032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
الۗمّۗ 1ۚ
الۗمّۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
رب العالمين جي طرفان قرآن ڪريم نازل ڪيل آهي جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
ڇا اهي چون ٿا ته قرآن ڪريم کي رسولِ عربي بنايو آهي، بلڪ اهو توهان جي رب جي طرفان حق آهي ان لاءِ ته توهان ان قوم کي ڊيڄاريو جنهن وٽ توهان کان اڳ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي هدايت حاصل ڪن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
الله تعالى اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪا (مخلوق) انهن جي وچ ۾ آهي (اها) ڇهن ڏينهن ۾ پيدا فرمائي، ان کان پوءِ پاڻ عرشِ عظيم تي رونقِ افروز ٿيو (جيئنڪ سندس شان وٽان آهي) اي مڪه جا ڪافر توهان لاءِ الله کانسواءِ ڪو مددگار ۽ سفارشي ناهي ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
اهو پاڻ هر ڪم جي تدبير آسمان کان زمين تائين فرمائي ٿو ان کان پوءِ هر تدبير سان ڪيل ڪم ان ڏانهن قيامت جي ڏينهن موٽندو جنهن جو مقدار توهان جي حساب موجب هزار (1000) سال آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
اهو غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ، غالب ۽ ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
الله تعالى اهو آهي جنهن هر شيءِ کي سهڻو خلقيو ۽ انسان جي خلقت جي ابتدا مٽيءَ مان ڪئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
ان کان پوءِ ان جو اولاد هڪ نطفي مان پيدا ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
ان کان پوءِ ان کي برابر ڪيو ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ الله تعالى توهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دليون پيدا ڪيون، توهان تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
۽ اهي چون ٿا ڇا اسين جنهن وقت زمين ۾ ملي مِٽي ٿي وينداسين، ڇا بيشڪ اسين (ان وقت) نئين سِر دوباره پيدا ٿينداسين، بلڪ اهي پنهنجي رب جي ملاقات کان انڪار ڪندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان کي ملڪ الموت ماريندو جيڪو توهان لاءِ مقرر ڪيل آهي ان کان پوءِ توهان کي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
۽ ڪاش توهان ان وقت ڏسو ها جو اهي سندن رب جي اڳيان منهن جھڪائي بيٺا هوندا (۽ چوندا) اي اسان جا رب اسان ڏٺو ۽ اسان ٻُڌو پوءِ تون اسان کي (دنيا ڏانهن) موٽاءِ ته اسين نيڪ عمل ڪريون، بيشڪ اسين يقين رکندڙ آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته هر انسان کي هدايت عطا ڪريون، پر اسان جو (هيءُ) قول پورو ٿيڻو آهي جو آئون يقيناً جهنم کي جِنن ۽ انسانن سان ڀريندس
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
پوءِ توهان (عذاب جو) مزو چکو انهيءَ سببان جو توهان هن قيامت جي ڏينهن کي وساري ڇڏيو، بيشڪ اسان توهان کي وساري ڇڏيو ۽ توهان پنهنجي بداعمالي سببان هميشه وارو عذاب چکو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
اسان جي قرآن ڪريم تي فقط اهي ماڻهو ايمان رکن ٿا جو جڏهن انهن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته اهي سجدي ۾ ڪِري پَوَنِ ٿا ۽ پنهنجي رب جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪن ٿا ۽ اهي تڪبر نٿا ڪن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
(اهي) پنهنجا پاسا بسترن کان پري ڪن ٿا (۽) پنهنجي رب کي خوف ۽ طمع مان پڪارين ٿا، ۽ جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
پوءِ ڪو ماڻهو نٿو ڄاڻي جيڪي نعمتون انهن لاءِ مخفي رکيون ويون آهن (اها) سندن عملن جي جزا آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
ڇا پوءِ اهو ماڻهو جيڪو مؤمن آهي اهو ڪافر جهڙو ٿي سگهي ٿو؟! (اهي قطعاً) پاڻ ۾ برابر نٿا ٿين
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
پر اهي ماڻهو جيڪي ايمان آڻن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا پوءِ انهن لاءِ جَنَّتُ المَـ وى آهي. (اها سندن) مهماني آهي انهيءَ سببان جو نيڪ عمل ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
۽ پر اهي ماڻهو جيڪي ڪافر ٿيا پوءِ سندن جاءِ جهنم آهي، جڏهن به ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ کين موٽايو ويندو ۽ انهن کي چيو ويندو ته توهان جهنم جي عذاب جو مزو چکو جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي