027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
طس. هي قرآن ڪريم ۽ ڪتاب مبين جون آيتون آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
(جيڪي) مؤمنن کي هدايت ۽ مبارڪ ڏيندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
(اهي مؤمن) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي ئي آخرت تي يقين رکن ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻن ۽ اسان سندن بداعمالي سندن نظرن ۾ سينگاري آهي پوءِ اهي حيران ٿين ٿا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ سخت عذاب آهي. ۽ اهي ئي آخرت ۾ وڌيڪ نقصان وارا آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
۽ رسولِ عربي بيشڪ توهان تي الله تعالى جي طرفان قرآن ڪريم نازل ڪيو وڃي ٿو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت موسيٰ پنهنجي بيبي کي چيو ته بيشڪ مون کي هڪ باه ڏسڻ ۾ اچي ٿي، آئون جلدي توهان لاءِ اتان ڪا خبر آڻيان ٿو يا (اتان) توهان لاءِ ڪو ٻرندڙ ٽانڊو آڻيان ته من توهان ان سان سيءُ لاهيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
پوءِ جڏهن باه کي ويجھو پهتو ته کيس آواز ڏنو ويو ته جيڪو باه ۾ آهي ۽ جيڪي باه جي چوڌاري آهن اهي بابرڪت آهن، الله تعالى پاڪ آهي جيڪو رب آهي جهانن جو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندييٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي موسيٰ بيشڪ آئون اهو الله آهيان جيڪو غالب حڪمت وارو آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ تون پنهنجي لٺ کي اڇلاءِ، پوءِ جڏهن موسيٰ ان کي ڏٺو ته چُري پُري پئي گوياڪ اها لٺ وڏو نانگ آهي ته پاڻ پُٺ ورائي روانو ٿيو ۽ پُٺي ورائي نه ڏٺو، الله تعالى فرمايو اي موسى تون خوف نه ڪر، بيشڪ مون وٽ رسولن کي خوف نٿو ٿئي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
مگر جنهن کان ڪا لغزش ٿي ان کان پوءِ برائي کي نيڪيءَ سان تبديل ڪيائين، پوءِ بيشڪ آئون غفور رحيم آهيان
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ تون پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجھه ته اهو بنا ڪنهن عيب جي نهايت سفيد ۽ جھرڪندڙ ٿي نڪرندو (اهي) نَوَ (9) معجزا آهن جيڪي فرعون ۽ سندس قوم لاءِ آهن، بيشڪ اها گنهگار قوم آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ جڏهن انهن وٽ صاف معجزا پهتا ته اهي چوڻ لڳا هيءُ صاف جادو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ انهن ان جو زباني انڪار ڪيو حالانڪ سندن دلين کي يقين هو اهو انڪار ڪرڻ ظلم ۽ تڪبر جي ڪري هو، پوءِ رسولِ عربي توهان ڏسو ته فسادين جي پڇاڙي ڪهڙي طرح ٿئي ٿي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
۽ بيشڪ اسان (حضرت) داؤد ۽ (حضرت) سليمان کي علم عطا ڪيو، ۽ ٻنهي چيو سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن اسان کي پنهنجي گھڻن مؤمنن ٻانهن کان ڀلو ڪيو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ (حضرت) سليمان (علم ۽ نبوت ۾) (حضرت) داؤد جو وارث ٿيو ۽ (حضرت) سليمان چيو اي انسانو اسان کي پکين جي ٻولين جو علم سيکاريو ويو آهي ۽ اسان کي هر شيءِ عطا ڪئي وئي آهي. بيشڪ هيءُ ظاهر بظهور احسان آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
۽ سليمان لاءِ جِنن ۽ انسانن ۽ پکين مان (هڪ عظيم الشان) لشڪر گڏ ڪيو ويو پوءِ اهي نظم و ضبط سان هلندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديحَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
ايستائين جو اهي ماڪوڙي (ڪِيلِ) جي واديءَ ۾ پهتا، ماڪوڙي چيو اي ماڪوڙيون توهان پنهنجي گھرن ۾ وڃو، متان سليمان ۽ سندس لشڪر بي سمجھي ۾ توهان کي چِپي ڇڏي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
پوءِ (حضرت) سليمان ان جي ڳالهه ٻُڌي تبسم فرمائي کِليو ۽ چيائين اي منهنجا رب تون مون کي توفيق عطا ڪر ته آئون تنهنجي نعمتن جو شڪرگذار ٿيان جيڪي تو مون تي ۽ منهنجي والدين تي ڪيون آهن. ۽ آئون اهڙو نيڪ عمل ڪريان جنهن کان تون راضي ٿئين ۽ تون مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ داخل فرماءِ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
۽ سليمان پکين جو حال احوال معلوم ڪيو پوءِ چيائين ڇا ڳالهه آهي جو آئون هدهد کي نٿو ڏسان، ڇا واقعي اهو موجود ناهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي