمان ڪرڻ لڳا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
ان جاءِ تي مؤمنن کان امتحان ورتو ويو ۽ کين سخت پريشان ٿيڻو پيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
۽ ان وقت منافق ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ مرض هو انهن چيو ته الله ۽ الله جي رسول اسان سان فتح جو ڪوڙو وعدو ڪيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
۽ جنهن وقت انهن مان هڪ گروه چيو تي اي مدينه جا رهاڪو هتي توهان جي جاءِ ناهي پوءِ توهان موٽي وڃو، ۽ انهن مان هڪڙي فريق (منافق) رسولِ عربي کان اجازت وٺن ٿا، چون ٿا ته بيشڪ اسان جا گھر اڪيلا آهن، ۽ سندن گهر اڪيلا ناهن، اهي (جهاد کان) فرار ٿيڻ چاهين ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
۽ جيڪڏهن مدينه منوره جي طرف کان انهن تي لشڪر اچي ها ان کان پوءِ اهي انهن کان ڪفر چاهن ها ته ضرور ايئن ڪن ها ۽ نه رهيا مدينه ۾ مگر ٿوري دير
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
۽ بيشڪ انهيءَ کان اڳ ۾ اهي الله تعالى سان وعدو ڪري چُڪا هئا ته پُٺي ورائي ڪو نه ڀڄندا، ۽ الله تعالى سان ڪيل وعدي جي پڇا ڪئي ويندي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
رسولِ عربي توهان فرمايو توهان کي فرار ٿيڻ هرگز فائدو نه ڏيندو، جيڪڏهن توهان موت يا قتل کان ڀڄندا ۽ ان حالت ۾ توهان تمام ٿورو فائدو وٺي سگھو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
رسولِ عربي توهان فرمايو، توهان کي الله تعالى جي حڪم کان ڪير بچائي سگهي ٿو جيڪڏهن اهو توهان لاءِ برائي يا ڀلائي جو ارادو رکي ٿو. ۽ اهي الله تعالى کانسواءِ ڪو دوست ۽ مددگار نٿا لهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
بيشڪ توهان مان الله تعالى انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي جهاد کان روڪين ٿا ۽ اهي پنهنجي ڀائرن کي چون ٿا ته توهان اسان ڏانهن هليا اچو، ۽ اهي جنگ ۾ نٿا اچن مگر ٿورا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
توهان لاءِ اهي سخت بخيل آهن. پوءِ جنهن وقت خوف اچي ٿو ته توهان انهن کي ڏسندا ته اهي پنهنجون اکيون (خوف سببان) ڦيرائيندا، ان ماڻهو وانگر جنهن تي موت اچي ڇانيو هجي، پوءِ جنهن وقت خوف هليو ويندو ته فوراً اهي مالِ غنيمت جي لالچ ۾ پنهنجي زبانن سان توهان کي طعنا هڻندا، انهن ماڻهن ايمان نه آندو، پوءِ الله تعالى انهن جا عمل چٽ ڪري ڇڏيا، ۽ اها ڳالهه الله تعالى لاءِ آسان آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
(اهي منافق) ڀانئن ٿا ڪافرن جو لشڪر اڃان نه ويو آهي. ۽ جيڪڏهن اهو لشڪر ٻِئي دفعي اچي ته اهي ارادو ڪن ٿا ته ڪاش اهي ٻهراڙيءَ ۾ وڃي (امن سان رهن ها) ۽ مدينه مان ايندڙ ماڻهن کان توهان جون خبرون معلوم ڪن ها، ۽ جيڪڏهن اهي توهان ۾ هجن ها ته جنگ نه ڪن ها مگر ٿورڙا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي