028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
طٰسۗمّۗ 1
طٰسۗمّۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
اِهي قرآن مبين جون آيتون آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھندينَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
اسين (هاڻي) توهان تي موسيٰ ۽ فرعون جي ڳالهه حق سان ان قوم لاءِ پڙهون ٿا جيڪي ايمان رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
بيشڪ فرعون زمين (مصر) ۾ تڪبر ڪيو، ۽ پنهنجي اهل کي شيعو (هڪ گروه) بنايو جنهن انهن مان هڪ جماعت (بني اسرائيل) کي ڪمزور بنايو ٿي، انهن جي پٽن کي ذبح ڪيو ٿي ۽ انهن جي نياڻين کي زنده ڇڏيو ٿي، بيشڪ اهو (فرعون) فسادين مان هو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
اسان فرمايو ته اسان انهن ماڻهن تي احسان ڪريون جيڪي زمين ۾ضعيف هئا ۽ اسان انهن کي امام بنايون ۽ اسان انهن کي وارث بنايون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
۽ اسين انهن کي زمين ۾ مضبوط بنايون ۽ اسان فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر کي انهن مان اهو ڏيکاريو جنهن کان اهي خوف ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
۽ اسان موسيٰ جي والده ڏانهن الهام ڪيو ته تون ان (موسيٰ) کي کير پيار، پوءِ جنهن وقت توکي ان جو خوف ٿئي، پوءِ تون ان کي نيل درياءَ ۾ اُڇلاءِ ۽ تون (ڪو) خوف ۽ ڏک نه ڪر، اسين ان (موسيٰ) کي تو ڏانهن واپس ڪنداسين، ۽ اسين ان کي رسولن مان ڪنداسين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
پوءِ ان (موسيٰ) کي فرعون جي گھر وارن لڌو، نتيجو اهو نڪتو ته اهو سندن دشمن ۽ ڏک جو سبب بنيو. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر گنهگار هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
۽ فرعون جي گھر واري (بيبي آسيه) چيو هيءُ (موسيٰ) منهنجي ۽ تنهنجي اکين جو ٺار ٿيندو، ان کي قتل نه ڪريو، شايد (اهو) اسان کي نفعو ڏي يا اسين ان کي پٽ بنايون، ۽ اهي نه ٿي سمجھيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
۽ صبح جي وقت موسيٰ جي ماءُ جي دل ۾ بي قراري پيدا ٿي، بيشڪ ويجھو هو جو اُها اِهو راز ظاهر ڪري ها جيڪڏهن اسين سندس دل مضبوط نه ڪريون ها، ان لاءِ ته اها يقين ڪندڙن مان ٿي پئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
۽ (حضرت) موسيٰ جي والده، (حضرت) موسيٰ جي ڀيڻ کي چيو ته موسيٰ جي خبرچار معلوم ڪر، پوءِ ان موسيٰ کي پري کان ڏٺو ۽ اهي بي خبر هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
۽ اسان پهرين کان موسيٰ تي دَائِيُنِ جو کير پيئڻ ممنوع ڪري ڇڏيو، پوءِ (سندس ڀيڻ) چيو ڇا آئون توهان کي اهڙي گھر وارن جو ڏس نه ڏيان جيڪي انهي ٻار کي سنڀالن ۽ اهي انهيءَ لاءِ خيرخواه هجن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
پوءِ اسان موسيٰ کي ان جي ماءُ ڏانهن موٽايو ان لاءِ ته سندس نيڻ ٺَرَن ۽ پاڻ ڏک نه ڪري ۽ کيس معلوم ٿئي ته بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي، پر اڪثر ماڻهو انهن مان نٿا ڄاڻن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
۽ جڏهن (حضرت موسيٰ) پنهنجي جواني کي پهتو ۽ سندس سمجھه مڪمل ٿي، اسان ان کي نبوت ۽ علم عطا ڪيو ۽ اهڙي طرح اسين نيڪوڪارن کي جزا ڏيون ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
۽ (حضرت موسيٰ) ان وقت شهر ۾ داخل ٿيو جڏهن اتي جا رهاڪو ٻِنپهرن جي ننڊ ۾ هئا. پوءِ پاڻ ان شهر ۾ ٻن ماڻهن کي وڙهندي ڏٺو، (انهن مان هڪ) سندس گروه جو هو ۽ ٻيو سندس دشمنن مان هو، پوءِ سندس گروه واري موسيٰ کان پنهنجي دشمن لاءِ مدد گھري، پوءِ موسيٰ ان کي ٺونشو هنيو پوءِ سندس ڪم پورو ڪيائين، موسيٰ چيو هي شيطاني ڪم آهي، بيشڪ اهو دشمن ۽ صاف گمراه ڪندڙ آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون پنهنجي نفس تي زيادتي ڪئي آهي پوءِ تون مون کي بخش ڪر پوءِ الله تعالى کيس بخش فرمايو، بيشڪ اهو ئي بخشيندڙ ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
(حضرت) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب تو مون تي نعمت ڪئي آهي پوءِ آئون هرگز مجرمن جو مددگار نه ٿيندس
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
پوءِ موسيٰ شهر ۾ صبح تائين ڊپ سان انتظار ڪيو، پوءِ موسيٰ اوچتو ان ماڻهو کي ڏٺو ته دانهون ڪري رهيو هو جنهن کانئس ڪالهه مدد ورتي هئي، موسيٰ ان کي چيو بيشڪ تون يقيناً صاف گمراه آهين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
پوءِ جڏهن موسيٰ ان ماڻهو کي پڪڙڻ جو ارادو ڪيو جيڪو انهن ٻنهيءَ جو دشمن هو (سندس گروه واري) چيو اي موسيٰ ڇا تون مون کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪرين ٿو جيئنڪ ڪالهه تو هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو هو، تون ته زمين ۾ ڏاڍائي ڪندڙ آهين، ۽ تون اصلاح جو ارادو نٿو رکين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
۽ شهر جي پاسي کان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو، اهو چوڻ لڳو اي موسيٰ بيشڪ مقتول جا وارث توهان کي قتل ڪرڻ جو مشورو ڪري رهيا آهن، توهان (فوراً) نڪري وڃو بيشڪ آئون توهان کي نصيحت ڪندڙ آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي