030 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
الۗمّۗ 1ۚ
الۗمّۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديغُلِبَتِ الرُّوْمُ 2ۙ
رومي شڪست کائي ويا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفِيْٓ اَدْنَى الْاَرْضِ وَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُوْنَ 3ۙ
ويجھڙائي واري زمين ۾ ۽ اهي (رومي) انهي شڪست کان پوءِ عنقريب چند سالن اندر (فارس تي ٻِئي دفعي) غالب ٿيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفِيْ بِضْعِ سِنِيْنَ ڛ لِلّٰهِ الْاَمْرُ مِنْ قَبْلُ وَمِنْۢ بَعْدُ ۭ وَيَوْمَىِٕذٍ يَّفْرَحُ الْمُؤْمِنُوْنَ 4ۙ
انهيءَ کان اڳ ۾ ۽ پوءِ الله جو امر (حڪم) هلي ٿو. ۽ انهيءَ ڏينهن الله تعالى جي مدد سان مؤمن خوش ٿيندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديبِنَصْرِ اللّٰهِ ۭ يَنْصُرُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 5ۙ
اهو جنهنجي چاهي مدد فرمائي ٿو. ۽ اهو ئي غالب ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُخْلِفُ اللّٰهُ وَعْدَهٗ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُوْنَ 6
(اِهو) الله تعالى جو وعدو آهي، الله تعالى پنهنجي وعدي جي خلاف ورزي نٿو ڪري، پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييَعْلَمُوْنَ ظَاهِرًا مِّنَ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ښ وَهُمْ عَنِ الْاٰخِرَةِ هُمْ غٰفِلُوْنَ 7
(اهي مڪه وارا) ظاهراً دنيا جي زندگي (جا ڪم ڪار، تجارت، زراعت وغيره) ڄاڻن ٿا ۽ اهي ئي آخرت کان غافل آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوْا فِيْٓ اَنْفُسِهِمْ ۣ مَا خَلَقَ اللّٰهُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَاِنَّ كَثِيْرًا مِّنَ النَّاسِ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ لَكٰفِرُوْنَ 8
ڇا انهن پنهنجن نفسن (دلين) ۾ اهو نه سوچو ته الله تعالى نه پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪي شيون انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهن مگر حق سان ۽ هڪ مقرر مدي لاءِ. ۽ بيشڪ اڪثر ماڻهو پنهنجي رب جي ديدار کان يقيناً انڪاري آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَانُوْٓا اَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَّاَثَارُوا الْاَرْضَ وَعَـمَرُوْهَآ اَكْثَرَ مِـمَّا عَـمَرُوْهَا وَجَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ ۭ فَـمَا كَانَ اللّٰهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلٰكِنْ كَانُوْٓا اَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُوْنَ 9ۭ
ڇا انهن زمين ۾ سير نه ڪيو آهي؟ پوءِ (اهي) ڏسن ته جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ ۾ هئا ۽ انهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي. جيڪي انهن کان قوت ۾ وڌيڪ هئا ۽ اهي زمين کي کيڙيندا هئا ۽ انهن جون ڄمارون انهن جي ڄمارن کان وڌيڪ هيون ۽ انهن وٽ پيغمبر معجزن سان آيا، پوءِ انهن تي الله تعالى ظلم نه ڪيو پر انهن پنهنجي نفسن تي پاڻ ظلم ڪيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديثُـمَّ كَانَ عَاقِبَةَ الَّذِيْنَ اَسَاۗءُوا السُّوْۗآٰى اَنْ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ وَكَانُوْا بِهَا يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
ان کان پوءِ حد کان وڌيڪ گنهگارن جي پڇاڙي ايئن ٿي جو انهن الله تعالى جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو ۽ اهي انهن سان مذاق ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَللّٰهُ يَبْدَؤُا الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ثُـمَّ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 11
الله تعالى پهريائين مخلوق کي پيدا ڪيو وري مرڻ کان پوءِ زنده ڪندو، ان کان پوءِ ان ڏانهن توهان موٽايا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يُبْلِسُ الْمُجْرِمُوْنَ 12
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي ته مجرم خاموش تي ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ مِّنْ شُرَكَاۗىِٕهِمْ شُفَعٰۗـــؤُا وَكَانُوْا بِشُرَكَاۗىِٕهِمْ كٰفِرِيْنَ 13
۽ انهن لاءِ انهن جا بت نه هوندا جيڪي سندن سفارش ڪن ۽ اهي پنهنجي بتن جو انڪار ڪندڙ هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يَوْمَىِٕذٍ يَّتَفَرَّقُوْنَ 14
۽ جنهن ڏينهن قيامت ٿيندي ان ڏينهن اهي جدا جدا هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُمْ فِيْ رَوْضَةٍ يُّحْبَرُوْنَ 15
پوءِ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا پوءِ اُهي بهشت ۾ تمام گھڻا خوش هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَمَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا وَلِقَاۗئِ الْاٰخِرَةِ فَاُولٰۗىِٕكَ فِي الْعَذَابِ مُـحْضَرُوْنَ 16
۽ پر اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ آخرت جي اچڻ جو انڪار ڪيو پوءِ اهي عذاب ۾ حاضر ڪيل هوندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَسُــبْحٰنَ اللّٰهِ حِيْنَ تُمْسُوْنَ وَحِيْنَ تُصْبِحُوْنَ 17
پوءِ توهان الله تعالى جي نماز پڙهو جنهن وقت توهان مغرب ۽ عشاء ڪريو ٿا ۽ جنهن وقت صبح ڪريو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَهُ الْحَمْــدُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَعَشِـيًّا وَّحِيْنَ تُظْهِرُوْنَ 18
۽ الله تعالى جي تعريف آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ عصر جي وقت (نماز پڙهو) ۽ ان وقت جڏهن توهان ظُهر ڪريو ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييُخْرِجُ الْـحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيِّتَ مِنَ الْـحَيِّ وَيُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ وَكَذٰلِكَ تُـخْرَجُوْنَ ۧ19
اُهو (الله) مُئل مان زنده کي پيدا ڪري ٿو ۽ زنده مان مُئل کي پيدا ڪري ٿو ۽ غيرآباد ٿيڻ کان پوءِ زمين کي آباد ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح توهان اٿاريا ويندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمِنْ اٰيٰتِهٖٓ اَنْ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ اِذَآ اَنْتُمْ بَشَرٌ تَنْتَشِرُوْنَ 20
۽ (حضرت) آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪرڻ ان جي نشانين مان آهي ان کان پوءِ ڪجھه وقت اندر توهان (زمين ۾) پڪڙجي ويا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي