026 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 227 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
بيان الرحمان
مُترجم: علامه عبدالوحيد جان سرھندي
طٰسۗمّۗ 1
طٰسۗمّۗ
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
اهي قرآن مبين جو آيتون آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ 3
اهي (ڪافر) ايمان نٿا آڻين توهان انهيءَ ڏک سببان شايد پنهنجي وجود مبارڪ کي ختم ڪري ڇڏيو
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ اٰيَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ لَهَا خٰضِعِيْنَ 4
جيڪڏهن اسين چاهيون ته انهن جي مٿان آسمان مان ڪا نشاني موڪليون، پوءِ انهن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جھڪيل رهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا عَنْهُ مُعْرِضِيْنَ 5
۽ نٿي اچي انهن وٽ الله جي طرفان ڪا نئين نصيحت، مگر اهي (ڪافر) ان کان انڪار ڪندڙ آهن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَيَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 6
پوءِ بيشڪ انهن ڪوڙو سمجھو (رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم کي) پوءِ انهن وٽ جلد اهي خبرون اينديون جن سان اهي مذاق ڪندا هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الْاَرْضِ كَمْ اَنْۢبَـتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 7
ڇا انهن زمين ڏانهن نه ڏٺو ته اسان ڪيترن قسمن جا وڻندڙ سلا ان ۾ پيدا ڪيا
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً ۭ وَمَا كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي. ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 9ۧ
۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَاِذْ نَادٰي رَبُّكَ مُوْسٰٓي اَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۙ10
۽ ياد ڪريو توهان اي حبيب ! جنهن وقت توهان جي رب موسيٰ کي حڪم ڪيو ته تون ظالم قوم وٽ وڃ،
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَوْمَ فِرْعَوْنَ ۭ اَلَا يَتَّقُوْنَ 11
(يعنى) فرعون جي قوم ڏانهن، ڇا اهي نٿا ڊڄن؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ رَبِّ اِنِّىْٓ اَخَافُ اَنْ يُّكَذِّبُوْنِ ۭ12
موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون کي خوف آهي ته اهي مون کي ڪوڙو سمجھندا
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَيَضِيْقُ صَدْرِيْ وَلَا يَنْطَلِقُ لِسَانِيْ فَاَرْسِلْ اِلٰى هٰرُوْنَ 13
۽ (ان سان) منهنجو سينو تنگ ٿيندو ۽ منهنجي زبان (اٽڪ سببان) نٿي هلي پوءِ تون هارون کي پيغمبر ڪر (جيڪو تبليغ ۾ منهنجي مدد ڪري)
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنْۢبٌ فَاَخَافُ اَنْ يَّقْتُلُوْنِ ۚ14
۽ انهن جو مون تي هڪ قتل جو الزام آهي پوءِ مون کي خوف ٿئي ٿو ته متان اهي مون کي قتل ڪن
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ كَلَّا ۚ فَاذْهَبَا بِاٰيٰتِنَآ اِنَّا مَعَكُمْ مُّسْتَمِعُوْنَ 15
الله تعالى فرمايو، توکي اهي قتل نه ڪندا، پوءِ توهان ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو بيشڪ اسين توهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديفَاْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُوْلَآ اِنَّا رَسُوْلُ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۙ16
پوءِ توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو پوءِ توهان چئو ته بيشڪ اسين رب العالمين جا پيغمبر آهيون
— علامه عبدالوحيد جان سرھندياَنْ اَرْسِلْ مَعَنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ ۭ17
تون اسان سان گڏ بني اسرائيل کي وڃڻ ڏي
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ اَلَمْ نُرَبِّكَ فِيْنَا وَلِيْدًا وَّلَبِثْتَ فِيْنَا مِنْ عُمُرِكَ سِـنِيْنَ ۙ18
فرعون چيو (اي موسيٰ) ڇا اسان توکي ننڍ پڻ ۾ پاڻ وٽ نپايو نه هو؟ ۽ تو اسان وٽ پنهنجي عمر جا گھڻا سال نه گذاريا هئا؟
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديوَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِيْ فَعَلْتَ وَاَنْتَ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ 19
۽ تو هڪ انسان (قبطي قبيلي واري) کي قتل نه ڪيو هو ۽ تون ناشڪرن مان آهين
— علامه عبدالوحيد جان سرھنديقَالَ فَعَلْتُهَآ اِذًا وَّاَنَا مِنَ الضَّاۗلِّيْنَ ۭ20
(حضرت) موسيٰ چيو برابر اهو ڪم مون ڪيو پر آئون ان وقت بي خبر هُئُسِ
— علامه عبدالوحيد جان سرھندي