031 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 34 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
الۗمّۗ 1ۚ
الۗمّۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
اِهي قرآن حڪيم جون آيتون آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُدًى وَّرَحْــمَةً لِّلْمُحْسِنِيْنَ 3ۙ
(جيڪي) نيڪوڪارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
اُهي ماڻهو جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي ئي آخرت تي يقين رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ عَلٰي هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي پنهنجي رب جي طرفان هدايت تي آهن ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِيْ لَهْوَ الْـحَدِيْثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ ڰ وَّيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 6
۽ ڪي ماڻهو اُهي آهن جيڪي اجاين ڳالهين جا ڪتاب خريد ڪن ٿا، ان لاءِ ته اُهي (ماڻهن کي) بنا علم جي الله جي راه کان گمراه ڪن ۽ انهيءَ کي مذاق ڪري وٺن ٿا، انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا وَلّٰى مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا كَاَنَّ فِيْٓ اُذُنَيْهِ وَقْرًا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 7
۽ جنهن وقت انهيءَ تي اسان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته تڪبر ڪري ٿو گوياڪ ان کي نه ٻُڌائين گوياڪ سندس ٻنهي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي، پوءِ توهان ان کي دردناڪ عذاب جي بشارت ڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتُ النَّعِيْمِ 8ۙ
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا انهن لاءِ بهشت جا باغ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9
هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى جو وعدو حق آهي ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديخَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَـمَدٍ تَرَوْنَهَا وَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَـمِيْدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيْهَا مِنْ كُلِّ دَاۗبَّةٍ ۭ وَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 10
آسمانن کي بنا ٿنڀي جي پيدا ڪيائين جيڪو توهان ڏسو پيا ۽ زمين تي جبل کوڙيائين ته متان توهان کي اها لوڏائي، ۽ زمين ۾ هر قسم جا جاندار پکيڙيا، ۽ اسان آسمان مان مينهن نازل ڪيو، پوءِ اسان انهيءَ مان هر قسم جا خوبصورت سلا پيدا ڪيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديھٰذَا خَلْقُ اللّٰهِ فَاَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقَ الَّذِيْنَ مِنْ دُوْنِهٖ ۭ بَلِ الظّٰلِمُوْنَ فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۧ11
هيءَ الله تعالى جي مخلوق آهي پوءِ توهان مون کي اها تخليق ڏيکاريو جيڪا توهان جي معبودن ڪئي آهي بلڪ ظالم صاف گمراهي ۾ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ اٰتَيْنَا لُقْمٰنَ الْحِكْمَةَ اَنِ اشْكُرْ لِلّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّشْكُرْ فَاِنَّـمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 12
۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت عطا ڪئي ته تون الله تعالى جو شڪر ادا ڪر، ۽ جيڪو ماڻهو شڪر ادا ڪري ٿو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ شڪر ادا ڪري ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو ناشڪري ڪري ٿو، پوءِ بيشڪ الله تعالى بي پرواهه ساراهيل آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذْ قَالَ لُقْمٰنُ لِابْنِهٖ وَهُوَ يَعِظُهٗ يٰبُنَيَّ لَا تُشْرِكْ بِاللّٰهِ ڼ اِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيْمٌ 13
(هن آيت جو مختصر تفسير هن ريت آهي ته جموع العلماءَ اڪرام چون ٿا ته (حضرت) لقمان دانشور ۽ عالم هو ۽ پيغمبر نه هو. از تفسير بيضاوي شريف) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت لقمان پنهنجي پٽ کي چيو ۽ ان انهيءَ کي نصيحت ڪئي ٿي ته اي منهنجا پٽ تون الله تعالى سان شرڪ نه ڪر، بيشڪ شرڪ عظيم ظلم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ ۚ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ وَهْنًا عَلٰي وَهْنٍ وَّفِصٰلُهٗ فِيْ عَامَيْنِ اَنِ اشْكُرْ لِيْ وَلِوَالِدَيْكَ ۭ اِلَيَّ الْمَصِيْرُ 14
۽ اسان انسان کي حڪم ڪيو آهي ته پيءُ ماءُ سان چڱائي ڪري، ان کي سندس ماءُ سختيون برداشت ڪري پنهنجي پيٽ ۾ کنيو ۽ ٻن سالن ۾ ان کي کير ڇڏايو. (اي انسان) تون منهنجو ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جو شڪر ڪر، مون ڏانهن توکي موٽڻو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنْ جَاهَدٰكَ عَلٰٓي اَنْ تُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ ۙفَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِي الدُّنْيَا مَعْرُوْفًا ۡ وَّاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ۚ ثُـمَّ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 15
۽ جيڪڏهن اهي ٻَئي تو تي زور رکن ته تون مون سان شرڪ ڪر جنهنجو توکي علم ناهي پوءِ تون انهن جي تابعداري نه ڪر ۽ دنيا ۾ ماءُ پيءُ سان نيڪي اختيار ڪر. ۽ توهان رسولِ عربي ۽ صحابه ڪرام جي تابعداري ڪريو جيڪي مون ڏانهن موٽيا، ان کان پوءِ توهان کي مون ڏانهن موٽڻو آهي، پوءِ آئون توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏيندس
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰبُنَيَّ اِنَّهَآ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِيْ صَـخْـرَةٍ اَوْ فِي السَّمٰوٰتِ اَوْ فِي الْاَرْضِ يَاْتِ بِهَا اللّٰهُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَطِيْفٌ خَبِيْرٌ 16
(لقمان چيو) اي منهنجا پٽ جيڪڏهن رائي جي داڻي جيتري ڪا برائي هجي پوءِ اها جبل جي هيٺان هجي يا آسمانن ۾ هجي يا زمينن ۾ هجي الله تعالى ان کي آڻيندو، بيشڪ الله تعالى بيحد لطيف (باريڪ بين) ۽ خبردار آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰبُنَيَّ اَقِـمِ الصَّلٰوةَ وَاْمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَانْهَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَاصْبِرْ عَلٰي مَآ اَصَابَكَ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ مِنْ عَزْمِ الْاُمُوْرِ ۚ17
اي منهنجا پٽ تون نماز قائم ڪر ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪر ۽ برائيءَ کان روڪ ۽ توکي جيڪا تڪليف پهچي ان تي صبر ڪر، بيشڪ اهو همت وارن ڪمن مان آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَـمْشِ فِي الْاَرْضِ مَرَحًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـحِبُّ كُلَّ مُـخْـتَالٍ فَـخُــوْرٍ ۚ18
۽ ماڻهن کان (تڪبر جي ڪري) منهن نه ڦير ۽ زمين تي آڪڙ سان نه هَلُ، بيشڪ الله تعالى آڪڙ سان هلندڙن ۽ فخر ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاقْصِدْ فِيْ مَشْيِكَ وَاغْضُضْ مِنْ صَوْتِكَ ۭ اِنَّ اَنْكَرَ الْاَصْوَاتِ لَصَوْتُ الْـحَمِيْرِ ۧ19
۽ تون پنهنجي هلڻيءَ ۾ پورو پُنو هَلُ ۽ تون پنهنجو آواز آهستي ڪر، بيشڪ آوازن مان سڀ کان وڌيڪ خراب آواز گڏهه جو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَلَمْ تَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ سَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَاَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهٗ ظَاهِرَةً وَّبَاطِنَةً ۭ وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 20
ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى توهان لاءِ اهي شيون مُسخر ڪيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن ۽ توهان تي پنهنجون ظاهري ۽ باطني نعمتون پوريون ڪيون، ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي الله تعالى بابت علم، هدايت ۽ روشن ڪتاب کانسواءِ جھڳڙو ڪن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي